کپرو شهر ۾ لائبريري جي کوٽ
Do not insert foto in text file
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
کپرو شهر ۾ لائبريري جي کوٽ
معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر
کپرو تعلقو تاريخي پسمنظر جي حوالي سان وڏو نالو رکي ٿو جيڪو تمام وڏي آبادي
تي مشتمل آهي، کپرو تعلقي جي سرزمين تي وڏن وڏن ڪردارن جنم ورتو جن پنهنجن خدمتن
ذريعي وڏو نالو ڪمايو جنهن ۾ سانگهڙ ناول جو تخليقڪار محمد عثمان ڏيپلائي شامل آهي
جنهن کپرو تعلقي ۾ تعليم لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ موجوده وقت ۾ ڀٽائي جي رسالي کي
سرائيڪي توڙي مارواڙي ۾ ترجمو ڪندڙ استاد لقمان لغاري جهڙا لطيف ايوارڊ يافته
ڪردار شامل آهن جن ادبي خدمتن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، مگر افسوس جي ڳالهه آهي ته
ايڏو وڏو مقام رکندڙ تعلقو کپرو لائبريري جي اهم سهولت کان محروم آهي وڏي آبادي تي
مشتمل شهر کپرو جتي اڃا تائين نوجوانن جي لاءِ هڪ پبلڪ لائبريري به نه جڙي سگهي
آهي، جڏهن ته ڏٺو وڃي ته لائبريريون اسان جي شهرن جي سونهن آهن لائبريري هڪ اهڙي
پُر سڪون جڳهه آهي جتي شعور گڏجي ٿو جتان نوان ذهن پلجي ٻاهر نڪرن ٿا، لائبريري
جتي علمي ادبي توڙي سماجي کيتر ۾ پير پائيندڙ مختلف انيڪ ذهنن جو ميلاپ ٿئي ٿو ۽
ان کان علاوه نوجوانن جي لاءِ اتساهه بڻيل اعليءِ قسم جو ادارو آهي جتي نوجوانن
اسٽڊي سرڪل هلائي پنهنجو پاڻ کي ترقي جي راهه ڏانهن گامزن ڪري سگهن ٿا ۽ لائبريري ذريعي ئي اتان جي نوجوان
طبقي کي شعور جي راهه ڏانهن گامزن ڪري سگهجي ٿو، افسوس جو مقام آهي ته کپرو شهر
ايڏي وڏي هڪ اهم اداري لائبريري کان محروم بڻيل آهي جنهن جي سبب اتان جو نوجوان
شعوري طور تي علم، ادب توڙي سياسي شعور کان پاسيرو ٿيل آهي ۽ نوجوانن طبقي جو رجهان
ڪتابي مطالعي ڏانهن گهٽجي رهيو آهي نوجوان طبقو صرف موبائل، فيس بوڪ، واٽس اپ
تائين محدود بڻيل آهي، ۽ ان کان علاوه کپرو جو نوجوان غير رسمي عملن ڏانهن رُڌل
آهي جنهن جا معاشري تي تمام گهڻا ناڪاره اثر پئجي رهيا آهن، کپرو شهر جي لاءِ
گذريل ناظمي دور ۾ ٽائون ڪميٽي کپرو ۾ گرهوڙي لائبريري هال جوڙيو ويو هو جنهن کي
لائبريري طور استعمال ڪيو ويندو هو جتي روزانه مختلف اخبارون اينديون هيون وڏي
تعداد ۾ ادبي ڪتاب پڻ گڏ ٿيل هئا جتي روزانه وڏي تعداد ۾ نوجوان اچي گڏ ٿي ڪتابن توڙي اخبارن جو مطالعو ڪندا
هئا ۽ شهري ماحول تي به هاڪاره اثر پيا ان کان علاوه هر هفتي گرهوڙي هال ۾ مشاعرو
توڙي نڙ بيت ڳجهارتن جون ادبي صوفي ڪچهريون پڻ ٿينديون هيون ۽ شهرين لاءِ هڪ
بهترين شعوري هنڌ جڙيل هو پر اهو گرهوڙي لائبريري هال گهڻو وقت نه هلي سگهيو ۽ هن
چيئرميني دور جي ايندي ئي ان گرهوڙي هال کي ختم ڪري ادبي ڪتابن جو ڏيوالو ڪڍي ٻاهر
اڇلايا ويا ۽ ان ادبي هال کي سياسي ڪائونسلرن حوالي ڪيو ويو ۽ کپرو واسين جي شعوري
ذهنن کان اهڙو بهترين املهه معنيٰ رکندڙ گرهوڙي هال کسيو ويو، جيتوڻيڪ انهي گرهوڙي
هال جي بحالي لاءِ شهرين توڙي نوجوانن وڏي ڪوشش ڪئي ۽ چيئرمين کي خط پڻ لکيا پر
ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو ۽ کپرو شهر لائبريري جي سهولت کان محروم ئي رهيو جنهن جي
اڃا تائين اشهد ضرورت آهي.
موجوده وقت ۾ کپرو شهر ۾ نوجوان لاءِ لائبريري جي تمام گهڻي ضرورت آهي ان لاءِ کپرو تعلقي جي علمي، ادبي توڙي فڪري
اهميت کي ڏسندي هتان جي انتظاميه توڙي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ کي گهرجي ته کپرو شهر
لاءِ هڪ پبلڪ لائبريري جوڙي وڃي ته جئين هتان جي نوجوان جو علم، ادب، فڪر توڙي
شعور ڏانهن لاڙو وڌي سگهي ۽ هتان جا شاگرد لائبريري جهڙي سهولت کان آرائسته ٿي سگهن
ان سان گڏوگڏ کپرو جي شهرين لاءِ علمي ادبي، شعوري، سماجي، ثقافتي کيتر جون رنگيون
بحال ٿي سگهن.
معصوم مصطفيٰ ڪنڀر
2k16/mc/139
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment