پاڪستان ۾ خواجه سرائن جا حق

Writer's name is missing
Are u sure this is not copy paste?

Rights of Transgender in Pakistan
پاڪستان ۾ خواجه سرائن جا حق
جيئن ته هي دنيا جيڪا الله تعاليٰ ٺاهي آهي ان ۾ ڪيتريون ئي مخلوقون رهن ٿيون پر انهن سڀني مخلوقن ۾ هڪ انسان ئي اهڙي مخلوق آهي جنهن کي اشرف المخلوقات جو رتبو الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل آهي، ۽ انسانن ۾ به ٽي جنسون آهن مرد، عورت، ۽ خواجه سرا مرد هميشه هن سماج تي قابض ۽ حاوي رهيو آهي ۽ وڏي عاليشان مقام ۽ وڏي مان مرتبي سان رهندو آيو آهي. مرد کان پوءِ عورت ٻئي جنس آهي جيڪا پنهنجو سٺو مان مرتبو رکي پئي، ۽ سماج ۾ سٺو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد به ڪري پئي. پر عورت کي هميشه کان وٺي مرد جي ڀيٽ عورت کي گهٽ مان ۽ مرتبو مليو آهي. پر ان کان پوءِ ٽين جنس آهي خواجه سرا (کدڙا فقير) جن کي سماج ته پري جي ڳالهه پر پنهنجي گهروارا به قبول ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن. جئين ته خواجه سرا خدا جي طرفان ئي هڪ پيدا ڪيل مخلوق آهن ۽ اهي جيڪڏهن ڪنهن به گهراڻي ۾ پيدا ٿين ٿا ته انهن کي دلي طور سان قبول نه ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي سماج ۾ خراب سمجهيو ويندو آهي. خواجه سرا برادري کي پاڪستان ۾ پورا حق نه ڏنا ويا آهن، جئين تعليم، نوڪريون، ۽ ووٽ جا حق نه ڏنا ويا آهن جيڪي انهن جا بنيادي حق آهن ۽ انهن حقن کان انهن کي محروم رکيو ويو آهي ۽ گورنمنٽ جيڪڏهن انهن لاءِ ڪجهه ڪيو آهي ته اهو صرف انهن لاءِ شناختي ڪارڊ جي منظوري ڏني آهي ۽ جيڪڏهن اسان خواجه سرا براداري جي قابليت جي ڳالهه ڪيون ته اڄ به سکر ۾ صنم فقير نالي خواجه سرا کي نه وساريو آهي جنهن 1975ع ۾ سکر شهر جي هڪ ڳوٺ حاجي سعيد محمد ۾ هڪ پيش امام جي گهر سعيد عيسيٰ گل نالي جنم ورتو. صنم فقير کي چار ڀاءُ ۽ پنج ڀينرون آهن پر صنم فقير سڀني ڀاءُ ڀينرن ۾ وڏي هئي جئين صنم فقير عمر ۾ وڏي ٿيندي وئي ته ان سا گهر ۾ غلط طريقي سان پيش اچڻ لڳا پر صنم فقير هميشه گهر ۾ سڀني سان سٺي رويي سان پيش ايندي هئي. صنم فقير نيو ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا به ورتي پر هو ڪلاس جي شاگردن جي خراب رويي جي ڪري پڙهي نه سگهي. هن چيو ته هن جا ڀاءُ ڀينرون ئي ان جو مزاق اُڏائن ٿا پر هن جا ماءُ پيءُ انهن کي صنم جو مزاق اُڏائڻ کان روڪيندا هئا. صنم جو چوڻ هو ته سڀ ڪجهه سٺو هلي رهيو هو جيستائين ان جو والد حياتي هو. 1994ع ۾ ان جي والد صاحب جي مرڻ کان پوءِ هن جي ڀائرن صنم کي برداشت نه ڪيو پوءِ هن جا ڀائر هن کي سري عام هجڙو چوڻ لڳا ۽ ان کي ڀائرن چيو ته تون هاڻي وڃي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان گڏ رهو، اهو ٻڌڻ کانپوءِ صنم فقير جون اکيون آليون ٿي ويون. پوءِ صنم پنهنجي والد صاحب جو گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. 20 سال جي عمر ۾ هن پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو ۽ پوءِ هو سکر جي شهر شمس آباد ۾ هڪ شهناز نالي خواجه سرا سان گڏ رهڻ لڳي. گهروارن جي اهڙي بدسلوڪي جو صنم کي گهڻو ڏُک پهتو. پوءِ هو خواجه سرا برادري ۾ شامل ٿي وئي ۽ ان ۾ هن کي ڪافي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون. پوءِ صنم هڪ واپاري کان ٻه هزار اوڌر ورتي ۽ بيڊ شيٽ وڪڻڻ شروع ڪيون. اهو صنم جي زندگي جو پهريون امتحان هو ۽ صنم انهن خواجه سرا برادري جي مقرر ڪيل پيمانن کي ٽوڙيو. جيڪي انهن ٺاهيا. ڪجهه وقت کانپوءِ ان جو ڪاروبار وڌڻ لڳو ۽ پوءِ ڪوئيٽا مان ڊنرسيٽ ۽ ڪمبل گهرايا ۽ انهن کي وڪڻڻ لڳي جنهن سبب ان کي گهڻي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. 2002 ۾ صنم سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ صنم هڪ مجيبا نالي خواجه سرا کي اکين جي آپريشن لاءِ پئسا ڏنا. 2008 ۾ هن هڪ پنهنجو سوشل آرگينائيزيشن صنم فقير ويلفئير  ايسوسيئيشن کوليو. جيڪو خاص طور تي خواجه سرا برادري لاءِ کوليو. صنم جو چوڻ هو ته پوءِ ماڻهن هن کي سپورٽ ڪيو ۽ فنڊس به ڏيڻ لڳا. جيڪو هو غريب ماڻهن جي نياڻين جي شادين ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪندي هئي. 2010 ۾ هن هڪ ڪمپيوٽر سينٽر کوليو، جيڪو خواجه سرا برادري جي سهولت لاءِ کوليو. هن جو خواب هو ته هُو مستقبل ۾ خواجه سرا برادري لاءِ ۽ لاوارث والدين لاءِ گهر ٺاهڻ چاهيندي هئي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن خواجه سرا برادري کي به موقعا ڏنا وڃن ته هو به پاڪستان ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ۽ هن پاڪستان جي ڪجهه ايجنسيز کي اپيل به ڪئي ته منهنجي مدد ڪريو منهنجي خوابن کي سچ ثابت ڪريو. ڇو جو هُو سماجي ڪمن ۾ گهڻي مصروف به هئي ۽ ٻيو ته هن وٽ سموريون سهولتون موجود نه هيون، ۽ هن پنهنجي خواجه سرا برادري کي بُرن ڪمن کان پري رهڻ جي هدايت به ڪئي ۽ چيائين ته توهان به پنهنجي لاءِ ۽ ملڪ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا. سکر جي 2013 واري اليڪشن ۾ صنم فقير قومي اسيمبلي جي سيٽ تي هڪ نامزدگي فارم به ڀرايو هو. جنهن ۾ هو صوبائي اسيمبلي جي PS 1  تان 924 ووٽ حاصل ڪيا پر ان ۾ هو اليڪشن هاري وئي. چوڻ جو مقصد صرف اِهو آهي ته جيڪڏهن خواجه سرا برادري کي اهي بنيادي حق ڏنا وڃن ته هو به ڊاڪٽر، استاد، انجينئير ۽ گهڻو ڪجهه ٿي سگهن ٿا. جئين پنجاب ۾ ڪجهه خواجه سرا ميڪ اپ آرٽسٽ ته ڪجهه فيشن ڊزائينر به آهن. خواجه سرا پنهنجو روزگار پاڻ ٺاهيندا آهن پر گورنمنٽ انهن کي ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم نه ڪندي آهي. ان ڪري گورنمنٽ کي گذارش ٿي ڪجي ته اهڙن انساني مخلوقن لاءِ به تعليمي اِدارا کولين ۽ انهن کي تعليم، نوڪرين جهڙا سمورا حق فراهم ڪري ۽ انهن کي سماج ۾ عزت سان جيئڻ جو حق ڏئي انسانيت جو فرض ادا ڪري. گورنمنٽ آف پاڪستان کي گهرجي ته ٽين جنس خواجه سرائن لاءِ فلاهي ادارا قائم ڪري جئين هو به سائينس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن، ۽ هن ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ۽ گورنمنٽ آف پاڪستان کي گهرجي خواجه سرائن لاءِ تعليم جاگرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪرائڻ گهرجن. ۽ انهن کي سماجي برابري ڏيارڻ لاءِ مختلف قسمن جا پروگرام ۽ (Events)    ڪرائڻ کپن، جيئن خواجه سرا به هن سماج ۾ سڪون جي زندگي بصر ڪري سگهن. جيئن هاڻي انهن لاءِ PHD تائين تعليم مفت آهي ته انهن ۾ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاگرتا پيدا ڪئي وڃي، ۽ خواجه سرا به ترقي جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي سگهن.
  Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Dr Aziz Talpur Profile

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3