ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa

Mahnoor Channa 
ماحولياتي آلودگي
_ماه نور چنا_بي ايس 44
ماحوليات اسان جي آس پاس واري سمورين فضائي، آبي ۽ زميني موسمي حالتن کي چئبو آهي.جنهن ماحول ۾ اسان پنهنجي ساهه جي سڳي کي سوريندي جيء رهيا آهيا آهيون اهو ماحول جيڪڏهن صاف سٿرو هوندو ته اسان جي صحت سلامت هوندي پر جيڪڏهن اهو ماحول گندو هوندو ته اسان جي آس پاس نت نيون نيون بيماريون جنم وٺنديون پر افسوس جو اسان جو ماحول ڏينهن و ڏينهن خرابي وري صورتحال ڏانهن گامزن آهي.ماحول جي صاف سٿرائي توڙي ان بابت عوام کي جاگرتا يا هوشيار ڪرڻ لاء عالمي سطح تي ماحولياتي آلودگي جو هڪ ڏينهن به ملهايو ويندو آهي.ماحولياتي آلودگي جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن جنهن ۾ پاڻي جي آلودگي، سامونڊي آلودگي ۽ جابلو آلودگي ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر شامل آهن.عام طور تي ٻيلن جي وڍ ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ توڙي هوا جي صفائي نه ٿي سگهندي آهي جنهن جي بدولت معاشري ۾ بيماريون اجاگر ٿينديون آهن.وڻن جي  واڍائي سان درجه حرارت گهٽجي ٿو جنهن جي بدولت برساتن جي پوڻ جي پڻ گهٽتائي ٿي جيڪا پڻ انساني صحت لاء هاڃيڪار آهي.انهي کان ماحولياتي آلودگي جو هڪ ذريعو هوا ۾ گدلاڻ به آهي.وڏن شهرن ۾ جتي گاڏين جو شور اسان جي ٻڌڻ جي قوت کي ڪمزور ڪري ٿو اتي ٽريفڪ جو دونهون اسان جي اکين ۽ ساهه جي سرشتي تي پڻ اثر وجهي ٿو.
ماحولياتي آلودگي جي حوالي سان جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي جي صورتحال جي منظر ڪشي ڪئي وڃي ته پيئڻ جو صاف پاڻي ماڻهن جي اڃ اجهائڻ لاء به دستياب ناهي جتي گٽرن جا کليل منهن صاف پاڻي کي گندو ڪرڻ لاء ڪافي آهن.انهي حوالي سان سنڌ واسين جي دانهن اعلي ايوانن تائين به پهتي پر ان دانهن جي ڪا داد رسائي نه ٿي سگهي آهي.انهي حوالي سان سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل واٽر ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سيوريج توڙي صنعتي ادارن مان نڪرندڙ گندي پاڻي صاف ڪرڻ کانسواء سنڌو دريا ۾ 414 هنڌن تي ڇڏيو وڃي ٿو.صاف پاڻي جي سهولت پري جي ڳالهه آهي پر فطري طور تي مليل پاڻي ۾ به زهريلا مادا شامل ڪري ان کي به انساني حياتين لاء هاڃيڪار بڻايو پيو وڃي.سنڌ ۾ ڪٿي به  ڊبليو ايڇ او جي معيار مطابق پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي.
عالمي سطح جي هڪ 2009 ۾ شايد ٿيندڙ هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هر پنج ماڻهن جي موت ۾ هڪ ڄڻي جي فوتگي ماحولياتي آلودگي مان ٿيندڙ بيماري ذريعي ٿئي ٿي.هزارين ماڻهو انهي ڪارڻ جي ڪري مختلف بيمارين جا مريض بڻجن ٿا.
انهي کان علاوه جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ٻيلن جي اجاڙ سنڌ جي انهن چند بنيادي مسئلن مان آهي، جنهن جي قيمت سنڌ ماحوليات جي بگاڙ کان ويندي تمام گهڻي وڏي معاشي بدحالي جي صورت ۾ ادا ڪندي پئي اچي.سنڌ جي ٻيلن جي زمين جي  بحالي لاء ماحول دوست تنظيمون، ساڃاهه وند هلڪا  آواز اٿاريندا رهيا آهن.پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اهي دانهون بي معني طور تي ئي اڀريون آهن.ان حوالي سان تازي شايع ٿيندڙ رپورٽ موجب اهو ٻڌايو ويو آهي ته ٻيلي کاتي طرفان 23 هزار 478 يڪڙ قبضو ٿيل زمين مان 17 هزار 186 ايڪڙن تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن پر ان سان گڏوگڏ رپورٽ ۾ اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته 64 هزار 492 ايڪڙ ٻيلن جي زمين غير قانوني طور تي الاٽ ٿيل آهي.هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻيلي کاتي جا ساڃاهه وند ۽ انساني معاشري ۾ هميشه همدردي ۽ مدد گار لاء هر وقت آهر ڀريندڙ ماڻهو يا ماحول دوست تنظيمون ڪيتري حد تائين قبضي کان آجو ٿيل انهن زمينن تي وڻن جي نت نئي طريقي سان پوکائي ڪري معاشري کي صفائي سٿرائي بابت آگاهه ڪري سگهن ٿا.ماحول کي صاف سٿرو رکڻ نه صرف ماحول دوست تنظيمن بلڪه انساني معاشري ۾ ساهه کڻندڙ هر فرد کي ذمه واري سمجهي پنهنجو ڪرادار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڻ پنهنجي ذات، پاڙي،گهر، ڳوٺ ۽ شهر جي ماحول کي گدلو ٿيڻ کان بچائي سگهون.     
MahnoorChanna, #Pollution, #Environment 
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

 

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro