Faculty of Management Sciences_اسما ۽ ماه نور چنا Asma, Mahnoor
Faculty of Management Sciences University of Sindh By Asma Channa and Mahnoor Channa اسماچنا_21 ۽ ماهه نور چنا_44 ايشياء جي 405 يونيورسٽين ۾ شامل ٿيندڙ مادر علم سنڌيونيورسٽي ۾ پنهنجو وڏو نانُ رکندڙ صحافت شعبي جون شاگردياڻيون هجڻ جي ناتي جئين ئي ٽئين سال جي شروعات ٿي ته اهيو صحافتي تجربيڪار طور تمام گهڻو اهم سال ثابت ٿيو . جنهن ۾ اسان نصابي ڳالهين کان هٽي ڪري حقيقي طور تي عملي طور تي صحافت جا گُر سکڻ جو ڀرپور موقعو مليو . جنهن جو سڀ کان اهم ۽ وڏو ذريعو روشني اخبار بڻي . جنهن ۾ اسان سائين سهيل سانگي جي نگراني ۾ آرٽيڪل، فيچر، پروفائيل، انٽرويو لکڻ کان وٺي خبرون گڏ ڪرڻ جهڙا انيڪ علمي اوسر ۾ تجربا حاصل ڪيا . صحافت جي شعبي مان ٽئين سال جي شاگردن جي گڏيل محنتن سان نڪرندڙ روشني اخبار ۾ اسان کي سڄو سال سنڌي سيڪشن ۾ پنهنجي لکيل تحريرون ۽ خبرون جمع ڪرائڻ جو اعزاز مليو . اڱاري جو ڏينهن سڀني ڪلاس وارن جو مختلف شعبن ڏانهن بيٽ رپورٽ لاءِ رُخ ڪري هر هڪ شاگرد ک...