فارمي مرغي جو استعمال ۽ ان سان ٿيندڙ نقصان
Is this approved topic? see what outline was approved فارمي مرغي جو استعمال ۽ ان سان ٿيندڙ نقصانات. اسد علي راجپر_بي ايس 126 پاڪستان جي تجارتي ذريعن منجهان پولٽري فارم يعني مرغي فارم به هڪ اهم ذريعو آهي.ٻين ذريعن جيان مرغي فارمن ذريعي به پاڪستان پنهنجي ترقي جون ڏاڪڻيون پار ڪندو آهي.پاڪستان ۾ مرغي فارمن جي تجارتي بنياد تي شروعات 1960 ۾ ٿي.ان کانپوء ان فارمن ۾ وقت جي مناسبت سان ڪڏهن لاڙا ته وري ڪڏهن چاڙها وارو سرشتو برقرار رهيو. گورنمينٽ آف پاڪستان بيرو آف اسٽيٽسٽڪ پاران 2013 ۾ جاري ڪندڙ هڪ رپورٽ مطابق 2010 ۾ فارمي گوشت جي تعداد ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو هو جڏهن ته ساڳي رپورٽ ۾ اهو به واضع ڪيو ويو هو ته 2010 ۾ وڏي جانور جي گوشت ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي به ٿي.مرغي فارمن کي اڄ به ملڪ جي صنعتي حوالي سان ڪافي حد تائين استعمال ڪيو ويندو آهي.قديم دور ۾ ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪڪڙ کي پالي خوراڪ ڏئي وڏو ڪري گوشت لاء استعمال ڪندا هئا جنهن کي ديسي ڪڪڙ به چيو ويندو هو.اڄ به اها روايت سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ موجود آهي.اها ديسي مرغي 08 مهينن يا سال جي عرصي تائين پالي گوشت لاء استعمال ڪئي ويندي هئي....