Posts

Showing posts with the label transgender

پاڪستان ۾ خواجه سرائن جا حق

Writer's name is missing Are u sure this is not copy paste? Rights of Transgender in Pakistan پاڪستان ۾ خواجه سرائن جا حق جيئن ته هي دنيا جيڪا الله تعاليٰ ٺاهي آهي ان ۾ ڪيتريون ئي مخلوقون رهن ٿيون پر انهن سڀني مخلوقن ۾ هڪ انسان ئي اهڙي مخلوق آهي جنهن کي اشرف المخلوقات جو رتبو الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل آهي، ۽ انسانن ۾ به ٽي جنسون آهن مرد، عورت، ۽ خواجه سرا مرد هميشه هن سماج تي قابض ۽ حاوي رهيو آهي ۽ وڏي عاليشان مقام ۽ وڏي مان مرتبي سان رهندو آيو آهي. مرد کان پوءِ عورت ٻئي جنس آهي جيڪا پنهنجو سٺو مان مرتبو رکي پئي، ۽ سماج ۾ سٺو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد به ڪري پئي. پر عورت کي هميشه کان وٺي مرد جي ڀيٽ عورت کي گهٽ مان ۽ مرتبو مليو آهي. پر ان کان پوءِ ٽين جنس آهي خواجه سرا (کدڙا فقير) جن کي سماج ته پري جي ڳالهه پر پنهنجي گهروارا به قبول ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن. جئين ته خواجه سرا خدا جي طرفان ئي هڪ پيدا ڪيل مخلوق آهن ۽ اهي جيڪڏهن ڪنهن به گهراڻي ۾ پيدا ٿين ٿا ته انهن کي دلي طور سان قبول نه ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي سماج ۾ خراب سمجهيو ويندو آهي. خواجه سرا برادري کي پاڪستان ۾ پورا حق ن...