اڳيان هلي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ڪيئن هوندا؟ سرويچ حيدر اوڍو
Is this approved topic/
600 plus words are required. Observe paragraphing
No specific angle is in the piece
600 plus words are required. Observe paragraphing
No specific angle is in the piece
Sarwaich Odho
جيئن ته موجوده دور ۾ اسان وٽ ڪمپيوٽر اڃان ايترو عام نه ٿيو آهي. ترقي يافته ملڪن يا پوءِ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ٿيو آهي پر تنهن هوندي به ان قسم جا ترورا نظر اچن ٿا ته مستقبل ۾ سنڌي شاگرد ۽ ڊاڪٽر، اديب اسڪالر توڙي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٽيڪنالاجي پيدا ڪرڻ ۾ کڻي ماهر نه به هجن پر هو سٺي ٽيڪنالاجي سان محبت ضرور ڪن ٿا. جيئن گشتي فون (موبائيل فون ) جو مثال اسان جي اڳيان آهي ته ڪيئن سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل ماڻهن سان گڏ هڪ اڻپڙهيل ماڻهو ڳوٺن ۾ پڻ موبائيل استعمال ڪن ٿا اڄ جڏهن ٽيليوزن هر گھر ۾ عام ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو گھر ويٺي تفريحي ۽ تعليمي سلسلا ڏسن پيا. پر ٽيليوزن معلومات (انفارميشن ) جو سادو طريقو آهي. جنهن ۾ اسين فقط معلومات حاصل ڪندا آهيون . پر ان ۾ پنهنجي مرضي مطابق ڪا به تبديلي نه ٿا ڪري سگھون. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ يورپ ۾ ٽيليوزن جا پروگرام ڏسندڙن جي مرضي مطابق هلندا آهن ۽ اتي ڏسندڙ پروگرام ۾ سڌا سنوان شامل هوندا آهن. آمريڪا جي ڪيترن ئي يونيورسٽيز ۾ پنهنجي ايف ايم ريڊيوز سان گڏ پنهنجا ٽي وي چينل پڻ آهن ، جيڪي عام ماڻهن ۾ تعليم سان گڏ معلومات پڻ مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ هڪ معاهدي تي صحيون ٿيون آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ توڙي وائرليس سسٽم ذريعي تعليمي پروگرام رٿيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجھه انٽر نيشنل ڪمپنيز سان گڏ (پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي) (پي. ٽي. اي ) پڻ مدد ڪندي ان جي شروعات جيتوڻيڪ پنجاب کان ٿي چڪي آهي پر جيڪڏهن اسان جا ادارا ٿوري همت ڪن ته اسين سنڌ لاءِ پڻ ساڳيو پروگرام شروع ڪرائي سگھون ٿا جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي ته اسين ٽيليوزن جو طريقو استعمال ڪري رهيا آهيون اهو آهي سادو معلوماتي طريقو . پر اسين ويب سائيٽس به استعمال ڪندا آهيون، جيڪي في الحال ته ويب سائيٽس آهن پر ڪجھ ئي وقت ۾ اهي ويب سائِٽس ويب سروسز ۾ تبديل ٿيڻ واريون آهن يعني اسين ساڳي ئي ويب سائيٽس استعمال ڪري ان ۾ تبديلي پڻ ڪري سگھنداسين، جيئن اسين عام دڪانن ۽ ڪارخانن تي ڪندا آهيون. ان کان علاوه ٽيليوزن تي هلندڙ پروگرام ۾ اسين گھر ويٺي شامل هونداسين ان کان علاوه جيڪو ڪمپيوٽر اڄ اسين گھر ۽ آفيس کان ٻاهر ڪڍي نٿا سگھون، اسان وٽ ليپ ٽاپ ته آهي پر اهو محدود تعداد ۾ استعمال ٿئي پيو پر ويجھو مستقبل ۾ سڄي جو سڄو انٽرنيٽ گشتي طور تي استعمال ٿيندو جنهن ۾ اسين هر قسم جي گھربل معلومات ڪتابن کان وٺي مارڪيٽ ۽ ٽيليوزن کان وٺي هوٽلز ڄڻ ته هڪ لڙيءَ ۾ پوئيل نظر اينديون پر اسان کي صرف ڪرڻو اهو پوندو ته اسين انٽرنيٽ تي وڌ کان وڌ سنڌي استعمال ڪيون. جيتري هن وقت اسين اردو ۽ انگريزي استعمال ڪيون ٿا اسان کي اوتري سنڌي استعمال ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اڳيان اچڻ وارو دور صرف ئي صرف ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو دور آهي ، جنهن قوم وٽ ٻولي زنده رهندي اها قوم زنده رهندي . پوئين زماني ۾ جنهن ٻولي جو ادب سٺو هوندو سا ٻولي شاهوڪار سمجھي ويندي هئي ، پر هاڻي ان سلسلي ۾ اليڪٽرانڪ تعليم توڙي اسان جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽس ۽ اسان جي آءِ ٽي ماهرن کي هنگامي بنياد تي قدم کڻڻان پوندا، ڇاڪاڻ ته اڄڪلھه پبلشنگ انٽرنيٽ تي ڏاڍي مضبوط ٿي رهيو آهي جيڪا ڪجھه ئي وقت ۾ ٿي سگھي ٿو ته پني جو موت ثابت ٿئي. اسان وٽ ته هن مهل جي صورتخطي جو ڪي بورڊ ته موجود آهي پر اهو صرف ماجد ڀرڳڙيءَ وارو آهي باقي ٻيا ماهر ڇا ٿا ڪن ، ان کان علاوه ويجھي وقت ۾ ڪي بورڊ به ختم ٿيڻ وارو آهي ان جڳهه تي ٽچ اسڪرين ٽيڪنالاجي جڳهه ولارڻ واري آهي ان لاءِ اسان کي پڻ قدم کڻڻا پوندا. جيئن ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي روز بروز تبديل ٿيندي رهندي آهي تنهنڪري اسان کي ان سان منهن به ان بنيادن تي ڏيڻو پوندو جيئن دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪو ڪتاب لکو ۽ پي ڊي ايف فارميٽ ۾ انٽرنيٽ تي ڇاپي ڇڏيو ته سڄي دنيا ان ڪتاب کي پڙهي سگھي ٿي. اهڙي قسم جا ڪيترائي ڪتاب ڪيترن ئي ٻولين ۾ انٽرنيٽ تي هر وقت موجود آهن پر سنڌي ڪتابن جو تعداد تمام گھٽ آهي. ان سلسلي ۾ پهريون پٿر ماجد ڀرڳڙي صاحب اڇليو آهي سڄي جو سڄو شاھ جو رسالو پي ڊي ايف فارميٽ ۾ انٽرنيٽ تي شايع ٿي چڪو آهي پر اسان ٻيا به پنهنجا سنڌي ڪتاب ان قسم سان شايع ڪري دنيا ۾ شايع ڪري سگھون ٿا. انٽرنيٽ صرف بئنڪنگ ، ادب ۽ معلومات جو ذريعو نه آهي پر سياست ۾ به ان جو ڪردار تمام گھڻو وڌندو پيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ ته هر قسم جون چونڊون به انٽرنيٽ وسيلي ٿينديون آهن ۽ اهي ڪامياب ۽ شفاف پڻ آهن. انٽرنيٽ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته توهان پنهنجو پيغام هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ماڻهن تائين پهچائي سگھون ٿا.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment