رضوان علي سومرو Department of Zoology by Rizwan Soomro

آرٽيڪل.
زولاجي شعبي جي بنيادي معلومات
رپورٽ-:رضوان علي سومرو
2k16-MC-86 B.S-Part-3
پاڪستان جي ٻئي وڏي صوبي سنڌ ۾ ايشيا جي ٽي وڏي سنڌ يونيورسٽي جيڪا سنڌ جي شھر ڄامشورو ۾ واقع آھي. جنھن جو بنياد علام آءِ آءِ قاضي 1947ع ۾ رکيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو پھريون مين ڪيمپس حيدرآباد جي حيدر چوڪ جي ويجھو ھو. جيڪو اولڊ ڪيمپس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. علام آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جي مين ڪيمپس کي حيدرآباد کان ڄامشورو کڻي آيو. اڄ اھا يونيورسٽي 250 ايڪڙ تي مشتمل آھي. وقت سان گڏو گڏ تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي لحاظه کان ھن وقت تائين سنڌ يونيورسٽي ھڪ اعلى مقام تي فائعز آھي. جنھن ۾ تعليمي شعبن جو تعداد تقريبن 57 ٿي چڪو آھي. جنھن ۾ ڪجھه شعبا نيچرل سائنس ۽ سوشل سائنس جا آھن اگر جي ڏٺو وڃي ته ھر ھڪ شعبي جي تعليمي ميدان ۾ پنھنجي پنھنجي حيثيت آھي. پر تعليمي سرگرمين ۽ وقت جي لحاظه کان ڏٺو وڃي ته نيچرل سائنس جو اڄ جي دور ۾ وڏو معيار ڏٺو وڃي ٿو.
جيڪڏھن اسان زولاجي شعبي جي باري ۾ ڳالھ ڪيون ته ھي شعبو 1956ع ۾ وجود ۾ آيو. ۽ اولڊ ڪيمپس مان 1961ع ۾ اعلام آءِ آءِ قاضي مين ڪيمپس ڄامشوري ۾ منتقل ڪيو ويو. ھن شعبي جو اڏاوتي بنياد 1965ع ۾ رکيو ويو. شعبي جي اڏاوت ۾ پھريان ٻه ليبارٽيون 1993ع ۾ ٺاھيو ويون. انھي دور ۾ شعبي جو پھريون چيئرمين پروفيسر سيد اشفاق حسين شاھه ھو. جنھن 5 سال چيئرمين جي حيثيت سان پنھـجون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. جيڪو دل جي دوري پوڻ سبب 27 آگسٽ 1991ع ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ۽ ھن وقت ڊاڪٽر رفعت سلطانہ چيئرمين جي عھدي تي خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. شروعات ۾ زولاجي شعبي ۾ 3 سال بي،ايس ڪورس ۽ 2 سالن جو ايم،اي ڊگري پروگرام ڪورس ٿيندو ھو. ۽ ان کانپوءِ دنيا جي ترقي ۽ تعليمي سرگرمين جي وڌنڌڻ رجحان ڪري زولاجي شعبي کي 2003 ۾ بي،ايس  آنرس ۾ تبديل ڪيو ويو، ۽ ھن زولاجي شعبي ۾ خاص ڄاڻ لاء مختلف سبجيڪٽ پڙھايا وڃن ٿا جھڙوڪ اينٽوملاجي، پيريسٽولاجي، ورٽيبريٽ بائلاجي، اينڊوڪرنلاجي ۽ جينيٽڪس ۾ ورھايو ويو آھي ۽ مٿي ڏنل سبجيڪٽن ۾ ايم،فل ۽ پي،ايڇ،ڊي پڻ ڪرائي وڃي ٿي. ۽ ھنن سبجيڪٽن ۾ ايم،فل ۽ پي,ايڇ،ڊي ڪرڻ لاءِ خاص سيڪشن متعارف ڪرايا ويا آھن ۽ ھن وقت تائين تقريبن 40 ايم،فل 50 جي لڳ ڀڳ پي،ايڇ، ڊي  شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجي تعليم مڪمل ڪري چڪا آھن ھن وقت تقريبن  30 جي قريب پي،ايڇ،ڊي  ۽ ايم،فل جي شاگردن جي داخل ٿيل آھي.
جيڪڏھن بي،اي،سي آنرس جي ڳالھ ڪجي ته تقريبن 500جي قريب شاگردن جي داخلا ٿيل آھي ۽ ماسٽر سائيڊ کان ڏسجي ته تقريبن 100 جي قريب شاگردن جي داخل ٿيل آھي ۽ ان مان ڪجھ شاگردن جو تعلق پاڪستان جي چئني صوبن سان آھي ۽ ڪجھ شاگرد جو تعلق ٻاھرين ملڪن کان آھي. جيڪي زولاجي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. ھن شعبي ۾ ڇوڪرين جو پڻ وڏو تعداد تعليم پرائي رھيو آھي ڏٺو وڃي تہ ڇوڪرين جو ميڊيڪل سائيڊ سان تمام گھڻي دل چسپي ھوندي آھي.  رولاجي شعبي ۾ علم حيوانات جي باري ۾ پڻ پڙھايو ويندو آھي. علم حيوانات مان مراد ته جانورن، پکين، جيتن، ٻوٽن، جي باري ۾ ڄاڻ ۽ تحقيقي علم ڏنو ويندو آھي ان سان گڏوگڏ ڪيترائي شاگرد علم حاصل ڪري پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي مختلف ادارن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن ۽ انھن مان ڪجھ اسپيشل سبجيڪٽ ٽيچر طور ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھائي رھيا آھن ۽ ڪجھه ريسرچ ليبارٽريون ۾ ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ڪجھ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھي رھيا آھن.
فيڪلٽي جي ميمبر ۽ ٽيچرس جي ڳالھ ڪئي وڃي. ھن وقت ڪل ٽيچرس جو تعداد 15 آھي جنھن ۾ فيميل ٽيچرس 10 آھي ۽ انھن مان 3 پروفيسرس شعباءِ چيئرمين پروفيسر رفعت سلطانه، پروفيسر ناحيد سلطانه سومرو، پروفيسر نسرين ميمڻ ۽ چار اسسٽنٽ پروفيسرس ناحيد ڪاڪا، اسسٽنٽ پروفيسر طاھرا جبير، اسسٽنٽ پروفيسر ثمينا ملڪ، اسسثنٽ پروفيسر ثمينا ناز، ۽ 3 ليڪچرار ٽيچرس فرحين شيخ، نوشين جوڻيجو، ناحيد شاھ ۽ ميل ٽيچرس ڪل تعداد 5 آھي ۾ جنھن ۾ 2 پروفيسرس، پروفيسر برڪت علي ٻگھيو، پروفيسر غلام سرور گچل ۽ 2 اسسٽنٽ پروفيسر نادر علي شاھ، اسسٽنٽ پروفيسر اياز قادري حسين جيڪي ھن وقت زولاجي شعبي ۾ استاد جي حيثيت سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن ۽
انتظامي سطح تي ڪم ڪندڙ  ملازمن جي ڳالھ ڪئي وڃي ته انھن ۾ 3 ڪلارڪ، 5 پٽي والا، 6 ليب انچارجر، 2 ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ 2 چوڪيدار شامل آھن ۽ پنھنجون خدمتون ڏئي رھيا آھن ۽ ھن وقت زولاجي شعبي ۾ 2 پروجيڪٽ جنھن تي پروفيسر ڊاڪٽر رفعت سلطان PSF ۽ HEC ادارن لاءِ مالي سھڪار لاءِ رقم جمع ڪري رھي آھي ۽ جيڪڏھن  عمارت جي ڳالھ ڪئي وڃي ته زولاجي شعبي جي عمارت ٻن منزلن تي مشتمل آھي. جنھن جي ڪل ايراضي تقريبن 3 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ نقشي جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اتر طرف کان شعبي جي مين گيھٽ آھي ۽ ساڃي ھٿ تي چيئرمين آفيس ۽ ٽيچر اسٽاف روم ۽ کاٻي ھٿ تي ڪلارڪ آفيس ۽ ريسرچ ليبارٽري  آھي ۽ ڏکڻ طرف کان ڪلاس روم جنھن جو تعداد 25 کان 50 تائين آھي. جنھن ۾ آڊوٽوريم ۽ ڪمپيوٽرليبس آھن ۽ اولھ طرف کان شعبي جي مين ميوزم جنھن ۾ مختلف قسمن جي جانورن ۽ پکين جي نسلن جا ڍانچا پڻ رکيا ويا آھن ۽ اوڀر طرف کان سيمينار لائبريري ۽ سينٽر پوائيٽ تي شعبي جو تفري پارڪ آھي ۽ زولاجي شعبو باقائدي طور سان اڳتي ڪاميابي سان وڌي رھيو آھي. جيڪو فيڪلٽي آف نيچرل سائنس جي ٻين 
شعبن کان وڏو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي نمبر ته سڃاتو وڃي ٿو.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa