اڳيان هلي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ڪيئن هوندا؟ سرويچ حيدر اوڍو
Is this approved topic/ 600 plus words are required. Observe paragraphing No specific angle is in the piece Sarwaich Odho جيئن ته موجوده دور ۾ اسان وٽ ڪمپيوٽر اڃان ايترو عام نه ٿيو آهي. ترقي يافته ملڪن يا پوءِ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ٿيو آهي پر تنهن هوندي به ان قسم جا ترورا نظر اچن ٿا ته مستقبل ۾ سنڌي شاگرد ۽ ڊاڪٽر، اديب اسڪالر توڙي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٽيڪنالاجي پيدا ڪرڻ ۾ کڻي ماهر نه به هجن پر هو سٺي ٽيڪنالاجي سان محبت ضرور ڪن ٿا. جيئن گشتي فون (موبائيل فون ) جو مثال اسان جي اڳيان آهي ته ڪيئن سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل ماڻهن سان گڏ هڪ اڻپڙهيل ماڻهو ڳوٺن ۾ پڻ موبائيل استعمال ڪن ٿا اڄ جڏهن ٽيليوزن هر گھر ۾ عام ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو گھر ويٺي تفريحي ۽ تعليمي سلسلا ڏسن پيا. پر ٽيليوزن معلومات (انفارميشن ) جو سادو طريقو آهي. جنهن ۾ اسين فقط معلومات حاصل ڪندا آهيون . پر ان ۾ پنهنجي مرضي مطابق ڪا به تبديلي نه ٿا ڪري سگھون. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ يورپ ۾ ٽيليوزن جا پروگر...