پاڻي جي کوٽ ۽ بيوس عوام


Its too general. Be specific
پاڻي جي کوٽ ۽ بيوس عوام

سرويچ حيدر اوڍو
ايم اي پرويس 2 سيمسٽر

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪو نئون مسئلو ته ناهي پر هر سال ان کوٽ ۾ واڌ جو سلسلو فڪر انگيز معاملو آهي، ڏٺو وڃي ته هن وقت سموري ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي جوڳا اپاءَ وٺڻ جي لاءِ وفاقي سرڪار سميت عدليا به سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف نوان منصوبا جوڙڻ جا اعلان پڻ ٿيا آهن، پر ان باوجود به ويجھي مستقبل ۾ ان معاملي جي حل جي ڪا اميد نظر نٿي اچي. ملڪ ۾ پاڻي جو کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي سنڌ جنهن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ سبب ماڻهون پنهنجن اباڻن ڪکن کي الوداع ڪري شهرن جو رخ ڪرڻ تي مجبور آهن، اتي شهرن ۾ به هاڻي پاڻي جي کوٽ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڳوٺن ۾ ته جر جي پاڻي جي وڏي سهولت هوندي آهي پر هاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي يا ته سڪي ويو آهي، اهڙي صورتحال سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب پيدا ٿي آهي، درياهه جي وهڪري سبب سنڌ جي اڪثريتي علائقن ۾ جر جي مٺي پاڻي تي ماڻهن جو گذر ٿيندو هو، نه رڳو پيئڻ لاءِ پر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پڻ اهو پاڻي استعمال ايندو هو. هاڻي نه جر جو پاڻي ان مقدار ۾ ملي رهيو آهي نه ئي WASA شهرن ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي واري عمل کي برقرار رکي سگھيو آهي.
سنڌ جي لاڙ توري اتر جي گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، ميرپور ساڪرو ،سجاول ،بدين توڙي دادو ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار ۽ هاري آئي ڏينهن احتجاج ڪري رهيا آهن، تازو ٺٽي جي گھوڙا ٻاري واري علائقي ۾ آبادگارن ۽ هارين جو احتجاج ٿيو آهي، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙن اهو موقف ڄاڻايو آهي ته هڪ ته پڇڙي جي آبادگارن کي زمينون آباد ڪرڻ جي لاءِ گھربل مقدار ۾ پاڻي نٿو ملي وري جيڪو ٿورو گھڻو ملي ٿو سو به بااثر ماڻهو آبپاشي عملي سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي زمينن کي آباد ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ساڳي جاءِ تي ڪجهه ڏينهن اڳ ميهڙ جي آبادگارن ۽ هارين پاران ميهڙ باءِ پاس تي مسلسل 6 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو جنهن بعد مظاهرين جون پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون انهن جي به ساڳي دانهن هئي ته دادو ۽ کيرٿر ڪئنال کي پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته رائيس ڪئنال ۾ پاڻي اڻلڀ آهي، جنهن کي پاڻي جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. پاڻي جي کوٽ سبب کاڌ خوراڪ جي پيداوار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسندو ،کاڌي جي شين جي کوٽ وارو معاملو به ڪر کڻندو، ۽ ڀاڄين ۽ ميون جا اگهھ وڌڻ جا امڪان صاف نظر اچي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جتي ماڻهن جي آمدني گھٽ ۽ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جيتري ناهي ، انهن جو ڇا ٿيندو؟
گذريل ڏهه سالن کان برساتن جو سلسلو به گھٽجي ويو آهي، جنهن سبب کيرٿر سميت مختلف جابلو علائقن مان نيئن وهڻ وارو سلسلو به گھٽجي ويو آهي، جيتوڻيڪ برسات جو وڏو زور ساحلي پٽي وارن علائقن تي آهي، جيڪو پاڻي ڪنهن خاص استعمال ۾ نٿو اچي.سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري مرحلي دوران برسات وڏو سهارو ڏيندي آهي، برسات گھٽ پوڻ بابت ماهرن چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ساوڪ گھٽجي وئي آهي، جن علائقن ۾ وڻڪاري وڌيڪ هوندي آهي اتي برسات به گھڻي پوندي آهي. پاڻي جي کوٽ جا سبب ته گھڻا ئي آهن پر هڪڙو اهم مسئلو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو پڻ آهي، آبپاشي عملي جي ڪرپشن سبب پاڻي جي مسئلي تي ڪيترائي خوني تڪرار پڻ ٿيندا رهيا آهن ، ان جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون پڻ ضايع ٿيون آهن، جنهن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو نه ئي ڪير انهن اهم معاملن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جتي هر اداري ۾ ڪرپشن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ جي دعويٰ ته ڪئي وڃي ٿي، پر اتي پئسن عيوض پاڻي جي ورڇ وارن تڪرارن جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ وارو ڪير به نظر نٿو اچي، نه رڳو ايترو پر اهڙي صورتحال ۾ صوبي اندر واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ لاءِ لکين رپين جا ٺيڪا پڻ منظور ڪيا ويا آهن پر ايريگيشن کاتي جي ڪرپشن سبب انهن جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگھندو ۽ ٺيڪيدار پيسا کائي ويندا آهن جنهن ڪري پڻ ڪيترو ئي پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي پر ان معاملي تي به ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي.
پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار پاران هر ڀيري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو ضد ڪيو ويو ، جيڪو ننڍن صوبن جي اعتراض سبب تڪراري بڻيل رهيو، پر هيل چيف جسٽس پاران ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ مستقل مزاجي جو مظاهرو ڪندي جوڳا اپاءَ ورتا ويا آهن، جنهن بعد ملڪ ۾ ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ٺاهڻ تي سمورن صوبن اتفاق ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ اهڙن منصوبن کي منهن ڏيڻ لاءِ گھربل رقم موجود ناهي پر تنهن هوندي به ملڪ جو عوام ان مالي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي. پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ جتي اعليٰ اختياريون ته پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري رهيون آهن، اتي ڏسڻو اهو آهي ته جيڪو ڪم عوام جي ڀاڱي ۾ اچي ٿو ان جو ڇا ٿيندو؟ آبپاشي عملي سميت ايريگيشن ۽ لاڳاپيل ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني ڪير بڻائيندو؟
Sarwech71@gmail.com
  Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Dr Aziz Talpur Profile

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3