ڊاڪٽر گلاب ڪشميري
seems ok شهربانو انسانيت جو همدرد، ساٿي ۽ دوست ڊاڪٽر گلاب ڪشميري ڏٺو وڃي ته مالڪ جي جوڙيل هن جهان ۾ انسان ذات کي شرف المخلوقات بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪائنات ۾ موجود شين کي سمجهڻ ۽ پرکڻ آهي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو مطلب اهو آهي ته سماج ۾ ٿيندڙ مسئلن کي چڱي ريت حل ڪري سگهي، ان ڪري ئي انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ اهو شرف هر انسان کي حاصل نٿو ٿي سگهي بس رب سائين جي خلقيل مخلوقات کي ملي سگهي ٿو ۽ خلقيل مخلوق مان ڊاڪٽر گلاب ڪشميري به هڪ آهن ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي لاڙ واري علائقي بدين جي تعلقي ماتلي ۾ 8 سيپٽمبر 1968 ۾ غريب گهراڻ ي ۾ اک کولي مائٽن جو دين جي طرف لاڙو هجڻ ڪري سندن والده کيس قرآن پاڪ جي تعليم کي افضل سمجهيو ۽ قرآن پاڪ مڪمل ڪرايو 1976 ۾ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر پوءِ به گهٽ توجه هجڻ جي ڪري 3 درجو ٻه دفعه پڙهيو ۽ ائين آهسته آهسته اسڪول ۾ محنت ڪري 1990 ۾ ماتلي ۾ موجود سرڪاري اسڪول مان A گريڊ سان گڏ ميٽرڪ پاس ڪيائين گهر جي صورتحال خراب هجڻ جي ڪري ٻيھر انٽر ۾ سٺي پوزيشن حاصل نه ڪري سگهيو ۽ ائين B گريڊ سان انٽر پاس ڪيائين انهن جو چوڻ هو ...