پاڻي جي کوٽ ۽ بيوس عوام
Its too general. Be specific پاڻي جي کوٽ ۽ بيوس عوام سرويچ حيدر اوڍو ايم اي پرويس 2 سيمسٽر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪو نئون مسئلو ته ناهي پر هر سال ان کوٽ ۾ واڌ جو سلسلو فڪر انگيز معاملو آهي، ڏٺو وڃي ته هن وقت سموري ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي جوڳا اپاءَ وٺڻ جي لاءِ وفاقي سرڪار سميت عدليا به سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف نوان منصوبا جوڙڻ جا اعلان پڻ ٿيا آهن، پر ان باوجود به ويجھي مستقبل ۾ ان معاملي جي حل جي ڪا اميد نظر نٿي اچي. ملڪ ۾ پاڻي جو کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي سنڌ جنهن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ سبب ماڻهون پنهنجن اباڻن ڪکن کي الوداع ڪري شهرن جو رخ ڪرڻ تي مجبور آهن، اتي شهرن ۾ به هاڻي پاڻي جي کوٽ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڳوٺن ۾ ته جر جي پاڻي جي وڏي سهولت هوندي آهي پر هاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي يا ته سڪي ويو آهي، اهڙي صورتحال سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب پيدا ٿي آهي، درياهه جي وهڪري سبب سنڌ جي اڪثريتي علائقن ۾ جر جي مٺي پاڻي تي ماڻهن جو گذر ٿيندو هو، نه رڳو پيئڻ لاءِ پر زمينون آباد ڪرڻ ...