فارمي مرغي جو استعمال ۽ ان سان ٿيندڙ نقصان

Is this approved topic? see what outline was approved
فارمي مرغي جو استعمال ۽ ان سان ٿيندڙ نقصانات.
اسد علي راجپر_بي ايس 126
پاڪستان جي تجارتي ذريعن منجهان پولٽري فارم يعني مرغي فارم به هڪ اهم ذريعو آهي.ٻين ذريعن جيان مرغي فارمن ذريعي به پاڪستان پنهنجي ترقي جون ڏاڪڻيون پار ڪندو آهي.پاڪستان ۾ مرغي فارمن جي تجارتي بنياد تي شروعات 1960 ۾ ٿي.ان کانپوء ان فارمن ۾ وقت جي مناسبت سان ڪڏهن لاڙا ته وري ڪڏهن  چاڙها وارو سرشتو برقرار رهيو.
گورنمينٽ آف پاڪستان بيرو آف اسٽيٽسٽڪ پاران 2013 ۾ جاري ڪندڙ هڪ رپورٽ مطابق 2010 ۾ فارمي گوشت جي تعداد ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو هو جڏهن ته ساڳي رپورٽ ۾ اهو به واضع ڪيو ويو هو ته 2010 ۾ وڏي جانور جي گوشت ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي به ٿي.مرغي فارمن کي اڄ به ملڪ جي صنعتي حوالي سان ڪافي حد تائين استعمال ڪيو ويندو آهي.قديم دور ۾ ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪڪڙ کي پالي خوراڪ ڏئي وڏو ڪري گوشت لاء استعمال ڪندا هئا جنهن کي ديسي ڪڪڙ به چيو ويندو هو.اڄ به اها روايت سنڌ جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ موجود آهي.اها ديسي مرغي 08 مهينن يا سال جي عرصي تائين پالي گوشت لاء استعمال ڪئي ويندي هئي.
ان کانپوء 1916 ۾ فارمي مرغي جي حوالي سان مختلف سائنسدانن تحقيق شروع ڪئي جنهن کي 1930 واري ڏهاڪي ۾ مڪمل ڪيو ويو.انهي تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته فارمي مرغي جو موجوده نسل ڪورنش نالي نر ڪڪڙ جڏهن ته ڪورنش روڪ نالي مادي ڪڪڙ جي ميلاپ کي هڪ نئي نسل طور سڃاتو ويو جنهن کي هن وقت فارمي مرغي چوندا آهن.1960 ۾ متعارف ڪرايل هن نسل جو ان وقت به تمام گهڻو استعمال ٿيندو هو.فارمي مرغي واري اها نسل چار کان ست هفتن جي اندر تيار ٿئي ٿي.انهي مرغي جو وزن 02 کان اڍائي ڪلو جي وچ ۾ هوندو آهي.
هوئنن ته گوشت انساني جسم جي توازن کي برقرار رکڻ لاء تمام مفيد هوندو آهي پر فارمي مرغي جي يعني هٿرادو تيار ڪيل گوشت کي کائڻ سان انساني جسم ۾ طرح طرح جون بيماريون جنم وٺن ٿيون.گوشت ۾ چڪنائي يا پروٽين جي مقدار ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ته پوء انساني جسم ان کي چربي جي طور تي جزب ڪندو آهي.جنهن جي ڪارڻ انساني صحت ۾ چربي جو وڌي وڃڻ هڪ مشغلو ٿي وڃي ٿو.انهي حوالي طبي ماهرين طرفان شايع ڪندڙ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انساني جسم ۾ پروٽين جي گهڻائي 33 سيڪڙو نوجوان نسل جي دلي مرض جو ڪارڻ بڻجي اڀري ٿي.فارمي مرغي جي ان گوشت ۾ موجود سالمونيا نالي بيڪٽريا انساني جسم جي هاضمي واري سرشتي کي ڌرم برهم ڪري ٿو.سڀ کان حامله عورتن، پوڙهن توڙي ٻارِڙن جي صحت جي نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو.فارمي مرغي جي گوشت سان ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون جنهن سان انساني زندگين کي خطرو هوندو آهي.اڄڪلهه جي دور ۾ ان کان بچڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي پر تنهن هوندي به احتياط لازم  آهي. 
Asad Ali Rajpar
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3

Dr Aziz Talpur Profile