Archaeology& Anthropology شھربانونظاماڻي - Shahr Bano

Foto of department building is needed

Archaeology& Anthropology
سنڌ يونيورسٽي  آرڪيالاجي ۽ اينٿراپلاجي
شھربانونظاماڻي بي_ايس 98
تعليم ھڪ اھڙو زيور آھي جنھن کان بغير انسان اڌورو آھي.ان ڪري آزادي کان پوءِ جڏھن صرف پنجاب يونيورسٽي تعليم لاءِ خدمتون سر انجام ڏئي رھي ھئي تڏھن سنڌ جي دانائن به اھو سوچيو ته امڙ سنڌ کي به ھڪ اھڙو جڳھ مھيا ڪئي وڃي جتي نوجوان نسل تعليم جھڙي زيور کي آساني سان حاصل ڪري سگھن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن. ان ڪري پاڪستان جي آزادي کان پوءِ 1948 ڌاري سنڌ يونيورسٽي جو قيام پاڪستان جي ان وقت جي گاڌي جي ھنڌ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وقت گذرڻ سان گڏ 1955 ڌاري يونيورسٽي کي حيدرآباد کان 15 ڪلوميٽرجي فاصلي تي واقع شھر ڄامشورو ۾ 1 ڊپارٽمينٽ تي مشتمل يونيورسٽي جو بنياد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۾ رکيو ويو جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر به مقرر ڪيو ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ھڪ ڊپارٽمينٽ تي مشتمل ڪئمپس ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ بھترين يونيورسٽي جي شڪل اختيار ڪري وئي جيڪا ھن وقت پاڪستان جي جنرل يونيورسٽين ۾ اٺين پوزيشن حاصل ڪري چڪي آھي، جنھن ۾ ھن وقت 60 کان وڌيڪ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڊپارٽمينٽن جا بنياد رکيا ويا آھن.60 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽ ميڊيڪل توڙي انجنئيرنگ، بزنس توڙي آرٽ تي مشتمل ڊپارٽمينٽ موجود آھن.انھن ڊپارٽمينٽن مان آرڪيالاجي ۽ اينٿراپالاجي پڻ آھي.آرڪيالاجي ۽اينٿراپالجي جو ڪم انسان جي ترقي، انسان ذات جي معاشري ۾ ترقي، انھن جي ثقافت، انھن جي ماضي ۽ حال ۾ قديم آثارن جي ڳولا بابت تعليم حاصل ڪرڻ آھي.انھن سڀني کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ  يونويورسٽي جي ان وقت جي وائس چانسلر مظھر الحق صديقي، خيرپور ڪئمپس جي وائس چانسلر ميڊم نيلور شيخ، فيڊرل ڊاريڪٽر آف آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ، سيد حاڪم علي شاه بخاري ۽ پروفيسر مختيار ڪاضي جي اڻٿڪ ڪوششن سان 2007 جي وچ ڌاري آرڪيالاجي ۽ اينٿراپالاجي جو بنياد رکيو ويو ۽ 2008 جي  جنوري کان انھي ڊپارٽمينٽ جو باقائدگي سان آغاز ڪيو ويو ۽ پروفيسر مختيار ڪاضي کي چئيرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ائين ئي ھن ڊپارٽمينٽ جو بجٽ به مختص ڪيو ويو. 2 سالن تائين  فقط ٻن استادن تي ھلندڙ ڊپارٽمينٽ ۾ 2010 استادن جو تعداد 4 تائين پھتو. گذرندڙ وقت سان گڏ ان ۾ اضافو ڪيو ٿيندو ويو ۽ 2016 ۾ ان جو تعداد 9 استادن تي پھچي چڪو آھي. جنھن ۾ آرڪيالاجي جو ڊاڪٽر محمد حنيف لغاري سرفھرست آھنجيڪيھن ڊپارٽمينٽ جا چئيرمين جا ڪم سر انجام ڏئي رھيا آھن. ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا جيڪي اينٿراپالاجي ۾پنھنجون خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن ۽ مختلف ۽ جديد طرز سان ٻارن کي علم جي روشني سان سرشار ڪري رھيا آھن.پروفيسر ماڻڪ مصطفي به پنھنجو مٽ پاڻ آھن مصطفي صاحب پنھنجي قابليت جو باقائدگي سان استعمال ڪري ٻارن کي آثار قديمن بابت بھترين نموني سان آگاھي ڏيندا آھن.ان کان علاوه ليڪچرر علي تقي شاه ۽ ميڊم امبرين سومرو به پنھنجو پاڻ آھن پنھنجي حاصل ڪيل تعليم کي شاگردن جي امانت سمجھي اھڙي بھترين نموني سان شاگردن کي تعليم جو زيور پارائيندا آھن  جنھن جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگھجي.ان کان علاوه سنيل ڪمار، رفيق وساڻ، زاھده رحمان جت ۽ سيد محبت علي شاه ڏيھ توڙي پر ڏيھ جي يونيورسٽي مان پنھنجي پي_ايڇ_ڊي جي تعليم کي پائي تڪميل تائين پھچائڻ ۾ ڏينھن رات جدوجھد ڪري رھيا آھن.
آرڪيالاجي ۽اينٿراپالاجي 4 سالن جو پروگرام آھي.جنھن ۾ شاگرد پنھنجي ماسٽرز جي تعليم مڪمل ڪندا آھن.ان کان علاوه ھتي شاگردن جي تعداد اٽڪل 160 آھي. جيڪا پھرين سال کان آخري سال تائين جي آھي. ذريعن مطابق شاگردن جي محنت ۽ لگن جي ڪري اسلام آباد ۾ قائم قائداعظم يونيورسٽي ھر سال آرڪيالاجي ۽ اينٿراپالاجي جي شاگردن مان 10 شاگردن جي چونڊ ڪندي آھي جتي شاگرد پنھنجي اڳيان جي تعليم کي ھٿي وٺرائيندا آھن. ھڪ طرف استاد توڙي شاگرد پنھنجي محنت کي برقرار رکي دنيا سان ڪلھو ملھائي ھلڻ جي ڪوشش ۾ آھن ته ٻئي طرف ڊپارٽمينٽ پنھجي ذاتي بلڊنگ کان محروم آھي.ذاتي بلڊنگ نه ھجڻ سان گڏوگڏ ڪتابن جي به ڪافي حد تائين کوٽ نظر اچي ٿي، ڪتابن کان علاوه آثارِ قديم جي حوالي سان جديد طرز جا سائنسي اوزار به اڻلڀ آھن جنھن جي ذريعي شاگردن کي جديد طريقي سان علم جي روشني حاصل ڪرڻ کان محروم آھن.ھي ادارو انساني ترقي ۽ آثارِ قديم جي کوججو آھي ان ڪري ذريعن موجب اھڙا فوٽوگرافر ھجڻ کپن جيڪي آثارِ قديم ۽ انسان جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa