ڊاڪٽر گلاب ڪشميري
seems ok
شهربانو
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
شهربانو
انسانيت جو همدرد، ساٿي ۽ دوست ڊاڪٽر گلاب ڪشميري
ڏٺو وڃي ته مالڪ جي جوڙيل هن جهان ۾ انسان ذات کي شرف
المخلوقات بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪائنات ۾ موجود شين کي سمجهڻ ۽ پرکڻ آهي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو مطلب اهو آهي ته سماج ۾ ٿيندڙ مسئلن کي چڱي ريت
حل ڪري سگهي، ان ڪري ئي انسان کي اشرف
المخلوقات جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ اهو شرف هر انسان کي حاصل نٿو ٿي سگهي بس رب
سائين جي خلقيل مخلوقات کي ملي سگهي ٿو ۽ خلقيل مخلوق مان ڊاڪٽر گلاب ڪشميري به هڪ
آهن ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي لاڙ واري علائقي بدين
جي تعلقي ماتلي ۾ 8 سيپٽمبر 1968 ۾ غريب گهراڻ ي ۾ اک کولي مائٽن جو دين جي طرف
لاڙو هجڻ ڪري سندن والده کيس قرآن پاڪ جي تعليم کي افضل سمجهيو ۽ قرآن پاڪ مڪمل
ڪرايو 1976 ۾ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر پوءِ به گهٽ توجه هجڻ جي ڪري 3 درجو ٻه
دفعه پڙهيو ۽ ائين آهسته آهسته اسڪول ۾ محنت ڪري 1990 ۾ ماتلي ۾ موجود سرڪاري
اسڪول مان Aگريڊ سان
گڏ ميٽرڪ پاس ڪيائين گهر جي صورتحال خراب هجڻ جي ڪري ٻيھر انٽر ۾ سٺي پوزيشن حاصل نه
ڪري سگهيو ۽ ائين B
گريڊ سان انٽر پاس ڪيائين انهن جو چوڻ هو ته هڪ دفعه اسپتال ۾ والد جي عيادت ڪرڻ
مهل سندن وائيٽ ڪوٽ به هجڻ ڪري روڪيو ويو ۽ انهي ڳالهه هن تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ وڌيڪ
محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو 2 سال جي اڻٿڪ ڪوشش سان 1992 ۾ ميڊيڪل ۾
سليڪشن ٿي. 1995 ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري، 1996 ۾ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال مان
هائوس جاب مڪمل ڪئي. 1997 ۾ ٿيندڙ ڪميشن پاس ڪري پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو. ڊاڪٽر گلاب ڪشميري غريبن جو همدرد ساٿي هجڻ
ڪري انهن سوچيو ته تعليم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن سان انسان پنهنجي تقدير بدلائي
سگهي ٿو انڪري ڊاڪٽر ۽ ان جي شريڪ حيات جي ڪوششن سان اسڪول جو بنياد رکيو ويو جتي تقريبن اڄ به 600 کان وڌيڪ شاگرد تعليم جي اڪ اجهائي رهيا
آهن ۽ انهن جو اهم مقصد تعليم جي زيور کان وانجهيل ٻارن کي علم جي روشني سان سرثار
ڪرڻ آهي ان کان علاوه به هن معاشري لاءِ ڪيترائي نيڪ ڪم ڪيا آهن انهن جو اندازو ان
جي قائم ٿيل ڪلينڪ مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن جو بنياد 8 نومبر 2014 ۾ رکيو ويو ۽ ان
اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريبن لاءِ هڪ اهڙي صحت جهڙي سهولت ميسر ڪرڻ آهي ته جئين هو
پنهنجي زندگي کي صحتمند گذاري سگهن 3 سالن جي اڻٿڪ ڪوششن کان پوءِ 14 آگسٽ 2017 ۾
باقائدي ان جو افتتاح ڪيو ويو جيڪو ماتلي
جي چئيرمين عبدالروئف نظاماڻي جي هٿان ڪيو ويو، ۽ ان جو نالو ”ڪشميري ويلفئير
ڪلينڪ ۽ ميٽر نٽي هوم“ جي نالي سان رکيو ويو آهي جتي صرف 50 روپين جي عيوض مريضن
جو بهترين علاج ڪيو وڃي ٿو انسانيت جي پچار ڪندڙ هن شخص جي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن
کان 50 روپيه ورتل فيس مان 10 روپيه امڙ لاءِ 10 روپيه پنهنجي ڀائرن لاءِ جنهن ان کي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو آهي 10 روپيه خيراتي واٽ ۾
ته 10 روپيه پنهنجي لاءِ ۽ 10 روپيه پنهنجي اسپتال لاءِ تقسيم ڪندو آهي ڊاڪٽر صاحب
کي بهترين ڊاڪٽر جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي ان کان علاوه گائيني ۾ ٽي پوزيشن حاصل
ڪري چڪا آهن ڊاڪٽر ي کان علاوه ڊاڪٽر جي زندگي جو مقصد آهي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ ان
کي دين جي طرف راغب ڪرڻ! ان کان علاوه پاڻ
پنهنجي جياپي جي هر موڙ تي هميشه انسان ذات کي اولين ترجيح ڏيندي هڪ ڪامياب انسان
ٿيڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا آهن ڇاڪاڻ انسان جڏهن انسانيت جو سبق مڪمل طرح سان پڙهي ۽ سکي
وٺي ٿو ته گويا ان پوري عالميت جو ڪورس مڪمل ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻدايو ته مون
جي لاءِ اهو ڪافي آهي ته ماڻهو مون کي عزت جي اُڪير سان پڪارين ٿا، منهنجي زندگي
جو مقصد ايوارڊ ماڻڻ ناهي ، ان ڳالهه سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر جي زندگي
جو مقصد ڪهڙي حد تائين اثرائتو آهي.
نالو؛ شهربانو
رول نمبر؛ 2k16/mc/98
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment