Faculty of Management Sciences_اسما ۽ ماه نور چنا Asma, Mahnoor

 Faculty of Management Sciences
University of Sindh
By Asma Channa and Mahnoor Channa
اسماچنا_21 ۽ ماهه نور چنا_44
ايشياء جي 405 يونيورسٽين ۾ شامل ٿيندڙ مادر علم سنڌيونيورسٽي ۾ پنهنجو وڏو نانُ رکندڙ صحافت شعبي جون شاگردياڻيون هجڻ جي ناتي جئين ئي ٽئين سال جي شروعات ٿي ته اهيو صحافتي تجربيڪار طور تمام گهڻو اهم سال ثابت ٿيو. جنهن ۾ اسان نصابي ڳالهين کان هٽي ڪري حقيقي طور تي عملي طور تي صحافت جا گُر سکڻ جو ڀرپور موقعو مليو. جنهن جو سڀ کان اهم ۽ وڏو ذريعو روشني اخبار بڻي. جنهن  ۾ اسان سائين سهيل سانگي جي نگراني ۾  آرٽيڪل، فيچر، پروفائيل، انٽرويو لکڻ کان وٺي خبرون گڏ ڪرڻ جهڙا انيڪ علمي اوسر ۾ تجربا حاصل ڪيا. صحافت جي شعبي مان ٽئين سال جي شاگردن جي گڏيل محنتن سان نڪرندڙ روشني اخبار ۾ اسان کي سڄو سال سنڌي سيڪشن ۾ پنهنجي لکيل تحريرون ۽ خبرون جمع ڪرائڻ جو اعزاز مليو.
                 اڱاري جو ڏينهن سڀني ڪلاس وارن جو مختلف شعبن ڏانهن بيٽ رپورٽ لاءِ رُخ ڪري هر هڪ شاگرد کي لاڳاپيل شعبي مان هڪ خبر آڻي حاضري لڳائڻ لازم قرار ڏنل هو. اهڙي ريت اسان کي به سائين سهيل سانگي طرفان اسپيشل بيٽ وٺڻ جي طور فيڪلٽي آف مينيجمنٽ سائنس مليل هئي. هن فيڪلٽي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٻن اهم شعبن ”شعبي ڪامرس ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ايڊمنسٽريشن“ جو شمارو ٿئي ٿو. اسان به انهي شعبن ۾ گڏيل طور ٿيندڙ اسپيشل پروگرامز اٽينڊ ڪري بيٽ جمع ڪرائيندا هئاسين. انهن شعبن بابت لاڳاپيل ڄاڻ هيٺين ريت پيش ڪجي ٿي.
فيڪلٽي آف مينيجمنٽ سائنس جو پهريون شعبو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن 1989 ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن جي نالي سان ڪامرس سان گڏائي قائم ڪيو ويو. شروعاتي دور ۾ هن انسٽيٽيوٽ جي عمارت ننڍي ايراضي تي مشتمل هئي پر وقت جي وهڪرن سان گڏ انهي شعبي ۾ تبديلي جا پهلو اجاگر ٿيڻ لڳا. 2005 تائين هن شعبي ۾ بي ڪام، ايم ڪام ۽ آنرز فائنل وارن لاء ٽي سال جي ڊگري برقرار رکي وئي جڏهن ته 2007 کانپوء ڪامرس شعبي ۾ چار سالن جو ڊگري پروگرام آندو ويو. بي ايس آنرز مختلف سبجيڪٽن کان علاوه ٽئين ۽ چوٿين سال جي شاگردن کي اسپيشلائيزيشن ڪرائي ويندي آهي. ان کان علاوه ٽئين سال جي شاگردن کي اسپيشلائيزيشن خور ڪنهن به ٻن سببجيڪٽن جي چونڊ پڻ ڪرائي ويندي آهي.
ڪامرس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن جو پهريون ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب انصاري 21 آڪٽوبر 1889 کان 18 فيبروري تائين رهيو. ان کانپوء وقت سان گڏوگڏ ڊين واري چارج به مختلف ماڻهن ويندي رهي. جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فيروزالدين قاضي، پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد جمالي، پروفيسر ڊاڪٽر منيرالدين سومرو ۽ هاڻي 18 سيپٽيمبر 2018 کان وٺي پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ڪناسرو فيڪلٽي جي ڊين جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
فيڪلٽي آف مينجمينٽ سائنس جو ٻيو شعبو ڪامرس آهي. سنڌ يونيورسٽي مين ڪيمپس ۾ موجود ان شعبي ۾ لڳ ڀڳ 850 شاگرد توڙي شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن. ڊائريڪٽر  پروفيسر ڊاڪٽر جاويد علي ڪناسرو جي نگراني ۾ هلندڙ هن شعبي ۾ بيچلر سان گڏوگڏ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڃي ٿي. هن شعبي جي شروعات حيدرآباد ڪيمپس کان ٿي. 1963 ۾ ڪامرس هڪ ننڍڙي اداري طور هلي رهيو هو جنهن کانپوء 1970 ۾ ڪامرس واري اداري کي ڄامشورو مين ڪيمپس جو حصو بڻايو ويو. اهڙي ريت 2005 ۾ ڪامرس اداري کان شعبي ۾ تبديل ٿيو. 2007 کان هن شعبي مان آئي بي اي يعني بزنس ايڊمنسٽريشن جو بورڊ پاس ڪري شاگردن لاء وڌيڪ ڊگري پروگرام شروع ڪيا ويا.
هن وقت اهي ٻئي شعبا پنهنجي اصولن تحت شاگردن ۾ بزنس ۽ اڪنامڪس جا مختلف گُر سيکاري رهيا آهن. انهي کان علاوه انهي فيڪلٽي ۾ ڪيترائي ڪيريئر ڪائوسنلنگ جي حوالي سان پروگرامز منعقد ڪيا  ويندا آهن جنهن ۾ شاگردن جي مستقبل جي رهنمائي ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه فيڪلٽي جي ٻنهي شعبن ۾ ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي جا سيمينار ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ مختلف اسڪالر پنهنجي ڄاڻ فراهم ڪندا آهن     
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Dr Aziz Talpur Profile

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3