هيڪنگ هڪ پيشو يا جرم؟ اسما چنه_بي ايس
Article? Feature???
If article approved topic should have been narrowed down. plz check approved topic and make it accordingly
Referred back, file it again till sep 23.
If article approved topic should have been narrowed down. plz check approved topic and make it accordingly
Referred back, file it again till sep 23.
Hacking a profession or Crime by Asma Channa
هيڪنگ هڪ پيشو
يا جرم؟
اسما چنا_بي ايس 21
ڪنهن جي
پرسنل ڪمپيوٽر ۾ بغير اجازت جي داخل ٿي ڪري ان ۾ تبديلي آڻن واري عمل کي هيڪنگ
چئبو آهي.اڄ ڪلهه جي جديديت ڏانهن وڌندڙ دور ۾ هر ماڻهو پنهنجي سموري معلومات
سمارٽ فون يا وري ذاتي ڪمپيوٽر ۾ رکي ٿو. جنهن کي ماڻهو خفيه طور تي استعمال ڪري
ٻين کي نقصان پهچائن ٿا، تنهن ڪري اها هڪ خطرناڪ جرم طور تي سڃاڻي وڃي ٿي .
باضابطه
هيڪنگ جو اصطلاح پهريون ڀيرو 1990 ۾ اهڙن ماڻهن لاء استعمال ڪيو ويو هو جيڪي
ڪمپيوٽر آپريٽنگ نظام ۽ ميڪينڪل ڪورس پڙهڻ ۽ ان جي مالڪ جي اجازت کان بغير تبديل
ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هئا،جڏهن ته ان کان اڳ هيڪنگ جو ڍانچو فلمي دنيا تائين محدود
هو.هيڪنگ جي شروعاتي مرحلي تي نظر وجهجي ته معلوم ٿيندو ته 1983 تائين ڪمپيوٽرن جي
ماهرن کي اها خبر هئي ته ڪمپيوٽر سيڪيورٽي پروگرام کي نقصان پهچائڻ واري عمل کي هيڪنگ
چئبو آهي.انٽرنيٽ تي ڪمپيوٽر ذريعي گهڻن روپن ۾ ڪنهن جي ذاتي معاملي ۾ دخل انداز
ڪري ان کي بليڪ ميل ڪرڻ واري عمل کي به هيڪنگ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.ان مان
هڪ قسم سماجي ويب سائيٽ تي ٺهيل اڪائونٽ ۾ موجود فون نمبر، ايڊريس، ذاتي تصويرون ۽
ويڊيوز غير اخلاقي طور تي چوري ڪرڻ کي به ساڳيو عمل سمجهيو ويندو آهي.
ڪجهه نوجوان
هيڪنگ ۾ مهارت حاصل ڪري ان کي پنهنجو پيشو بڻائي ڇڏين ٿا.ان کي سکڻ لاء به پنهنجي
دماغ کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي استعمال ڪري ان کي ئي پنهنجي روزاني جي عادتن جو
حصو بڻائن ٿا.جنهن سان انجو هو صحيح استعمال ڪري ملڪي سلامتي کي هڪ بهترين تحفو
پيش ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻن ٿا.
بنيادي طور
تي ڏٺو وڃي ته هيڪنگ لفظ ٻڌندي ئي دل ۾ اهو خيال ايندو آهي ته هيڪنگ هڪ چوري جو
نالو آهي پر حقيقت جي پرک ڪئي وڃي ته ائين ناهي.هيڪنگ ٻن الڳ الڳ قسمن سان ڪئي
ويندي آهي جنهن مان هر هڪ جا الڳ الڳ ڪم هوندا آهن هڪ ته برا هيڪر هوندا آهن،جنهن
کي بليڪ هيڪرز چيو ويندو آهي.جڏهن ته ڪجهه سٺا هيڪرز به هوندا آهن جنهن کي وائيٽ
هيڪرز چئبو آهي.جيڪڏهن بليڪ هيڪرز جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ انهن ماڻهن جو شمارو
ٿئي ٿو جيڪي مڪمل طور تي پنهنجي فائدي لاء اڳين ماڻهن جو ڪجهه به نقصان ڪري سگهن.انهي
کان علاوه جيڪڏهن وائيٽ هيڪرز جي ڳالهه ڪجي ته انهن جو شمارو بهترين عملن ۾ ٿئي ٿو.
ڇاڪاڻ جو اها هيڪنگ لاڳاپيل اداري جي اجازت سان ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ اهو واضع طور
تي ٻڌايو ويندو آهي ته توهان جو سرور ڪيتري حد تائين طاقتور آهي يا کڻي ڪهڙي شيء
جي ڪمي آهي جيڪي توهان جي ڪمپني يا اداري کي نقصان به پهچائي سگهي ٿي.ان جي بدولت
هيڪرز مختلف ڪمپنين طرفان پئسا به وٺندا آهن.انهن ٻنهي قسمن کان علاوه به هڪ نئون
قسم به دنيا ۾ متعارف ٿيل آهي، جنهن ۾ مختلف هيڪرز پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي مسخري
مسخري ۾ هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.انهن جو مقصد برائي ڪرڻ نه هوندو آهي.تنهن ڪري
انهن جو شمارو بليڪ هيڪرز ۾ نٿو ڪري سگهجي.وائيٽ هيڪرز به نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ جو
هو لاڳاپيل ادارن کان اجازت وٺي انهن جي صحيح استعمال ڪري انهن کي ڪاميابي ڏانهن
گامزن ڪندا آهن.تنهن ڪري انهن جو نالو گري هيڪرز رکيو ويو آهي. گري هيڪرز جو شمار
وائيٽ ۽ بليڪ هيڪرز جي درميان ڪيو ويندو
آهي ڇو ته هو نه ذاتي مفادن لاء ڪيو ويندو آهي نه ئي وري ملڪي سلامتي خاطر ڪيو
ويندو ان ۾ موجود گهٽتائي توڙي ٻين خامين جي نشاندگي ڪندا آهن ۽ انجي عيوض ڪو به
معاوضو نه وٺندا آهن تنهن ڪري انهن جو نالو گري هيڪرز ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.بنيادي طور تي
ڏٺو وڃي ته گري هيڪرز ته اخلاقياتي حوالي سان مستقبل ۾ هڪ بهترين پيشي طور تي
متعارف ٿيندو.
Asma Channa
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment