اميراڻي مزاج ۾ سادي سودي زندگي (محمد هاشم ڪانڌڙو) فائزه ڪانڌڙو
اميراڻي مزاج
۾ سادي سودي ۽ شريفاڻه زندگي گذاريندڙ شخصيت (محمد هاشم ڪانڌڙو)
فائزه
ڪانڌڙو_ايم اي_08 Faiza Kandhro
سنڌي ۾ عظيم
چوڻي آهي ته محنت ۾ وڏي عظمت آهي.اهڙن انسانن جي حياتي انسانيت جي لاء ڇپر ۽
ڇانورو بڻيل هوندي آهي.ان ڪري انهن جا ناء هر هانوء ۾ هرندا آهن ۽ موت انهن جي
شهرت ۽ عظمت جي عڪس کي ڌنڌلو نه ڪري سگهندو آهي.
محمد هاشم
ڪانڌڙي 30 مارچ 1964 ۾ ضلعي ميهڙ جي ڳوٺ گهنورآباد ۾ جنم ورتو.شروعاتي تعليم
پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين.وڌيڪ تعليمي سندون وٺڻ لاء لاڙڪاڻي ضلعي جي نصيرآباد
شهر ۾ نڪتو.والد سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم به سنڀاليو، پڙهائي ۾ به دلچسپي ۽ جدوجهد
حوصلن کر بلند ڪيو.گورنمينٽ ڪاليج هيراآباد مان انٽر جو امتهان پاس ڪري سنڌ
يونيورسٽي جي شعبي شماريات ۾ داخلا رتائين.بي ايس سي کان ايم ايس سي آنرس تائين
پهرين پوزيشن پنهنجي نالي ڪندو رهيو، پڙهائي سان گڏوگڏ سماجي تنظيمن ۾ ڀرپور حصو
ورتائين ۽ هڪ سماجي اڳواڻ طور به سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو.ان کانپوء سنڌ مدرسته
السلام ڪراچي ۾ جي ايس ٽي جي عهدي تي نافذ ٿيو. جنهن انجي جيء ۾ هڪ نئون جذبو ۽
نئون روح ڦونڪيو.هن پنهنجي ڊيوٽي فرض شناسائي ۽ ايمانداري ۽ پابندي سان ادا ڪئي
مختلف ادران ۾ به اپلائي ڪندو رهيو.
سنڌ پبلڪ
سروس ڪميشن،فيڊرل، آر سي ۽ سول ڊفينس ۽ وفاق محتب اعلي جهڙن ادارن ۾ انٽرويو به
ڏنا پر وري به نصيب ۾ پيغمبري پيشو استادي ئي لکليل هو.زندگي ۾ ڪيترين ئي رولاڪين
کي منهن ڏينو پوء به پنهنجي پاڻ تي اعتماد ئي کيس هميشه سرخرو ڪيو اهو ئي سبب آهي
جو هن وقت نوجوانن لاء اتساه جو سبب بڻيل آهي.آخرڪار ايس پي ايس سي جي شعبي ۾
ڪميشتن پاس ڪري تعلقائي سطح تي تعلقه ايجوڪيشنل آفيسر طور ڀرتي ٿيو.پنهنجي تعلقي
جي اسڪولن ۽ بارن جي داخلا ۽ استادن جي حاضري کي برقرار رکڻ لاء ڏينهن رات محنت
ڪئي.، ٻهراڙي جهڙن علائقن ۽ گهر گهر تعلرم لاء بارن ۽ والدين کي اتسايو جتان کين
ڪٿي موٽ ملي يا وري ڪٿان ناڪامي ئي نصيب ٿي پر وري به ايمانداري سان پنهنجيون
ذمِيداريون سر انجام ڏنيون.
آخرڪار ايتري
محنت ۽ جدوجهد حوصلن جي بلندي تي آڻيو هن وقت ڊپٽي ڊسٽرڪ ايجوڪيشنل آفيسر(ايڊمنسٽريشن)
طور پوري ضلعي جي اسڪولن جي مانٽيرنگ به ڪري رهيو آهي.جيڪا ترتبيت ان کي سنڌ
مدرسته السلام مان ملي ان کي بخوبي سان نڀائي رهيو آهي
سماجي اڳواڻن
۾ ناء به شامل آهي جنهن ۾ جينڊر بيلينس ۽ ٻيا ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا.سوشل
ميديا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا سان به ويجهو لاڳاپو رهيو آهي.فقير محمد
لاشاري سان جاڳ اخبار ۾ به ايڊيٽويل جي ٽيم ۾ به ڪم ڪيو.سنڌ سڄاڳ ۾ به واسطو سرخرو
رهيو آهي.زندگي جي 55 بهارن مان 35 بهارون فلاحي تنظيمن ۾ ڪم ڪندي گذاريون
آهن.هاشم ڪانڌڙو جو چوڻ آهي ته اڄڪله جي نوجوان هن فيلڊ ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن ۽
عوام الناس جي خدمت ڪرڻ لا۽ پنهنجي زندگي کي وقف ڪرڻ ئي زندگي جي اصل حقيقت آهي.
جيڪو شخص
پنهنجي زندگي لاء جيئي ٿو ڀلي انجي عمر صدي جي برابر ڇو نه هجي ڪجهه حاصل نه
ٿيندو. پر جيڪو شخص پنهنجي عمر جو چوٿون حصو انسان ذات جي خدمت لاء وقف ڪري ٿو ان
ڄڻ سب ڪجه ڪمائي ڇڏيو.انهي ڪري چوندا آهن ته جياپي ۾ هڪ شخص نه بلڪه شخصيت بڻجي
گذاريو ڇاڪاڻ جو مرڻ کانپوء شخص ته ناهي رهندو پر شخصيت زنده رهندي آهي.
هاشم ڪانڌڙو
غربت جي دور مان ڪاميابي ته حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ زندگين کي سنوارڻ ۾ به هٿ
رهيو.اڄ هڪ تعلقه آفيسر هجڻ باوجود سادي سودي ۽ پرخلوص زندگي بصر ڪري رهيو
آهي.زندگي جو مطلب صرف ڪامياب ٿيڻ ئي ناهي بلڪه ڪيترن ئي زندگين کي زندگي جو مقصد
ڏِيڻ به زندگي جو نالو آهي.
Faiza Kandhro
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment