گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول_ پيرل سومرو
This is not feature.
It is too small
4- Feature carries 5Ws+1H. It main purpose is to entertain. Hence written in interesting manner. Feature is always reporting based i.e. Observation, primary data, talk with related people, can use secondary data, but first three things are most important.
Referred back. file it with improved version by Sep 7.
نور محمد هاءِ اسڪول
نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ جي قديم ترين ۽ باوقار تعليم ادارن مان هڪ آهي هي ادارو مرحوم نور محمد لا کير ايڊوڪيٽ جي اصلاحي ڪوشش جي نتيجي ۾ قائم ٿيو. نور محمد لاکير محمد سجاول لاکير جي گهر گوٺ چهاڪرو تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 16سيپٽمبر 1845ع ۾ جنم ورتو. سندس والد لاڙڪاڻي جي هڪ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو سائين محمد سجاول لاکير لاڙڪاڻي کان دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ جام لاکير لڏي آيو نور محمد لاکيرابتدائي تعليم پرائمري اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان حاصل ڪئي جتي سندس والد صاحب هيڊ ماستر هو جنهن بعد مئٽرڪ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان حاصل ڪري بعد ۾ انٽر پاس ڪري بي اي ايل ايل بي عليڳڙهه مسلم ڪاليج يونيورسٽي انڊيا مان حاصل ڪيائين.
نور محمد صاحب ڪجهه وقت عليڳڙهه ڪاليج ۾ بحيثيت استاد مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ ڪنهن رياست جو جج مقرر ٿيو جتان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ حيدرآباد دکن شهر ۾ وڪالت شروع ڪيائين بعد ۾ حيدرآباد سنڌ ۾شفٽ ٿيو
هن 1885ع ۾ حيدرآباد هاءِ اسڪول سنڌ جو بنياد وڌو هن سر سيد احمد خان جيان چندو جمع ڪري هاءِ اسڪول جي اڏاوت ڪرائي
30 آڪٽوبر 1933ع ۾ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائيٽي حيدرآباد قائم ڪئي ويئي ان سوسائٽي جو افتتاح سر غلام حسين هدايت الله ميمبرروينيو ۽ فنانس ڪائونسل گورنمينٽ بمبئي رکيو. نور محمد لاکير پنهنجو گهر ۽ گهر واري جا زيور گروي رکي موجوده بلڊنگ برطانيه سرڪار کان خريد ڪري ان تي اڏاوت شروع ڪئي اسڪول ۾ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرگڙي جي نالي تي لائبريري قائم ڪئي ويئي.
نور محمد لاکير 22 آگسٽ 1937ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ته سندس ياد ۾ حيدرآباد هاءِ اسڪول جو نالي سان منسوب ڪيو ويو
سندس آخري آرام گاهه سول اسپتال جي سامهون مسلم هاسٽل ۾ آهي بعد ۾ مسلم هاسٽل جو نالو تبديل ڪري مخدوم بلاول هاسٽل رکيو ويو جنهن ۾ هن وقت رينجرس جا اهلڪار رهائش ڪن ٿا.
1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ هن اسڪول کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هڪ حصي ۾گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول ٻئي حصي ۾ گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج قائم ڪيو ويو.
نور محمد هاءِ اسڪول ۾ 38 ڪمرا آهن جڏهن ته پرنسپل آفيس، ڊرائينگ هال، سائنس هال،لائبريري،ڪمپيوٽرليب،۽ آڊيٽوريم آهي.
هن وقت اسڪول ۾ 80 استاد مقرر آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن هن وقت مسٽرديدار حسين جلباڻي هيڊ ماستر آهي.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment