Posts

Showing posts with the label Masoom Mustafa

کپرو شهر ۾ لائبريري جي کوٽ

Do not insert foto in text file کپرو شهر ۾ لائبريري جي کوٽ معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر کپرو تعلقو تاريخي پسمنظر جي حوالي سان وڏو نالو رکي ٿو جيڪو تمام وڏي آبادي تي مشتمل آهي، کپرو تعلقي جي سرزمين تي وڏن وڏن ڪردارن جنم ورتو جن پنهنجن خدمتن ذريعي وڏو نالو ڪمايو جنهن ۾ سانگهڙ ناول جو تخليقڪار محمد عثمان ڏيپلائي شامل آهي جنهن کپرو تعلقي ۾ تعليم لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ موجوده وقت ۾ ڀٽائي جي رسالي کي سرائيڪي توڙي مارواڙي ۾ ترجمو ڪندڙ استاد لقمان لغاري جهڙا لطيف ايوارڊ يافته ڪردار شامل آهن جن ادبي خدمتن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، مگر افسوس جي ڳالهه آهي ته ايڏو وڏو مقام رکندڙ تعلقو کپرو لائبريري جي اهم سهولت کان محروم آهي وڏي آبادي تي مشتمل شهر کپرو جتي اڃا تائين نوجوانن جي لاءِ هڪ پبلڪ لائبريري به نه جڙي سگهي آهي، جڏهن ته ڏٺو وڃي ته لائبريريون اسان جي شهرن جي سونهن آهن لائبريري هڪ اهڙي پُر سڪون جڳهه آهي جتي شعور گڏجي ٿو جتان نوان ذهن پلجي ٻاهر نڪرن ٿا، لائبريري جتي علمي ادبي توڙي سماجي کيتر ۾ پير پائيندڙ مختلف انيڪ ذهنن جو ميلاپ ٿئي ٿو ۽ ان کان علاوه نوجوانن جي لاءِ اتساهه بڻيل اعليءِ قسم جو ادارو آ...