ھاڻوڪو ماتلي شھر ۽ ان جو پراڻيون يادون _ شهر بانو نظاماڻي
Feature? aricle?
Check FB group, what is an artilce and what is a feature.
Shaher Bano Nizamani, Matli Town,
شهر بانو نظاماڻي_بي ايس 98
امڙسنڌ جي پٽ واري علائَقي ۾ ٻن واھن جي وچ ۾ آباد ھڪ علائقو جيڪو شاعرن،عالمن،۽ بزرگن جو ڳڙھ سمجھيو وڃي ٿو.جيڪو ماتلي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو جنھن جو نالو ھن شھر ۾ رھندڙ قديم قوم ميتلن جي نالي سان ھن علائقي ۾ رھندڙ قوم نظاماڻين رکيو.ھي شھراڪرم واھ ۽ ڦليلي واھ جي وچ ۾ قدرتي نظارن سان ڀريل آھي.وھندڙ واھن سان گڏوگڏ ھتي موجود کوھ به پنھنجو مٽ پاڻ ھئا،وڏي تعداد ۾ کوھ ھجڻ ڪري ھن شھر کي پنھنجي الڳ حيثيت حاصل ھئي ،ان کان علاوه ھتي موجود انبن جا باغات سنڌ توڙِي ھند ۾ واپرايا ويندا ھئا.سنڌ جي مشھور شھرن بدين ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ھئڻ سبب ھن کي واپاري حيثيت حاصل ھئي.ڦليلي ۾ ھلندڙ ٻيڙن جي ذريعي واپار ڪيو ويندو ھو،ٻيڙا واپار کان علاوه انسان ذات جي اجھي لاءِ پڻ قطب آڻيا ويندا ھئا.وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھن شھر ۾ مختلف تبديليون ڀرپا ٿيون.ملڪ جي آزادي کان پھرين ھتي نظاماڻين سان گڏوگڏ واڻين جو راڄ ھوندو ھو۽ اڄ به ھتي موجود جامع مسجد جيڪا شھر جي وچ ۾ جڙيل آھي ۽ ان جي ڀرسان مندر پڻ ٺھيل آھي جنھن مان ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو ته ھتي جا ماڻھو پيار ۽ امن جي پرچار سان ھڪ قوم ٿي رھن ٿا.آزادي جي جدوجھد جي دوران 1906 ۾ ماتلي شھر کي ٽرين جھڙي سھولت سان نوازيو ويوجيڪا به ھتي جي عوام استعمال ۾ اچي ٿي پپر روڊ ٺھڙ جي ڪري ھتي جا ماڻھو ٻين سوارين کي وڌيڪ ترجيع ڏين ٿا.تعليم جي حوالي سان جيڪڏھن پرکيو وڃي ته تعليم کان ھن شھر کي محروم رکيو ويو،ھتي جا علائقي واسي تعليم جي زيور کي پھرڻ لاءِ ھجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا.1952 ۾ ھتي پھرين دفعا سرڪاري اسڪول قائم ڪيو ويو جيڪو ماتلي جي چڳي مڙس رئيس مير محمد جي جدوجھد سان وجود ۾ آيو.بعد ۾ تقريبن 20 سال پوءِ ھتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ ....گڏيل ڪاليج قائم ڪيو ويو ۽ سرڪاري اسپتال جو پڻ افتتاح ٿيو.ائين چيو وڃي ٿو ته سرڪاري عمارتون قائم ڪرڻ لاءِ پلاٽ پڻ علائقا مڪينن پيش ڪيا جيڪي رئيس غلام حيدر جي ڪوششن سان ۽ علائقي جي ماڻھن جي ڪوششن سان وجود ۾ آيا ،بعد ۾ ھن شھر کي گئس ۽ بجلي جھڙي سھولتن سان ھڪ صحافي پنھنجي محنت سان حاصل ڪيو،جنھن کي امين ماتلوي جي نالي سڃاتو وڃي ٿو جنھن کي بعد ۾ ڪيترن ئي تمغن سان نوازيو.ھن ما ن ثابت ٿئي ٿو ته ھن شھر جا ماڻھو انتھائي محنت ڪش ۽ ترقي ڪندڙ آھن ،ھتي عربن جي رھائش پڻ موجود آھي جنھن م ۾وجوده جسٽس فيصل عرب پڻ شامل آھن.
ھاڻوڪي ڏينھن ۾ ھي علائقوترقي جي راھ تي گامزن آھي سرڪاري توڙي پرائيوٽ اسڪولن جي تعداد 75 تي پھچي چڪي آھي ۽ ڪيترائي شاگرد ملڪ جي ڏيھ توڙي پرڏيھ جي يونيورسٽين ۾ تعليم جھڙي اعلي زيور کي حاصل ڪري رھيا آھن، ھتي ھن شھر جا رھواسي ملڪ جي خدمت ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان مصروف آھن.ھتي نئي طرز سان آراستا ڪيترائي اسپتال موجود آھن جيڪي سرڪاري توڙِي غير سرڪاري آھن.ھن شھر جا ڪيترائي واسي واپار جي لاءِ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاھر رھن ٿا.ان ڪري وس وارن کي گھرجي ته اڃا به شھر کي مختلف تفريح گاھ مھيا ڪري شھر کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو وڃي ته جئين ماڻھو لطف اندوز ٿي سگھن.
سنڌ جي حسين شاعرن جي سرجهيل شاعري نه فقط ماتلي جي مهڪندڙ مَٽي کي سُهائي ٿي پر پنجاب جي وادين ۾ ۽ قدرت جي ڪرشمن کي پنهنجي اکين ۾ پسيندڙ خوبصورت شاعر تنوير نقوي به پنهنجي قلمي جنبش کي نوڙائي لکي ٿو ته،
حسين ماتلي تجهه پي لاکهون سلام،
لبالب بهي تيري نديا کا جام،
يون ئي مسکراتي رهي،
تيري هر صبح شام!!
سنڌ جي حسين شاعرن جي سرجهيل شاعري نه فقط ماتلي جي مهڪندڙ مَٽي کي سُهائي ٿي پر پنجاب جي وادين ۾ ۽ قدرت جي ڪرشمن کي پنهنجي اکين ۾ پسيندڙ خوبصورت شاعر تنوير نقوي به پنهنجي قلمي جنبش کي نوڙائي لکي ٿو ته،
حسين ماتلي تجهه پي لاکهون سلام،
لبالب بهي تيري نديا کا جام،
يون ئي مسکراتي رهي،
تيري هر صبح شام!!
Shaher Bano Nizamani, Matli,
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment