Abdul latif Bhayo سنڌي ادڪارن جو سياست ڏانهن لاڙو

Improver failure
too short. 600 plus words are required - copy paste from newspaper
fotos also
No reason why they are opting for politics/ elections

Bs part 4 2k15/mc/3
Article and Profile assignment
Sindhi showbiz actors enter politics

سنڌي ادڪارن جو سياست ڏانهن لاڙو
جولاءِ 2018ع وارين چونڊن ۾ سياستدانن سان گڏوگڏ اداڪارن ڀرپور حصو ورتو جن پهنجن تڪن ۾ دلچسپ طريقي سان چونڊ مهم پڻ هلائي، انهن اداڪارن ۾ ناليوارو ادڪار ايوب کوسو، قيصر خان نظاماڻي ۽ علي گل ملاح شامل آهن.
ايوب کوسو
ايوب کوسو جو جنم 1958ع ۾ سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ ٿيو جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، اسڪول جي عمر دوران ئي هن اداڪاري شروع ڪئي. هن بلوچستان يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي ڊگري پاس ڪئي. ايوب کوسي جو شمار پاڪستان جي ناميارن اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، هن پي.ٽي.وي جي ڊرامن سان گڏ مختلف فلمن ۾ ڪري پاڻ مڃرايو آهي.
سال 2018ع جي عام چونڊن ۾ ايوب کوسي سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي.ايس 101 ڪراچي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان حصو ورتو ۽ 5121 ووٽ حاصل ڪري تڪ ۾ چوٿين نمبر تي آيو. ايوب کوسو پنهنجي چونڊ مهم دوران تمام گهڻو پراميد نظر ايندو رهيو. هڪ انٽرويو ۾ هن سياست طرف اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته جنهن ڏينهن فنڪارن جي حڪومت ٺهي ته ڪراچي جي ٿيٽر ۽ موسيقي جي پروگرامن کي بحال ڪري رونقون آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سياست هڪ مشڪل ڪم نظر ايندو آهي پر عوام جي خدمت جو جذبو کڻي ايندڙن لاءِ ڪو به ڪم مشڪل ناهي هوندو، سياست ۾ صادق ۽ امين جي ڳولها عوام لاءِ ڪنهن آزمائش کان گهٽ ناهي هوندو.
ايوب کوسو بدقسمتي سان چونڊن ۾ ڪاميابي ته حاصل ڪري نه سگھيو پر هو فنڪارن سان گڏوگڏ عوام لاءِ هڪ اميد ٿي سامهون آيو.
قيصر خان نظاماڻي
قيصر خان نظاماڻي پاڪستاني ڊرامن جو مشهور اداڪار طور سڃاتو وڃي ٿو، قيصر نظاماڻي 9 آگسٽ 1965 تي جنم ورتو، اداڪاري جي دنيا ۾ هن کي مرحوم شفيع محمد شاھ متعارف ڪرايو ۽ هو 90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ڊرامن ۾ چاڪليٽي هيرو جي لقب سان مشهور ٿيو. قيصر نظاماڻي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي ان وقت جي مشهور اداڪاره فضيلا قاضي سان شادي ڪئي ۽ متعدد ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي.
قيصر نظاماڻي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 2002ع وارين چونڊن کان ڪئي جنهن ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊن ۾ حصو ورتو،انهن چونڊن ۾ قيصر کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. 


2018ع جي عام چونڊن کانپوءِ آڪٽوبر ۾ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي جي تڪ اين.اي 247 تان اداڪار قيصر نظاماڻي کي پارٽي ٽڪيٽ مهيا ڪئي وئي، هي اهو ئي تڪ آهي جنهن تان پي.ٽيِ.آءِ جو ليڊر عارف علوي ڪامياب ٿي صدر پاڪستان چونڊيو ويو هيو.

----------------------
too short. 600 plus words are required
fotos also
Its is written in article style, not feature

Abdul latif Bhayo
Bs part 4 2k15/mc/3
Feature

ڄامشورو فلااور جا ماڻهن تي اثر
ڄامشورو جيڪو هوائن جي شهر طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو .ڄامشورو شهر تعليمي ۽تدريسي درس گاهن جو ڳڙه پڻ آهي . ڇاڪاڻ ته هتي پاڪستان جي پوراڻي يونيورسٽي سنڌ يونيوسٽي موجود اهي . ان سا گڏوگڏ انجينئرنگ جي مهراڻ يونيورسٽي ۽ ان سا گڏ ميڊڪل شعبي جي بهترين يونيورسٽي لياقت يونيورسٽي واقع آهي . ان ڪري ڄامشورو شهر کي ٻين شهرن کان هڪ خاص اهميت حاصل آهي .
ڄامشورو شهر جيڪو ڦاٽڪ جي نالي طور سڃاتو وڄي ٿو ، اهيو ننڍي آبادي وارو شهر آهي پر ڄامشورو ۾ ٽي مشهور يونيورسٽي هجڻ سان گڏوڏ ، سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي شهر لاءِ به هتا رستو گذري ٿو . ان جي ڪري گذريل ڪئي سالن کان ڄامشور شهر بدترين ٽريفڪ ۾ مبتلا هو. ان تريفڪ کي نظر ۾ رکندي سنڌ گورمينٽ طرفان جامشوروو ريلوي ڦاٽڪ مٿان هڪ فلائي اوور ٿاهڻ جو منسوبو رٿيو ،جنهن لاءِ 3بلين  جي لاگت جي اگڪٿي ڪئي وئي. ڄامشورو شهر جي رهاڪن طرفان ان منصوبي جي خوب حمايت ڪئي ڄامشهورو شهر ۾ ريلوي
ڦاٽڪ جي هجڻ يونيورسٽي جي پوائنٽ جي رش، لمس هاسپيٽل ڏانهن مريضن جي اچ وڃ ۽ لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ جي سوارين جي روانگي سبب ڄامشورو شهر هڪ بدترين ٽريفڪ ۾ مبتلا هو. ان ئي سبب جي ڪري فلائي اوورٺاهڻ جي ڪمي محسوس ڪئي وئي  .
ڄامشورو فلائي اور جو ڪم 2018 جي شروعات ۾ شروع ٿيو ۽ سيپٽمبر جي مهني م تڪميل تي پهتو . ڄامشوري فلائي اوور جي ڪم جو ٺيڪو سچل ناليڪمپني کي ڏنو ويو جنهن اهو ڪم مثبت نموني وقت تي پوو ڪيو . هي فلائي اوور ڄامشهور ريلي ڦاٽڪ ۽ سيوهڻ نيشنل هائي وي اين 55 جي مٿا ن ٺاهي وئي آهي .

فلائي اوور جي ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ گورمنينٽ طرفان انڪورچمينٽ جو ڪم سرانجام ڏنو ويو . جنهن سام ڪيترائي دڪان پيٽرول پمپ ۽ هوٽل ڊاهي پٽ ڪيا ويا . جنهن جي ڪري ڪيترن ئي غريب توڙي امير ماڻهن کي نقصان رسيو .
ڄآمشوري شهر ۾ فلائي اوور ٺاهڻ دوران ڄامشوري واسين کي فاٽڪ شهر وڃڻ لاءِ ڪوبه متبادل رستو ن ڏنو ويو . جنهن جي ڪري اتان جي رهواسين کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو جئين ته فلائي اوور جي تعميراتي ڪم دوران عوام کي متبادل رستو فرهم ڪرڻ تعميراتي ڪمپني ۽ انتظاميا جو گڏيل ڪم آهي ، پر افسوس جو ان سلسلي ۾ انتظاميا ۽ تعميراتي ڪمپني عوام کي متبادل رستو مهيا ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار نظر آيون
جئين ته فلائي اوور جي ٺاهڻ سان اتان جي رهاڪن ، يونيورسٽيز جي بسن ، لمس اسپتال ڏانهن ويندڙ مريضن ۽ سيوڻ دادو ڏاهن ويندڙ سوارنن کي آساني رسي آهي ۽ انهن کي ڪنهن به ٽريفڪ سان منهن نٿو ڏيڻو پوي . ان سان گڏوگڏ ڄامشورو واسين کي گذر سفر ۾ پڻ آساني رسي آهي

---------------------------- 
Investigation means to find ou some thing hidden
Its is not so 
Sindhi showbiz actors enter politics

Abdul latif Bhayo
Bs part 4 2k15/mc /3
Investigative report
ڄامشورو  فلاءِاوور تي ٿيندر  حادثا
ڄامشورو جيڪو هوائن جي شهر جي نالي سان مشهور آهي،ان ۾ پاڪستان جي بهترين يونيورسٽيون موجود آهن ان ۾ ڄامشورو پاور هاوس پڻ موجود آهي جتي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي جنهن کي پوري پاڪستان ۾ ڪم آڻيو ويندو آهي
ڏٺو وڃي ته ڄامشورو شهر جي آبادي ايتري گهڻي ته ناهي پرهتي 3 بهترين يونيورسٽيون هجڻ ڪري مختلف شهر جا ماڻهو پنهجي ٻارن کي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي موڪلين ٿا.
ڄامشورو شهر جيڪو ڦاٽڪ جي نالي سان مشهور آهي هتي جا ماڻهو پنهجي ضرورت جون شيون هتانخريد ڪن ٿا وڌيڪ سامان وٺڻ لاءِ حيدراباد شهر جو رک ڪن ٿا .
ڄامشهور شهر جتي قائم آهي اتي ريلوي جي ڦاٽڪ قائم آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو، يونيورسٽي جون پوائنٽ بسون ڄامشورو سيهڻ روڊ جي گاڏيون جي ڪري ٽريفڪ جام معمول جو حصو ٿي وئي هئي. جنهن جي ڪري ماڻهن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو هيو.  ٽريفڪ کان بچڻ لاءِ پنهجي منزل تي پهچڻ لاءِ  ماڻهو مختلف رستا اختيار ڪن پيا جيڪي خطرناڪ رستا آهن جتي فقط مٽي جا ڪچا روڊ هيا جنهن سبب پنجن منٽ جو سفر اڌڪلاڪ ۾ تئه ٿيو وڃي.
روزاني جي ٽريفڪ جام  جي مسئلن کي ڏسي حڪومت طرفان ڄامشورو ڦاٽڪ مٿان فلاءِ اوور ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو،اوور هيڊ برج جو ڪم 2017 جي ڊسمبر مهيني ۾ شروع ٿيو ۽ 2018 جي جولاءِ ۾ ختم ٿيو. فلاءِ اوور ٺاهڻ جو ٺيڪو سچل نالي ڪمپني کي ڏنو ويو هيو جنهن ڏينهن رات ڪم ڪري ڪجھ ئي مهينن ۾ پل جي ڪم کي پنهنجي تجميڪ تي پڄايو.
 فلاءِ اوور جي ٺهڻ جي وقت مقامي ماڻهن کي وڏي تڪليف ٿي جنهن ڪري رهواسي وڏي تڪليفن کي منهن ڏنو. جنهن سبب ماڻهن جي ڪاروبار کي نقصان پهتو،ان سان گڏو گڏ انڪروچمينٽ جي نالي تيرهواسين جي قيمتي جگهن دوڪانن، هوٽلن ۽ ٻين ڪاروباري جگهنکي ڪيرائي ختم ڪيو ويو.
ڄامشورو فلاءِ اوور جي ٺهڻ سان سفر ڪرڻ لاءِ سهولتون مليون جڏهن پل جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو ته  پهريان منٽن جو پنڌ ڪلاڪن ۾ ٿيندو هيو جيڪو هاڻي برج ٺهڻ سان بهتر ٿيو آهي، پندهرن منٽن جو سفر صرف پنجن منٽن ۾ مڪمل ٿي پيو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽريفڪ جو مسئلو به ڪافي حد تائين بهتر ٿيو آهي.
ڄامشورو فلاءِ اوور جو نقشو جيڪو سٺي نموني تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لمس يونيورسٽي کي الگ رستو ڏنو ويو آهي، جنهن سان مريضن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪيون ويون.
فلاءِاوور جي نون رستن  هجڻ جي ڪري ماڻهن کي ڪجھ ڏينهن رستا  سمجھڻ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو، ايترو جو ماڻهن کي غلط ۽ سهي رستي جي خبر پوڻ ۾ ڪجھ وقت لڳو جنهن ڪري ڪيترن حادثن جنم ورتو غلط رستو اختيار ڪندڙ ۾ وڏوتعداد رڪشا ۽ موٽرسائيڪل جو هوندو آهيجيڪي مسلسل غلط رستو اختيار ڪن پيا جنهن جي ڪري گهڻا حادثا به انهن سان پيش اچن ٿا.
 جتي فلاءِ اوور تي سائن بورڊ نه هجڻ جي ڪري به ماڻهن کي پريشاني ٿيندي رهي،اتي رات جي وقت پل تي ڪنهن به قسم جي روشني نههوندي هئي پر ڪجھ وقت کانپوءِ  اسٽريٽ لائٽ جو ڪم شروع ڪيو ويو.
ڪجھ ڏينهن پهريان سوڊان مان آيل سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي شعبي جي پرڏيهي شاگرد جو فلاءِ اوور تي حادثو ٿيو جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو، جڏهن هوُ  رات جي وقت فلاءِ اوور تي سفر ڪري رهيو هو تهسندس موٽر بائيڪ گهٽ روشني سبب فلاءِ اوور جي ڀت سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب هو فلاءِ اوور تان هيٺ ڪريو ۽ پنهنجي جان وڃائي ويٺو.
روزاني ماڻهو پل تي چڙهڻ ۽ لهڻ لاءِ غلط رستو اختيار ڪن ٿا، جڏهن اسان اتي موجود ماڻهن سانڳالهايو ۽ تن کان پڇيو ته توهان غلط رستو ڇوٿا اختيار ڪيو؟ جيڪو غلط آهي جنهن سبب حادثا پيش اچن پيا. ان تي ماڻهن اسان کي ٻڌايو ته پيٽرول ۽ سي اين جي اگهن ۾ ايڏي ته واڌ ڪئي وئي آهي جو اسان ٿورو فاصلو بچائڻ لاءِ مجبور ٿي غلط رستو اختيار ٿا ڪيون ٻيو ته فلاءِ اوور تان وڃڻ لاءِ يوٽرڻ ڪرڻو پئي ٿو جيڪو ڪجھ مفاصلي تي آهي.
فلااوور جي نقشي ۾ يوٽرن بلڪل پري رکيو ويو آهي جنهن ڪري ماڻهن کي وڏي تڪليف اچي پئي  ۽ هو مجبور ٿي غلط رستو اختيار ڪن ٿا.
جڏهن فلاوور ٺاهيندڙ ڪمپني جي سب انجنيئر سان رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته يوٽرن ايڏو پري ڇو ڪيو ويو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن  چيو ته اهيو ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن ٽريفڪ ۾ روڪاٽ نه اچي. انڪري وڏي جگهه تي تڏهن يوٽرن ٺاهيو ويو آهي.
ان کان پوءِ جڏهن اهيو پڇيو ته فلاءِ اوور تي روشني ۽ سگنلبورڊ ڇو ناهن لڳايا ويا آهن؟  ان سولا جو هن جواب ڏنوته  اهو ڪم اسان جوناهي، اهو ڪم ٻئي ٺيڪيدار جو هيو جيڪو هن وقت موجود ناهي. مون ان کا ان ٺيڪدار جو نمبر ۽ پتو گهريو ته هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ڏٺو وڃي ته ڪجھ ڏينهن لاءِ ٽريفڪ پوليس ڪيترن ماڻهن کي غلط رستو اختيار ڪرڻ تي چالان پڻ ڪيو جنهن سبب ڪنهن حد تائين حادثا به گھٽيا آهن.


