Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani
Institute of Arts & Design University of Sindh by Aqsa Nizamani
اقصيٰ نظاماڻي
2k16/MC/13
...
سنڌۡ دريا جي شھر ڄامشورو ۾ واقعي سنڌ يونيورسٽي
جيڪا هزارين نوجوانن جي لاءِ اعلا تعليم جو ھڪ بھترين ذريعو آھي ان جي ابھرندڙ
شعبي آرٽس اينڊ ڊِزئن ۾ شامل انسٽيٽيوٽ آف فائن آرٽس جيڪو مجسما ڪاري جي ڪري مشھور
آھي، 1971ع ۾ قائم ڪيو ويو. پنھنجي قيام جي شروعاتي سالن ۾ فائن آرٽس صِرف ٻن سالن
جي ڊگري يعني بيچلرز سان نوازدو ھو، پر 1985ع ۾ ماسٽرز کي بـ متعرف ڪرايو ويو جنھن
جو مقصد نئي دور ۾ نوڪري جي لاءِ اعلاء تعليمي ڊگري جي ضرورت کي پورو ڪرڻ ھو. 2005ع
۾ شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مختلِف ھنرن جي موضوعن ۾ ڊگريون متعرِف ڪرايون
ويون جيئن نقش نِگاري، مجسما نِگاري ۽ سفاليت وغيرا. چار سالا ڊگري مڪمل ڪرڻ کان
پوءِ فائن آرٽس وڌيڪ تحقيق لاءِ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ انفراديت پڻ پيش ڪري ٿو.
شعبي جي نالي وارا استاد جنھن ۾ خِلجي نعمتلاء
اسسٽينٽ پروفيسر 1994ع، خاسخيلي غلام قاسم اسسٽينٽ پروفيسر 1994ع، راشدي پير نجيب
اللا اسسٽينٽ پروفيسر 1998ع، بلوچ وحيدا بانو اسسٽينٽ پروفيسر ۽ ڊائيريڪٽر 2000ع،
جمالي نادر علي اسسٽينٽ پروفيسر 1996ع ۽ پيرزادا انجم جاويد اسسٽينٽ پروفيسر 1973ع
شامل آھن.
جيئن تـ اھڙا ھنر مخسوس ماڻھن ۾ ملندا آھن تنھن
ڪري شاگردن جي تعداد ٻين شعبن جي مقابلي ۾ گھٽ آھي شعبي ۾ ڪل 350 شاگرد ۽
شاگردياڻيون باقاعدگي سان داخل ٿيل آھن.
جديد دور سان گڏ شعبي جي وڌندڙ اھميت جو روجھان
واظي آھي ڇو تـ ھاڻي اھو دور ناھي رھيو جڏھن صرف ڊاڪٽر يا اينجنيئر ٿيڻ ئي ڪمال
سمجھو ويندو ھو. ھن سدي ۾ اسان کي ڊاڪٽر ۽ اينجنيئرسان گڏ سٺا ڊزائنر، مجسما نگار
۽ ھنر مند گھرجن جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ برابر حصو وٺي سگھن.
فائن آرٽس کي وڌيڪ مقبول ڪرڻ لاءِ حڪومت جي
ساھڪار جي ضرورت آھي تـ جيئن عملي تعليم ۾ گھربل شيون ھر شاگرد کي ملي سگھن.
شعبي جو ھڪ وڏو نالو نادر جمالي آھي جنھن جا
ٺاھيل مجسما سڃي پاڪستان ۾ مشھور آھن. سندس ڪاميابين ۾ شاھ عبدللطيف ڀٽائي جو
مجسمو، ڪيڊيٽ ڪوليج پيٽارو جو مليل پروجيڪٽ ۽ جامع سنڌ ۾ واقعي ھڪ ڪتاب پڙھندڙ ٻار
جو مجسمو شامل آھن.
شعبي جي خصوصيت اھا آھي تـ ھتي شاگرد محض ڪلاس ۾
ويھي ڪري ليڪچر نٿا ٻڌن بلڪـِ ھو سِکيائي ٽوور تي وڄي مختلف پٿر ۽ مِٽي ڳولي ان جو
بھترين استعمال ڪري مجسما ۽ ٻيون شيون ٺاھن ٿا جيئن گلدان وغيره.
اقصيٰ نظاماڻي
2k16/MC/13
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment