Problems of Sindh Growers :Faiza Kandhro
Some figures facts and examples are needed. Its too general
Problems of Sindh Growers Faiza Kandhro MA Article فائزه ڪانڌڙو
سنڌ ۾ آبادگارن جا اڀريل مسئلا.
فائزه ڪانڌڙو_ايم اي.
1947 کان دنيا جي نقشي تي اڀريل پاڪستان دنيا جي ٻين
ملڪن جيان هڪ زراعت جي ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.هن ملڪ جي معشيت جو دارومدار گهڻي
ڀاڱي زراعت تي آهي.ٻين صوبن جيان سنڌ به زرعي معيشيت تي ڀاڙيندڙ صوبو آهي.صوبي جي
ماڻهن جي وڏي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهي
ٿي،سندن گذر سفر جو وڏي ۾ وڏو ذريعو زراعت ۽ پنهنجو چوپايو مال آهي.چوڻ جو مطلب
اهو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ واسين جي خوشحالي توڙي ترقي زراعت جي بهتري سان
لاڳاپيل آهي.پر افسوس اڄ ڪلهه پاڻي جي کوٽ، پاڻي چوري ٿيڻ، ٻج جو سڪي وڃڻ، پاڻي جي
کوٽ سبب وقت جي مناسبت سان پوکائي نه ٿيڻ جهڙا مسئلا عام هاري ناري سان گڏوگڏ اتي
جي رهواسين لاء موت ۽ زندگي جي علامتن منجهان هڪ آهن،جنهن جو اندازو وقت بوقت روڊن
تي ٿيندڙ آبادگارن جي احتجاجن مان لڳائي سگهجي ٿو.
هارين ۽ آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا مسئلا به
سدائين درپيش هوندا آهن.نتيجي ۾ وياجي ماڻهن کان پئسا وٺي ٻيجاري توڙي ڀاڻ جو بندو
بندوبست ڪندا آهن.پر انهن سڀني مسئلن کان مٿانهون مسئلو هوندو آهي وياجي بڻجي وڃڻ جيڪو
قرض پوء انجي نسل پئي ادا ڪندي آهي،ائين انهي ڪاروان ۾ نسلن جا نسل تباهي جي ور
چڙهي ويندا آهن.نه صرف ايترو پر جڏهن هارين جو فصل تيار ٿئي ٿو ته سرڪاري سطح تي
فصلن جا اگهه گهٽائي فصل خريد ڪندڙ ڪارخانيدان لاء به وڌ کان وڌ منافعو ڪمائڻ جو
موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي.اهڙي ريت مٿين طبقي جي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن کپائيندڙ ۽ فصل
خريد ڪندڙ جو ڳت جوڙ زرعي معيشيت ۽ پورهيتن کي گوڏن ڀر ويهارڻ ۾ ڇوٽ ڏنل آهي.
عام طور تي پاڻ جيڪي به شيون خريد ڪندا آهيون.اهي
مهانگيون هونديون آهن،پاڻ انهن شين جي قيمت سان گڏ مٿن لڳل ٽيڪس به ڀريندا آهيون
جڏهن ته موٽ ۾ اسان کان جيڪي شيون خريد ڪيون وينديون آهن سي بنهه گهٽ تي خريد ڪيون
وينديون آهن.جنهن ريت هڪ پورهيت کي مخصوص وقت ۾ پورهئي جي بدلي پنهنجو اجرو وڪرو
ڪرڻو پوندو آهي،ساڳي ريت هاري ۽ آبادگار به پنهنجي فصل کي تيار ٿيڻ کانپوء ترت
وڪرو ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن.فائدو منڊي جا مالڪ پاڻ ۾ ايڪو ڪري حاصل ڪندا آهن
انهي طرح فرلٽ جي آخري قيمت هاري ۽ پورهيت يا وري انهن جي ايندڙ نسل ادا ڪندي آهي.
ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت ڪيترائي دفعا مثبت
قدم کنيا آهن جنهن سان زرعي معشيت سان لاڳاپيل هارين ۽ آبادگارن کي چڱو فائدو ملي
سگهي ٿو.ان کان علاوه سنڌ ڪابينا سنڌ حڪومت جي پهرين زرعي پاليسي،زرعي ڪميشن قائم
ڪرڻ ۽ نوجوانن بابت يوٿ پاليسي،زرعي پاليسي تحت ريگستاني علائقن ۾ برسات جي پاڻي
کي محفوظ ڪرڻ لاء جديد سسٽم لاڳو ڪرڻ لاء مختلف نڪتا شامل ويا هئا پر مٿي زري
برابر به عمل نه ٿي سگهيو آهي نتيجي طور تي اتي جا هاري ۽ آبادگار اڃا تائين ساڳين
مشڪلاتن کي منهن ڏئي پنهنجو پيٽ پالي رهيا آهن. هارين ۽ آبادگارن ۾ پيدا ٿيل هن بي
چيني ڪنهن به صورت ۾ معمولي نه بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته هي سنڌ جي اڪثريتي آبادي جو
انتهائي بنيادي مسئلو آهي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته زرعي معيشيت کي برقرار رکڻ لاء
زراعت جي دنيا ۾ نت نئي پاليسي جوڙي وڃي جنهن سان نه رڳو
زراعت سان واڳيل هارين ۽ آبادگارن کي نفعو رسندو بلڪه زرعي اپت ۾ به خاطر خواهه
اضافي امڪان آهن.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh .
Comments
Post a Comment