ھاڻوڪو ماتلي شھر ۽ ان جو پراڻيون يادون _ شهر بانو نظاماڻي
Feature? aricle? Check FB group, what is an artilce and what is a feature. ھاڻوڪو ماتلي شھر ۽ ان جو پراڻيون يادون Shaher Bano Nizamani, Matli Town, شهر بانو نظاماڻي_بي ايس 98 امڙسنڌ جي پٽ واري علائَقي ۾ ٻن واھن جي وچ ۾ آباد ھڪ علائقو جيڪو شاعرن،عالمن،۽ بزرگن جو ڳڙھ سمجھيو وڃي ٿو.جيڪو ماتلي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو جنھن جو نالو ھن شھر ۾ رھندڙ قديم قوم ميتلن جي نالي سان ھن علائقي ۾ رھندڙ قوم نظاماڻين رکيو.ھي شھراڪرم واھ ۽ ڦليلي واھ جي وچ ۾ قدرتي نظارن سان ڀريل آھي.وھندڙ واھن سان گڏوگڏ ھتي موجود کوھ به پنھنجو مٽ پاڻ ھئا،وڏي تعداد ۾ کوھ ھجڻ ڪري ھن شھر کي پنھنجي الڳ حيثيت حاصل ھئي ،ان کان علاوه ھتي موجود انبن جا باغات سنڌ توڙِي ھند ۾ واپرايا ويندا ھئا.سنڌ جي مشھور شھرن بدين ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ھئڻ سبب ھن کي واپاري حيثيت حاصل ھئي.ڦليلي ۾ ھلندڙ ٻيڙن جي ذريعي واپار ڪيو ويندو ھو،ٻيڙا واپار کان علاوه انسان ذات جي اجھي لاءِ پڻ قطب آڻيا ويندا ھئا.وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھن شھر ۾ مختلف تبديليون ڀرپ...