---------------------------
Abdul latif Bhayo
 Bs part 4 2k15/Mc/3 
Isehaq Samejo a profile

پروفائيل اسحاق سميجو
اڄ جي نئين ٽئين سنڌي شاعرن جي چڱي خاصي لسٽ آهي، پر انهن مان جن شاعري کي واقعي شاعري سمجهي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي شعري صلاحيت کي نکار بخشڻ لاءِ شاعري جي فن تي دسترس حاصل ڪئي، پنهنجي مطالعي ۽ مشاهري کي وسيع ڪيو، انهن جو تعداد بنھ ٿورن ٻن هٿن جي اڱرين جيترو مس آهي.اهڙن بنھ ٿورن شاعرن ۾ اسحاق سميجو به شامل آهي ،جيڪو شاعريءِ کي شوق نه ٿو سمجهي،نه وري اڪثر شاعرن  جيان شهرت جي خصيص  حاصلات واري تمنا لاءِ ئي شاعري سرجي ٿو.
سندس رهائيش گاھ شهيد مخدوم بلاول ڀرسان  ڳوٺ بهاولپور ۾ آهي ، سندس پيدائيش تاريخ 15 مئي 1978 آهي، پاڻ ميٽرڪ دادو شهر مان حاصل ڪئي ۽ ٻارنيهن درجو جوهي ڪاليج مان حاصل ڪيو ، سندس تعلق ادب شاعري ٻنن سان آهي سندس ڪيترائي ڪتاب  به چپائيل آهن،جيڪي هن وقت ٽوٽل 14 ڪتاب موجود آهن مارڪيٽ ۾ هن جا ڪافي ڪتاب مشهور آهن جنهن ۾ شاعري سان دشمني وغيره شامل اهن،
اسحاق سميجو  لاءِ شاعري مقدس ڪتاب جيتري حصيت رکي ٿي .هن وٽ ساعري لاءِ سطعي نه پر اعليٰ  ۽ ارفع تصور آهن.۽ هو شاعري کي واندڪائي جي وندر ن پر عم سمجي ٿو.
اسحاق سميجو اهڙو ڪوي آهي جيڪو لفظن کي سٽن ۾ سموئڻ جو هنر  ڄاڻي ٿو. ان  ڏهس ۾ هو چوي ٿو ته
                            ٿورو ڱالهايو ،
                          لفظ به موتي ٿا ٿين،
                          ائين نه اڇلايو!
اسحاق سميجي جون شاعراڻيون خوبيون هي آهن ته هو شاعري کي سهل پسندي طور نه ٿو وٺي، جنهن جي ڪري هن جي شاعري ۾ جتي موضو عاتي وسعت  آهي ،اتي فڪري حوالي سان شاعري ۾ انيڪ خوبيون پڻ آهن.ان کان علاوه تشبيهون ،ترڪيبون،استعمال منقرد آهن،رديق قافيا مختلف ، جدا پڻ آهن، ۽ اسحاق انهن کي نڀائڻ ۾  به ، گهڻي قدر ڪامياب وڃي ٿو ، ٻيو ته سندس ٻولي ، ان جي استعمال سٽن ۾ رواني ، گهڻي مقدار ۾ جماليت جو عنصر ، ۽ فني توڙي فڪري حوالي سان گهڻي ڀاڱي  سندس شاعري جرت جو مظهر اهي،
اسحاق سميجو انهن  شاعرن  مان اهي  جيڪي سنڌي شاعري  کي سنجيدگي  سان وٺن ٿا ،سنڌي  شاعري جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اسحاق جو  سٺو ڪردار  نظر اچي ٿو ،سنڌ ليول تي جيڪي به شاعرانه پروگرام  ٿين ٿا ،اتي اسحاق سميجو ضرور نظر اچي ٿو،
جڏهن به لطيف ۽ اياز جي شاعري کي  نئين نظر سان  ڏسڻ  جي ضرورت  پئي  آهي ،اتي اسحاق به پٺيان نظر نه آيو آهي. سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز تي جڏهن به اجائي تنقيد ٿي آهي ،اسحاق انهن جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ،شاعري لاءِ علاوه اسحاق سميجو جو پسنديده  سبجيڪٽ تنقيد آهي ،اسحاق سميجو  وٽ تنقيد جو ڏاهو آهي ،هو تنقيد کي تنقيد جي بجاءِ ادب جي وڌاري جو سٺو ذريعو سمجهي ٿو.صحتمند تنقيد ئي صحتمند ادب جي جنم ڏي ٿي،
اسحاق سميجو نئين ٽهي شاعري جي انتساه جو ذريعو آهي هو نون شاعرن کي شاعري جا نوان گس ڏي ٿو. جڏهن به نئين ٽهي جي شاعرن کي نون پليٽ فارم جي ضرورت پئي آهي ته اسحاق سميجو ان ۾ اڱيان نظر آيو آهي.هو شاعرن کي انتساهڻ سان گڏوگڏ انهن جي فڪري ۽ فني مدد به ڪندو رهيو آهي.

اسحاق سميجو سنڌي ادب کي نوان فڪري ۽ فني ڪتاب مهيا ڪيا آهن،اهي ڪتاب ئي ٻڌائين ٿا ته سنڌي شاعري جو مستقبل اونداهو نه آهي ،هو پنهنجي ڪتابن ذريعي پڙهيل طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو،سنڌ جا سور سهيڙي ٿو ۽ انهن کي ايوانن تائين پهچائي ٿو.اسحاق سميجي جا شاعري جا موضوع ظلم،ڏاڍ حڪمرانن جي نا اهلي ، آئندي جو فڪر ،نوان گس فراهم ڪرڻ ۽ امير ڏيارڻ آهي،
#IsehaqSamejo#

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa