Genetics and biotechnologyعلي اڪبر سنگراسي Ali Akbar

Institute of Genetics and biotechnology 
Ali Akbar Sangrasi
انسٽيٽيوٽ آف جينييٽڪ سائنس اينڊ بائيو ٽيڪنالوجي
علي اڪبر سنگراسي
انسٽيٽيوٽ آف جينييٽڪ سائنس اينڊ بائيو ٽيڪنالوجي جو تعارف ڪجھ هن ريت آهي تہ ھن شعبي جو بنياد سنڌ يونيورسٽي جي مين ڪئمپس ڄامشوري ۾ 2002ع ۾ سينٽر آف ايڊوانس اسٽڊيز جي نالي سان رکيو ويو ۽ هن شئبي جي بنياد رکڻ واري شخصيت جو نالو ڊاڪٽر محمد عمر ڏهوٽ صاحب ھو ان کانپوء 2003ع ۾ انهي شعبي جو نالو تبديل ڪري جينيٽڪ سائنس اينڊ بائيو ٽيڪنالوجي رکيو ويو.۽ هن وقت انهي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد حبيب احمد نقوي صاحب آهن هن شعبي جي فيڪلٽي ميمبرز جو ڪل تعداد 13 آهي جنهن ۾ 8 مستقل طور تي ۽ 5 ٽيچنگ اسٽنٽ طور ڪم ڪري رهيا آهن. انهي شعبي ۾ شاگردن جو تعداد 500 کان وڌيڪ آهي. هي شعبو سنڌ يونيورسٽي جي مين ڪئمپس ڄامشوري ۾ ميڊيا ڪميونيڪيشن ۽ انگلش شعبي جي سامهون موجود آهي .هن شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو مستقبل تمام گهڻو روشن آهي ۽ مستقبل ۾ انهن سائينٽيفڪ انسٽيٽيوٽ ، ڊائيگنوسز ليبارٽريز ۽ انڊسٽريز جي ميدان ۾ وڏا موقعا موجود آهن .
هن شعبي جا شاگرد ڪجه بنيادي سهولتن کان پڻ محروم آهن جهڙوڪ ڪرسيون ، ٿدي پاڻي جو ڪولر ۽ ڪيميڪلس جي کوٽ وغيره پڻ آهي .انهي شعبي جي پاس آئوٽ ٿيل شاگردن جو وڏو تعداد سٺي پوزيشنس تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جهڙوڪ ميڊم غلام صغرٰه مڳريو هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ زرعي يونيورسٽي آف ٽنڊو ڄام خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ ڊاڪٽر نادر علي رند صاحب سنڌ مدرستہ السلام ڪراچي ۾ مينيجر اورڪ جي پوزيشن تي موجود آهي ان کانسواء ڊاڪٽر الطاف سمائير ڪاري موري حيدرآباد جي ڊگري ڪالج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. 
 ۽ انهي کانسواء ٻيا بہ گهڻئي شاگرد ٻاهرين ملڪن توڙي ملڪي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جهڙوڪ (P. C. S. I. R) ، نيوڪليئر  انسٽيٽيوٽ آف ٽنڊو ڄام ۽ فارما سوٽيڪل جون ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ پڻ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن .




انهي شعبي جي سڀ کا ن بهترين ڳالھ اها آهي تہ ڪڏهن بہ ڪو (law & order ) جو مسئلو يان انتظامي معاملن جي گڙبڙ جو مسئلو وجود ۾ نہ آيو آهي . انهي شعبي جي سڀ کان دلچسپ ڳالھ اها آهي تہ انهي شعبي جون شاگردياڻيون راندين جي ميدان ۾ تمام گهڻيون متحرڪ آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ سالانا آفيشل اسپورٽس ايونٽ جي راندين جي مقابلن ۾ پوئين سال شاگردياڻين جي هڪ گروپ 2nd 3rd  پوزيشنون حاصل ڪري چڪيون آهن بيڊمنٽن ۽ ٿروبال جي مقابلن ۾ انهي ڪري شعبي جي نالي 
روشن ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو اٿن .
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3

Dr Aziz Talpur Profile