Posts

Showing posts with the label Faiza kandhro

Problems of Sindh Growers :Faiza Kandhro

Some figures facts and examples are needed. Its too general Problems of Sindh Growers Faiza Kandhro MA Article فائزه ڪانڌڙو سنڌ ۾ آبادگارن جا اڀريل مسئلا. فائزه ڪانڌڙو_ايم اي. 1947 کان دنيا جي نقشي تي اڀريل پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن جيان هڪ زراعت جي ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.هن ملڪ جي معشيت جو دارومدار گهڻي ڀاڱي زراعت تي آهي.ٻين صوبن جيان سنڌ به زرعي معيشيت تي ڀاڙيندڙ صوبو آهي.صوبي جي ماڻهن  جي وڏي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهي ٿي،سندن گذر سفر جو وڏي ۾ وڏو ذريعو زراعت ۽ پنهنجو چوپايو مال آهي.چوڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ واسين جي خوشحالي توڙي ترقي زراعت جي بهتري سان لاڳاپيل آهي.پر افسوس اڄ ڪلهه پاڻي جي کوٽ، پاڻي چوري ٿيڻ، ٻج جو سڪي وڃڻ، پاڻي جي کوٽ سبب وقت جي مناسبت سان پوکائي نه ٿيڻ جهڙا مسئلا عام هاري ناري سان گڏوگڏ اتي جي رهواسين لاء موت ۽ زندگي جي علامتن منجهان هڪ آهن،جنهن جو اندازو وقت بوقت روڊن تي ٿيندڙ آبادگارن جي احتجاجن مان لڳائي سگهجي ٿو. هارين ۽ آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا مسئلا به سدائين درپيش هوندا آهن.نتيجي ۾ وياجي ماڻهن کان پئسا وٺي ٻيجاري توڙي ڀاڻ جو بندو...

هڪ جهان جديديت ڏانهن_فائيزه ڪانڌڙو

هڪ جهان جديديت ڏانهن.                   فائزه ڪانڌڙو_ايم اي_08            تعليم هر فرد جو بنيادي شرستو آهي. دنيا جي ڏاهن ماڻهن جا قول معاشري ۾ هر هنڌ مختلف مرحلن ۾ رهنمائي جو سبب بڻجندا رهيا آهن.تعليم جي حوالي سان به مختلف دانشورن جا مختلف قول ماڻهن جي روحن جي گلين ۾ پيا لامارا ڏيندا آهن.ائين ئي هڪ قول اهو به رهيو آهي ته ڪنهن قوم کي   تباهه ڪرڻو هجي ته ان لاء هٿيار هٿ ڪرڻ جي ضرورت ناهي بس ان جي تعليمي باب کي تالا هڻي ڇڏيو.انهي تعليمي ڪاروان جي حوالي سان جيڪڏهن سنڌ ڌرتي تي پنهنجي نت نئي سوچ سان سڃاڻپ رکندڙ املهه ماڻهن جي ڪردار جي ڳالهه ڪجي ته اهي به ڪافي حد تائين اثرائتا ثابت ٿيندا. لياقت ٽائون کان مير ڪالوني تائين روز ڪيترن ئي نظارن کي پنهنجي نگاهن جو مرڪز بڻائيندي ٽنڊو ڄام جي هر تعليمي ادارن جو سفر پنهنجي قدمن جي آهٽن   ۾ پورو ڪيو آهي. پر شهر جي روحاني حسن توڙي معياري تعليم کي هر نت ۽ نواڻ سان پورو ڪندڙ ڊان اڪيڊمي جو نالو ٻين ادارن کان نرالو ۽ ...

اميراڻي مزاج ۾ سادي سودي زندگي (محمد هاشم ڪانڌڙو) فائزه ڪانڌڙو

اميراڻي مزاج ۾ سادي سودي ۽ شريفاڻه زندگي گذاريندڙ شخصيت (محمد هاشم ڪانڌڙو) فائزه ڪانڌڙو_ايم اي_08 Faiza Kandhro  سنڌي ۾ عظيم چوڻي آهي ته محنت ۾ وڏي عظمت آهي.اهڙن انسانن جي حياتي انسانيت جي لاء ڇپر ۽ ڇانورو بڻيل هوندي آهي.ان ڪري انهن جا ناء هر هانوء ۾ هرندا آهن ۽ موت انهن جي شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو نه ڪري سگهندو آهي. محمد هاشم ڪانڌڙي 30 مارچ 1964 ۾ ضلعي ميهڙ جي ڳوٺ گهنورآباد ۾ جنم ورتو.شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين.وڌيڪ تعليمي سندون وٺڻ لاء لاڙڪاڻي ضلعي جي نصيرآباد شهر ۾ نڪتو.والد سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم به سنڀاليو، پڙهائي ۾ به دلچسپي ۽ جدوجهد حوصلن کر بلند ڪيو.گورنمينٽ ڪاليج هيراآباد مان انٽر جو امتهان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي شماريات ۾ داخلا رتائين.بي ايس سي کان ايم ايس سي آنرس تائين پهرين پوزيشن پنهنجي نالي ڪندو رهيو، پڙهائي سان گڏوگڏ سماجي تنظيمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ هڪ سماجي اڳواڻ طور به سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو.ان کانپوء سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ جي ايس ٽي جي عهدي تي نافذ ٿيو. جنهن انجي جيء ۾ هڪ ن...

هاشم ڪانڌڙو profile

Image
It is not composed in word proper format. Can not be edited Referred back. Plz recompose it and send it again till August 20  اميراڻي مزاج ۾ سادي سودي ۽ شريفانه زندگي گذاريندڙ شخصيت ( محمد هاشم ڪانڌڙو ) فائزه ڪانڌڙو _ ايم اي _08 سنڌي ۾ عظيم چوڻي آهي ته محنت عظمت آهي . اهڙن انسانن جي حيات انسانيت لاء ڇپر ۽ ڇانوء هوندي آهي . انڪري انهن جا ناء هر هانوء ۾ هرندا آهن ۽ موت انهن جي شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري نه سگهندو آهي . محمد هاشم ڪانڌڙي 30 مارچ 1964 تي ضلعي ميهڙ جي ڳوٺ گهنورآباد ۾ جنم ورتو . شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين،وڌيڪ تعليم جي سند ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نصيرآباد ۾ حاصل ڪئي . والد سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم به سنڀاليو . پڙهائي ۾ دلچسپي ۽ جدوجهد جي حوصلن کي بلند ڪيو . گورنمينٽ ڪاليج هيرآباد مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي شماريات ۾ داخلا ورتائين . بي ايس سي ۽ ايم ايس سي آنرز تائين پهرين پوزيشن ماڻيندو رهيو . پڙهائي سان گڏ...