Waheed Akbar Khaskheli profile Rizwan Ali Soomro
This is biographical note, not profile. Chech FB group and find what is a profile.. It is around 100 words less tahn required. Can u improve it?
Waheed Akbar Khaskheli profile
by Rizwan Ali Soomro -2k16-MC-86-B.S-part-3
روفائل وحيد اڪبر خاصخيلي پ
by Rizwan Ali Soomro -2k16-MC-86-B.S-part-3
روفائل وحيد اڪبر خاصخيلي
رضوان علي سومرو
2k16/MC/86_B.S_Part_3
وحيد اڪبر خاصخيلي فسٽ آگسٽ 1982ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميھڙ ۾ پنھنجي والد علي اڪبر خاصخيلي جي گھر ۾ اک کولي شروعاتي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي مٽئرڪ جو امتحان به پنھنجي ڳوٺ جي ھاء اسڪول ۾ پاس ڪيو انٽرميڊيٽ ڊگري ڪاليج ميھڙ مان حاصل ڪئي بيچلر ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ 2007ع ۾ پاس ڪيائي ننڍ پڻ کان شروعاتي طور تي ئي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي ھڻ ڪري سوشل ورڪ جي شعبي ڏانھن ئي وک وڌائي ۽ جيئن شوق وڌنڌو ويو تيئن سماجي ڪمن ڏانھن لاڙو وڌنڌو ويو ۽ ھن سماجي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتان تمام گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو ھڪ سال سماجي اداري ايليشٽ فائونڊيشن ۾ ڪم ڪيائين ۽ پوءِ سال2008ع کان 2009ع ٻن سالن لاء اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ انجنيئر ايسوسيئشن طور ڪم ڪيائون ۽ پوء واپس ايندي ئي جلدئي سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ شعبي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھن وقت سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ استاد جي طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. سائين وحيد اڪبر خاصخيلي ھميشہ لاء اتساھ بڻيل راھ آھي. جنھن مان ڪيترائي شاگرد متاثر ٿي پنھنجي ڪاميابي جي منزل ڏانھن روان دوان آھن سائين وحيد اکبر خاصخيلي صرف پنھنجي ذات لاء نه پر ٻين ڪاڻ جيئن وارو جذبو موجود آھي. ان ۾ ھڪ انسانيت جو روپ صاف ظاھر نظر اچي ٿو سائين وحيد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ جي ڪيترين ئي قديم ماڳن جو دورو ڪري ريسرچ پڻ ڪري چڪا آھن. جنھن تي پڻ ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ملي چڪا آھن. سائين وحيد ھميشہ پنھنجي ليڪچر توڙي ڳالھين ۾ نوجوانن کي نصيحتون ڪندو رھي ٿو ته انسانيت سان محبت ئي حياتي جو عظيم درس آھي جن بہ اھو درس سکيو ۽ سيکاريو انھن جيئن جو حق ادا ڪيو زندگي ۾ جدوجھد ئي آھي جا انسان کي منزل تي رسائي ٿي اھي ماڻھو جي ھر وقت محنت ڪندا رھن ٿا ۽ ھر حال ۾ ماٺ ڪري نٿا ويھن اھي ئي ڪامياب ٿين ٿا نوجوان ھن فيلڊ ۾ اڳتي اچن ۽ انساني ڪمن ۾ حصو وٺي پنھنجو فرض ادا ڪن، ڇو جو اھو اسان جو حق آھي ته اسان معاشري جا فرمانبردار شھري بڻجي عوام جي خدمت ڪيون پاڻ ۾ ڪجھه ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيون، ھر انسان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون موجود آھن. ان کي صرف استعمال ڪرڻ جي ضرورت آھي سائين پنھنجي خيالن ۾ اڪثر چوندو رھندو آھي ته پنھنجي عملي زندگي کي مٽائيندڙ منھنجو ڏاڏا سائين دين محمد آھي. جنھن مونکي ھن انساني ڀلائي جي راھ ڏيکاري انسانن جي خدمت ڪرڻ عبادت آھي ان لاء سائين وحيد اڪبر خاصخيلي جو نوجوانن کي اھو پيغام آھي ته انسانيت جي خدمت ڪريو انھيءَ ۾ اوھان جي ڪاميابي آھي نوجوانن کي عليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء موقعو ملي تہ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي نوجوان پنھنجي ڪوشش کي جاري رکن ۽ پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن تڏھن انھن کي ڪاميابي حاصل ٿيندي
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment