Tando Qaiser by Aqsa Nizamani

Tando Qaiser by Aqsa Nizamani
2k16/MC/13


ٽنڊو قيصر ۾ تعليمي تاريخ جو پسمنظر
                             
تعليم جيڪا انسان کي انسانيت سيکاري ٿي، تعليم جيڪا معاشرتي و قومي شعور ڏياري ٿي ۽ تعليم جيڪا ٻار جو مستقبل سنواري ٿي، افسوس ته سنڌ جي ھڪڙي ننڊڙي ڳوٺ ٽنڊو قيصر جا ٻار انھي تعليم جي بھترين معيار کان محروم آھن.
ڳوٺ ٽنڊو قيصر ۾ به سرڪاري اسڪول موجود آھن جيڪي 1888ع ۾ تعمير ٿيا. جنھن مان ھڪ ڇوڪرن جو ۽ ٻيو ڇوڪرين جو اسڪول آھي.اھي اسڪول ان وقت جي بھترين استاد سائين عبدالحق جي اڻ مۡلھ محنت ۽ ڪوششن سان وجود ۾ آيا، جنھن پنھنجي نـ پر پنھنجي ڳوٺ جي ٻارن جي مستقبل کي اھميت ڏني.  ھنن اسڪولن جي زمين سرڪاري ناھي بلڪـ ڳوٺ جي ڪجھ باشعور ۽ تعليم جي اھميت کي سمجھڻ وارن پنھنجي زمين اسڪولن کي فراهم ڪئي ھئي،  اڄ ڏينھن تائين اھي اسڪول انھي ئي زمين تي ۽ انھي ئي شڪل ۾ قائم و دائم آھن.
گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ صرف پنج ڪمرا آھن جنھن مان ھڪ استادن جي آفيس آھي ۽ چار ٻارن جا ڪلاس روم آھن، جڏھن تـ باٿروم به صرف ٻه آھن جنھن مان ھڪ استادن جو آھي. ھن اسڪول جي حالت تمام خراب آھي، جنھن جي ڇت مان اڪثر سيمنٽ ۽ ريتي ڇڻندي رھندي آھي. اسڪول ۾ فرنيچر گھٽ ۽ پراڻو آھي. ڳوٺ جا رحواسي چندو گڏ ڪري اسڪول ۾ پاڻي جا ڪولر ۽ پکن جو انتظام ڪندا آھن جيڪي چوڪيدار جي غير حاضري سبب چوري ٿي ويندا آھن.
ھنن پنجن ڪمرن واري اسڪول ۾ ڳوٺ جون 1500 شاگردياڻيون داخل ٿيل آھن جنھن مان صرف 150 شاگردياڻيون باقائيدگي سان اچن ٿيون ، باقي داخل ٿيندڙ 1350 شاگردياڻين جي حاضري لاءِ نه اسڪول انتظاميا ڪي قدم کنيا ۽ نه ئي وري سنڌ ۾ لڳل تعليمي ايمرجنسي ڪجھ ڪري سگھي. ھن اسڪول ۾ 9 ماستراڻيون مقرر آھن جنھن مان 6 ڳوٺ جون ۽ 3 حيدرآباد شھر جون آھن، جنھن سبب ھنن جي حاضري تمام گھٽ آھي ۽ اھي مفت جون پگھارون کڻي رھيون آھن. ھتي ٽي پٽيوالا پڻ  نوڪري تي آھن، پر روز مره چوري جا ٿيندڙ واقعا اهيو ٻڌائن ٿا ته اھي پٽيوالا به پنھنجون زمينداريون پوريون نٿا ڪن.
ھي حال آھي ڇوڪرين جي اسڪول جو ھاڻي ٿورو رخ ٿا ڪيون ڇوڪرن جي اسڪول جو جيڪو عمارتي ڍانچي جي حوالي سان ڇوڪرين جي اسڪول کان بھتر آھي، جنھن جو سبب ڳوٺ وارن جي چندي جي پئسن ذريعي مرمتي ڪم آھي. گورنمينٽ بوائز اسڪول ۾ ڇھ ڪمرا آھن ۽ ٽي باٿروم آھن. شاگرد گھڻا ھئڻ سبب ھتي جي ھيڊ ماستر نويد احمد نظاماڻي حڪم ڏنو ته ڪلاس رومز جي ٻاھر ڪوريڊورز ۾ ڪرسيون ھڻي ڪلاس ورتا وڃن.
ھتي چوڏھن استاد آھن پر منھنجي ھاڻوڪي جملي تي ٿورو غور ڪجو ته ڪيئن ڳوٺ جا ماڻھو پاڻ ۽ سنڌ جي تعليمي انتظاميا سنڌ جي تعليم کي پنھنجي ھٿن سان برباد ڪري رھيا آھن. انھن چوڏھن استادن مان ٻـ استاد  پاڻ ۾ ڀائر آھن، انھن ڀائرن مان ھڪ ڀاء جنھن جو نالو سيف الله آھي اھو مدي جي بخار سبب 22 سالن کان ٻڌڻ کان ٻوڙو آھي ۽ پاڻ وٽ بي اي يا بي ايڊ تـ ڇا پر انٽر جي بـ ڊگري ناھي ۽ ٻيو ڀاء جنھن جو نالو گۡلاب آھي سو پنجي پاس بـ ڪون آھي اھي 25 سالن کان ھن اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيل آھن. جنھن خلاف نه ڳوٺ وارن ڪي قدم کنيا ۽ به ئي وري سنڌ جي تعليمي انتظاميا ڪو چيڪ اينڊ بيلينس رکيو.
ڳوٺ جي رهواسين جي تعليمي وزير سردار شاھ کي گذارش آھي ھنن استادن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري انھن کي نوڪري مان فارغ ڪيو وڃي، ڇو جو انھن نـه صرف حڪومت کي ڌوڪو ڏيئي ايترا سال ڪرپشن ڪئي پر سنڌ جي تعليم ۽ ٻارن جي مستقبل سان کيڏيو آھي، ۽ اھا بـه درخواست آھي ته اھي فنڊ جيڪي ھر سال حڪومت طرفان اچن ٿا پر اسڪول تي نٿا لڳن سي ڪيڏانھن ويا انهن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.
 اقصيٰ   نظاماڻي
2k16/MC/13

Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh 

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa