هاشم ڪانڌڙو profile


It is not composed in word proper format. Can not be edited
Referred back. Plz recompose it and send it again till August 20 
اميراڻي مزاج ۾ سادي سودي ۽ شريفانه زندگي گذاريندڙ شخصيت (محمد هاشم ڪانڌڙو)
فائزه ڪانڌڙو_ايم اي_08

سنڌي ۾ عظيم چوڻي آهي ته محنت عظمت آهي.اهڙن انسانن جي حيات انسانيت لاء ڇپر ۽ ڇانوء هوندي آهي.انڪري انهن جا ناء هر هانوء ۾ هرندا آهن ۽ موت انهن جي شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري نه سگهندو آهي.
محمد هاشم ڪانڌڙي 30 مارچ 1964 تي ضلعي ميهڙ جي ڳوٺ گهنورآباد ۾ جنم ورتو.شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين،وڌيڪ تعليم جي سند ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نصيرآباد ۾ حاصل ڪئي.والد سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم به سنڀاليو.پڙهائي ۾ دلچسپي ۽ جدوجهد جي حوصلن کي بلند ڪيو.گورنمينٽ ڪاليج هيرآباد مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي شماريات ۾ داخلا ورتائين.بي ايس سي ۽ ايم ايس سي آنرز تائين پهرين پوزيشن ماڻيندو رهيو.
پڙهائي سان گڏوگڏ سماجي تنّظيمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ عوام لناس جو اهم اڳواڻ به رهيو.ان کانپوء سنڌ مدرسته السلام  ڪراچي ۾ جي ايس ٽي جي عهدي تي نافذ ٿيو جنهن هن جي جيء ۾ نئو جذبو ۽ نئون روپ وکيريو هو.پنهنجي ڊيوٽي شناسائي ايمانداري ۽ پابندي سان ادا ڪئي.مختلف ادارن ۾ اپلائي به ڪندو رهيو.سنڌ  پبلڪ سروس ڪميشن، فيڊرل، آر سي، سول ڊفينس ۽ وفاق معتب اعلي جهڙن ادارن ۾ انٽرويو به ڏنا پر وري به نصيب ۾ پيغمبري پيشو استاد ئي لکيل هو.
زندگي جي ڪئي رولاڪين کي منهن ڏيڻو پيو پوء به پنهنجو پاڻ تي اعتماد ئي کيس هميشه ڪاميابي ۾ سرخرو ڪيو.اهو ئي سبب آهي هن وقت نوجوانن لاء اتساه جو سبب بڻيل آهي.آخرڪار ايس پي ايس سي جي شعبي ۾ ڪميشن پاس ڪري تعلقي جي سطح تي تعلقه ايجوڪيشنل آفيسر مقرر ٿيو، پنهنجي تعلقي جي اسڪولن ۽ ٻارن جي داخلا ۽ استادن جي حاضري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڏينهن رات محنت ڪئي. ٻهراڙي جهڙي علائقن ۾ گهر گهر تعليم لاء ٻارن ۽ والدين کي اتسايو. ڪٿي موٽ ملي ڪٿي نه ملي پر پو۽ به ايمانداري سان پنهنجي زميداريون سرانجام ڏنيون.
آخرڪار ايتري محنت ۽ جدوجهد حوصلن کي بلندي تي آڻيو ۽ هن وقت ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشنل آفيسر (ايڊمنسٽريشن) طور پنهنجي پوري ضلعي جي اسڪولن جي مانيٽرنگ به ڪري رهيو آهي.جيڪا تربيت ان کي سنڌ مدرسته السلام مان ملي ان کي به بخوبي نڀائي رهيو آهي.سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو آهي.سماجي حوالي سان علائقي ۾ جينڊر بيلينس ۽ ٻيا ڪئي سيمينار منعقد ڪرايا آهن.سوشل ميڊيا ،پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا سان به ڪافي حد تائين لاڙو رهيو آهي.
ان کان علاوه فقير محمد لاشاري سان جاڳ اخبار ۾ ايڊيٽوريل ۾ ڪم ڪيو.سنڌ سڄاڳ ۾ به واسطو رهيو آهي.زندگي جي 55 بهارن مان 35 بهارون فلاحي تنظيمن  ۾ ڪم ڪندي گذاريون آهن.هاشم ڪانڌڙو جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه جا نوجوان هن فيلڊ ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن ۽ عوام الناس جي خدمت ڪرڻ لاء پنهنجي زندگي کي وقف ڪرڻ ئي زندگي جي اصل حقيقت سمجهن.
جيڪو شخص پنهنجي زندگي لاء جيئي ٿو ڀلي انجي عمر سو سال ڇو نه هجي ڪجه حاصل نه ٿيندو پر ڪو ماڻهو پنهنجي عمر جو چوٿون حصو به انسانيت جي پيروي ڪرڻ ۾ پچاري ٿو ان سب ڪجهه ڪمايو.انهي ڪري چوندا آهن ته جياپي ۾ هڪ شخص نه بلڪه هڪ شخصيت ٿي رهو ڇاڪاڻ جو مرڻ کانپوء  شخص ته ناهي رهندو پر شخصيت زنده رهندي آهي.
هاشم ڪانڌڙو غربت جي دور مان ڪاميابي ته حاصل ڪئي ۽ ڪئي زندگين کي سنوارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.اڄ هڪ تعلقه آفيسر هجڻ باوجود سادي سودي ۽ پرخلوص زندگي بسر ڪري رهيو آهي.زندگي جو مقصد صرف ڪامياب ٿيڻ ئي ناهي بلڪه ڪيترين ئي زندگين کي ان جو مقصد ڏيڻ به زندگي آهي.   

  Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  


Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3

Dr Aziz Talpur Profile