Aqsa nizamani مُرا شاھ جي مزار


Attribution, quotes will make it reporting based
اقصيٰ   نظاماڻي
2k16/MC/13
سنڌ جي صوفي بزرگ مُرا شاھ جي مزار تي ميلي جو پسمنظر
ميلا جتي تفريح جو مرڪز ھوندا آھن، اتي ئي سنڌ جي عظيم بزرگن کي ياد ڪرڻ جي وجه پڻ بڻجن ٿا، سنڌ جي صوفي بزرگن جي ڌرتي ھئڻ سبب ميلا به سنڌ جي ثقافت جو ڄڻ حصو بڻجي ويا آھن.
حيدرآباد ضلعي ۾ واقعي ڳوٺ ٽنڊو قيصر کي صوفي بزرگ مُراشاھ ھڪ نئي سڄاڻپ ڏني. مُراشاھ جو اصل نالو مير محمد شاھ ھو، پر جڏھن ھو پنھنجو اباڻو شھر ڇڏي ڪري ٽنڊو قيصر ۾ واقعي مقام پوٺي تي پھچي انھي ئي سرزمين جو ٿي ويو ۽ باقي زندگي صرف اللّه جي ياد ۾ گذاري ته کيس ڳوٺ واسِن پاران مُراشاه سڏيو ويو، پر ھو ڪٿان لڏي آيو ۽ ڇو لڏي آيو اُھا خبر ڪنھن کي به ناھي.

ڳوٺ جا ماڻھو سندس صوفي طبيعت جي ڪري گھڻو پسند ڪندا ھئا. 1961ع ۾ مُراشاھ جي گذارڻ کان پوءِ ڳوٺ وارن پنھنجي حيثيت موجب چندو گڏ ڪري سندس قبر تي مقبرو تيار ڪرايو ۽ ھر سال مُراشاھ جي ياد ۾ عُرس جو اهتمام ڪيو. جنھن سبب ھتي ڀر پاسي جي ڳوٺن جي گھڻن ماڻھن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي.
ماڻھن جي موجودگي سبب اتي غريب ماڻھن گاڏن تي کاڌي پيتي جون شيون، ٻارن جا رانديڪا ۽ مِٽي جا ٿان وغيره وِڪرو ڪرڻ شروع ڪيا، انھن جو سٺو ڌنڌو ٿيڻ لڳو ته ڪاروباري ماڻھن ھر سال پنھنجا اسٽال لڳائڻ شروع ڪيا ۽ ائين ھڪ بزرِگ جي مزار پنھنجي ياد ۾ ھر سال ماڻھن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو.
1971ع کان وٺي ھر سال ڊسمبر جي مھيني ۾ بھترين نموني سان ميلي جون تياريون ڪيون وينديون آھن. ھي ميلو ٽِن ڏينھن جي لاءِ ھوندو آھي، پر تياريون تقريبن پنڌرھن ڏينھن پھرين شروع ڪيون وينديون آھن.
مختلِف اسٽال لڳايا ويندا آھن جنھن ۾ گھڻي تعداد کاڌي پيتي ۽ ٻارن جي رانديڪن جي ھوندي آھي ۽ ڪجھ اسٽال وري ڪپڙن، ٿانون ۽ ڪتابن جا ھوندا آھن. ميلي ۾ ٻارن ۽ وڏن جي لاءِ سرڪس پڻ ھوندو آھي جتي حيرت ۾ وجھڻ وارا ڪرتب ڏيکاريا ويندا آھن.
ٻارن جي لاءِ مختلف جھولا لڳايا ويندا آھن، جنھن سان ٻارن جون خوشيون انھن جي چھرن تي نمايان ھونديون آھن.
موت جي کوهن ۾ موٽر سائيڪل ھلائڻ وارا ميلي ۾ ڏسڻ ايندڙ ماڻهن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندا آھن.
سنڌ جو مشھور ملاکڙو پڻ وڏو دلچسپ ٿيندو آھي جتي ماڻھو پيھي تي ويھي ڪري ملاکڙو راند ڏسندا آھن ۽ کيڏڻ واري ملھه کي داد پڻ ڏيندا آھن۽ کٽڻ وارو ملھ پيھي تي اچي ڪري ويٺل ماڻھن کان خرچي وٺندو آھي.
ان طريقي سان ھن ميلي ۾ وڏن توڙي ننڊن لاءِ تفريح جا گھڻا ئي موقعا موجود ھوندا آھن . ميلي ۾ ٽئي ڏينھن سُر ۽ ساز جي پروگرام جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو آھي جنھن کي نوجوان طبقو گھڻو پسند ڪندو آھي. غريب ماڻھو ھن ميلي کي عيد ريت ملھائيندا آھن، سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري رات جو نوان ڪپڙا پائي ميلي جو مزو وٺندا آھن.
کاڌي جي اسٽالن تي ڪوابن ۽ چٽ پٽي کاڌن جي خوشبو ماڻھن کي پاڻ وٽ کسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آھي ۽ ماڻھو مزي مزي جي کاڌن جو لُطف وٺندي نظر پيا ايندا آھن. ٻار ته جھولن مان لھڻ جي لاءِ تيار ئي نه ھوندا آھن ۽ ڪجھ وري رانديڪن جي دڪانن تي زِد پيا ڪندا آھن.
ھن ميلي جي ڪري ھر ماڻھو مُسڪرائيندو آھي، غريبن کي پنھنجي روزي ملندي آھي ۽ ٻيا ماڻھو وري تفريح جي موقعي کي وڃڻ نه ڏيندا آھن. تنھنڪري اھڙن ميلن کي داد ڏيڻ ضروري آھي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي هن گهُٽ ٻوسٽ ۽ نفسا نفسي واري دور ۾ اھي ميلا ماڻھن جي ذھنن کي ڪجھ وقت لاءِ ئي سھي پر پُر سُڪون ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
اقصيٰ   نظاماڻي
2k16/MC/13


Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa