هڪ جهان جديديت ڏانهن_فائيزه ڪانڌڙو
هڪ جهان
جديديت ڏانهن.
فائزه ڪانڌڙو_ايم اي_08
تعليم هر فرد
جو بنيادي شرستو آهي. دنيا جي ڏاهن ماڻهن جا قول معاشري ۾ هر هنڌ مختلف مرحلن ۾
رهنمائي جو سبب بڻجندا رهيا آهن.تعليم جي حوالي سان به مختلف دانشورن جا مختلف قول
ماڻهن جي روحن جي گلين ۾ پيا لامارا ڏيندا آهن.ائين ئي هڪ قول اهو به رهيو آهي ته
ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان لاء
هٿيار هٿ ڪرڻ جي ضرورت ناهي بس ان جي تعليمي باب کي تالا هڻي ڇڏيو.انهي تعليمي
ڪاروان جي حوالي سان جيڪڏهن سنڌ ڌرتي تي پنهنجي نت نئي سوچ سان سڃاڻپ رکندڙ املهه
ماڻهن جي ڪردار جي ڳالهه ڪجي ته اهي به ڪافي حد تائين اثرائتا ثابت ٿيندا.
لياقت ٽائون
کان مير ڪالوني تائين روز ڪيترن ئي نظارن کي پنهنجي نگاهن جو مرڪز بڻائيندي ٽنڊو
ڄام جي هر تعليمي ادارن جو سفر پنهنجي قدمن جي آهٽن ۾ پورو ڪيو آهي. پر شهر جي روحاني حسن توڙي
معياري تعليم کي هر نت ۽ نواڻ سان پورو ڪندڙ ڊان اڪيڊمي جو نالو ٻين ادارن کان
نرالو ۽ اونچو رهيو آهي.قديم دور کان جديديت ڏانهن روان دوان ڊان اڪيڊمي جي شروعات
07 جولائي 2014 ۾ ٿي.اڏاوتي حوالي سان
اڪيڊمي جو جائزو ورتو وڃي ته اها مير ڪالوني جي ڇهين گلي جي سڄي پاسي اڏيو ويو
آهي. اڪيڊمي جي بنياد هڪ ذهين ۽ هونهار راجيش ڪمار نالي شخصيت ڪئي آهي.
اڪيڊمي جي
شروعاتي سفر ۾ تعليمي ڪاروان جو نظام هيٺين ڪلاسن تائين محدود رهيو، پر وقت جي
وهڪرن سان اهي ترقي جون ڏاڪڻون پار ڪري اڳتي وڌيو.هن وقت سينٽر تي نائين جماعت کان
وٺي ٻارهن درجي تائين جا شاگرد پنهنجي تعليم جي اڪ اجهائي رهيا آهن.شاگرد پنهنجي
اسڪولن توڙي ڪاليجن مان موٽي سينٽر تي اچي شوق ۽ خوشي سان هر سرگرمي ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا.اڪيڊمي ۾ شاگردن جي لاء 03
وڳي کان وٺي شام 06 وڳي تائين ڪلاسن جو وقت مقرر ڪيل آهي.مير ڪالوني جي بهترين
تعليمي اداري ڊان اڪيڊمي ۾ هونهار،محنتي ۽ صلاحيت جوڳا استاد پنهنجي پيغمبري پيشي
کي بهترين انداز ۾ سرانجام ڏئي رهيا آهن.
اڪيڊمي ۾
تعليمي نظام کان سواء شاگردن جي صلاحيتن کي پرکڻ لاء مختلف سرگرميون به ڪيون وڃن
ٿيون.جنهن ۾ شاگرد تمام گهڻي دلچسپي سان حصو وٺي پنهنجي قابل صلاحيتن کي اجاگر ڪن
ٿا.اڪيڊمي تي پرزينٽيشن، تقريري مقابلن، ڊانسن سميت ٽيسٽن جا به مقابلا ڪيا ويندا
آهن.
اڪيڊمي ۾
دروازا بلو رنگ جي رنگائي سان خوبصورت نموني سان رنگيا ويا آهن.سينٽر پر سڪون واري
ماحول سان 13 ڪلاس رومن، ٻن آفيسن ۽ ٻن باٿ رومن سميت هڪ بورچي خاني سان اڏيو ويو
آهي.سينٽر تي اسٽاف جو آفيس جي عملي توڙي شاگردن سان دوستاڻو ماحول جڙيل آهي.جنهن
سان اتي جو ماحول هڪ گهر جيان پنهنجائپ جا ڳڻ ڳائيندي، شاگردن توڙي استادن جو قربن
وارو قربائتو پيار وکيرندي هلي رهيو آهي.تعليمي ڪاروان ۾ هر وقت ڪارآمد ثابت ٿيندڙ
ڊان اڪيڊمي اڄ جي جديد دور لاء هڪ بهترين
مشعل راه آهي جيڪو هن وقت جي نئي ايندڙ معمار لاء ڪاميابي توڙي ڪامراني جو سبب
بڻجي اڀريل آهي.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment