سنڌ جو آبپاشي نظام ۽ پيدا ٿيل پاڻيءَ جي کوت_طهير پنهور

 آبپاشي لفظ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان اسان سڀني جي ذهن جي ڪينواس  تي سنڌوءَ درياءَ جي ڇولين ، سنڌ جي بعراجن ، واهن ، ۽ شاخن جا عڪس نمودار ٿين ٿا . اهو سنڌو درياءَ جيڪو اسان سنڌي ماڻهن جو جياپي جو سبب  آهي جنهن جي بدولت اسان جو سنڌي زرعي سماج سرمائيدارڻه دور ۾ ڪجهه نه ڪجهه هلڻ جهڙو آهي اهو سنڌو جيڪو هزارين سالا هن ڌرتي تي قائم آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي حياتيون هن سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پنهنجو جيون بسر ڪن ٿيون .پر موجوده دور جڏهن اسان پنهنجي نظر سنڌو درياءَ تي ڦيرينداسين ته قصو ڪجهه ابتڙ نظر ايندو اسان کي پنهنجي جياپي جو سامان کٽل کٽل نظر ايندو اسان پنهنجو پاڻ کي پٺ تي ٿيندي محسوس ڪنداسون ان جو خاص سبب سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان وڏن ڀائرن جو قبضو آهي اهو سنڌو جيڪو اسان سنڌين جي پالنا جو سبب آهي اڄ ان سنڌوءَ جي هٿرادو بند ڏئي وڏن ڀائرن پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو آهي ، اهو قبضو سنڌي ماڻهن جي نڙيءَ تي ننهن رکڻ برابر آهي ان قائم ٿيل قبضي سان اسان سنڌي هن ڌرتيءَ جي گولي تان ائين ميسارجي وينداسين ڄڻ اسان جو ڪو وجود هيو ئي ڪونه ڇو جو هڪ ڳالهه واضع آهي ته سنڌوءَ درياءَ جيستائين آهي تيستائين سنڌي ماڻهو آهي اگر سنڌي ماڻهن کان اوهان سنڌوءَ جو پاڻي کسي ڇڏيو ته سنڌي ماڻهو هن ڌرتي جي گولي ميسارجڻ ۾ دير ڪانه لڳندي.... ڪنهن به نظام کي هلائڻ لاءِ اداراسازي جي تمام گهڻي اهميت آهي اسان وٽ الميو اهو آهي ته ادارا سهي طريقي سان ڪم ئي ڪانه ڪري رهيا آهن مڪمل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ٿي آهي جنهن جو واضع مثال هيٺ ڏجي ٿو 
ع1991
واري پاڻي ٺاهه ۾ هر ڏهن ڏينهن لاءِ بئراجن ۽ ڪينالن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جو مقدار طئي ڪيل آهي. جيڪڏهن پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل وهڪرن کان وڌيڪ اچي وڃي ته پوءِ ان جي  ورهاست جو به فارمولو ڏنل آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اهو ساڳيو فارمولو کوٽ جي صورتحال ۾ ڇو نٿو لاڳو ٿئي ۽ ان لاءِ تاريخي وهڪرن وارا انگ اکر ڇو ٿا ورتا وڃن. ان جو واحد ڪارڻ اهو آهي ته تاريخي وهڪرن جي انگن اکرن ۾  پنجاب کي فائدو آهي. گذريل سال به 1991ع واري ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ سبب سنڌ کي ڏيڍ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ۽ پنجاب کي منو ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ مليو، تنهن ڪري 82-1977ع واري تاريخي وهڪري جي بنياد تي کوٽ واري حالت ۾ پاڻيءَ جي ورهاست سان سنڌ کي نقصان  ئي ٿيڻو آهي. اها خود 91ع واري ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. بدقسمتيءَ سان اها روايت به 1994ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وڌي، جنهن کي مشرف جي دور ۾ قانون واري وزارت به غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي، پر ان جي باوجود 1991ع واري ٺاهه مطابق پاڻي ورهاست تي عمل نه پيو ڪيو وڃي

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa