Tando Qaiser by Aqsa Nizamani
Tando Qaiser by Aqsa Nizamani 2k16/MC/13 ٽنڊو قيصر ۾ تعليمي تاريخ جو پسمنظر تعليم جيڪا انسان کي انسانيت سيکاري ٿي، تعليم جيڪا معاشرتي و قومي شعور ڏياري ٿي ۽ تعليم جيڪا ٻار جو مستقبل سنواري ٿي، افسوس ته سنڌ جي ھڪڙي ننڊڙي ڳوٺ ٽنڊو قيصر جا ٻار انھي تعليم جي بھترين معيار کان محروم آھن. ڳوٺ ٽنڊو قيصر ۾ به سرڪاري اسڪول موجود آھن جيڪي 1888ع ۾ تعمير ٿيا. جنھن مان ھڪ ڇوڪرن جو ۽ ٻيو ڇوڪرين جو اسڪول آھي.اھي اسڪول ان وقت جي بھترين استاد سائين عبدالحق جي اڻ مۡلھ محنت ۽ ڪوششن سان وجود ۾ آيا، جنھن پنھنجي نـ پر پنھنجي ڳوٺ جي ٻارن جي مستقبل کي اھميت ڏني. ھنن اسڪولن جي زمين سرڪاري ناھي بلڪـ ڳوٺ جي ڪجھ باشعور ۽ تعليم جي اھميت کي سمجھڻ وارن پنھنجي زمين اسڪولن کي فراهم ڪئي ھئي، اڄ ڏينھن تائين اھي اسڪول انھي ئي زمين تي ۽ انھي ئي شڪل ۾ قائم و دائم آھن. گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ صرف پنج ڪمرا آھن جنھن مان ھڪ استا...