تاج محمد تاج هاليپوٽو.
هڪ شاعر هڪ شخصيت تاج محمد تاج هاليپوٽو محمد يوسف سومرو
سنڌ ڌرتي پنهنجي پاڪ پويتر مٽي تي ڪيترائي امله ماڻڪ کي جنم ڏنو
آهي.انهن مان سماٽ نسل جي قديم ذات هاليپوٽن سان جڙيل هڪ سپوت جو به شمارو ٿئي
ٿو.هاليپوٽا ذات جي جيڪڏهن ڳاله ڪجي ته اها ڄام هالي جا اولاد آهن.ڄام هالي سومرن
جي حڪومت کي ختم ڪرڻ وارو حڪمران هو.
هڪ شخص نه بلڪه هڪ شخصيت طور سڃاڻپ جي حقدار تاج محمد تاج هاليپوٽي جو
تعلق سنڌ صوبي ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي پٿوري سان آهي.سنڌ جي لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ جا
اهڃاڻ رکندڙ تاج محمد جو جنم 1965 ۾ محمد هاشم جي غريب گهراڻي ۾ ٿيو.
پاڻ سنڌ توڙي ضلعي ۾ هڪ سٺي شاعر, سگهڙائپ جي پيروي ڪندڙ فردن سان تعلق
رکن ٿا.تاج محمد پنهنجي شروعاتي تعليم واري سفر جي شروعات سنڌ جي ٻين ڇوڪرن جيان
پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ جي گورنمينٽ اسڪول مان ڪيائين.پڙهائي ڏانهن لاڙو اثرائتو نه
هجڻ ڪري پاڻ پنهنجي تعليمي ڪاروان کي ڏهين درجي کان اڳيان جاري نه رکي سگهيا.
تاج محمد ميلن جو تمام
گهڻا شوقين رهيا آهن اهو ئي ڪارڻ آهي جو پاڻ پنهنجي ٻالڪپڻ واري زندگي ۾ پنهنجي
ناني جي آڱر جهلي ميلن جو سير ڪندا هئا.سندس ناني علي محمد هاليپوٽي جي جياپي تي
هڪ نظر رکجي ته پاڻ به ادب,سگهڙائپ توڙي دانائي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا.علي محمد جو
شروعاتي سفر کان وٺي آخر تائين سچارن,سهڻن,سگهڙن سميت داناء ماڻهن سان لڳاء هوندو
هو.سندس اوطاق تي محبت ڀريون منڊليون ,پيار ڀريا پيغام پيا پلٽندا هئا. انهن محبتي
ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ تاج محمد تاج به هوندو هو.
تاج محمد تاج هاليپوٽي پنهنجي ناني جي سگهڙائپ,ادبي سنگت,سنڌي پهاڪن ۽
سنڌي چوڻين کان متاثر ٿي ادب جي دنيا ڏانهن پهرين وک رکي هيائين.جڏهن ته ادب سان
لڳاء سائين جو فطري نموني سان هجڻ به ظاهر ڪري ٿو.
پاڻ کي خانداني زمينداري جيان شاعري به هڪ نموني سان ورثي ۾ مليل
آهي.تاج محمد تاج هاليپوٽي پنهنجي شاعري جي شروعات 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي
رٿيل هڪ سياسي جلسي جي اسٽيج تان ڪئي. جنهن جا ٻول اڄڪلھ ڪنهن گمنام گلين ڏانهن
گامزن ٿي ويا آهن.
ڀٽو آهي
بهتر پاڪستان جو پاسبان
ڏنو آهي الله جنهن کي الاهي عقل و ايمان
ان شاعري کانپوء تاج محمد کي ان جلسي جي صدارت جو عهدو به ڏنو جنهن سان
پاڻ ان جلسي کي ڪامياب قرار ڏئي سگهيو.تاج محمد راڳ توڙي کائڻ پيئڻ جا به شوقين
رهيا آهن اها ئي وجه جو پاڻ شڪار جي ڪوڏيلا به رهيا آهن. راندين جي دنيا جي جيڪڏهن
ڳاله ڪجي ته سائين جو شمارو ونجهوٽي جي سٺن رانديگرن ۾ ٿئي ٿو.
تاج محمد تاج جو پنهنجي ٻاراڻي دور کان وٺي سنڌ جي شاهوڪار ٻولي سنڌي
سان تمام گهڻو لڳاء رهيو آهي.سنڌي ٻولي جي شاعرن شاه لطيف, سچل , سامي ,شيخ اياز
توڙي علي احمد ملاح جي شاعري کي پاڻ سدائين پنهنجي زندگي جو حصو بڻائيندا رهيا
آهن.پاڻ پنهنجي تصوراتن کي لفظن ۾ سهيڙيندي "گوهر گل اندام" نالي شاعري
جو ڪتاب پڻ لکي چڪا آهن.
امير هجڻ سان گڏوگڏ تاج محمد تاج فقيري روپ جا رکوالا به رهيا آهن. ان
سان گڏو گڏ تاج مهمان نوازي,سادگي,سچائي,سڪ ۽ سهپ واري زندگي بصر ڪرڻ جا قائل پڻ
رهيا آهن.سدائين پنهنجي هارين ,نوڪرن سان همدري ۽ سٺو برطاو ڪرڻ سائين جي رڳ رڳ ۾
سمايل آهي. سائين جو گهڻو وقت ڪاپي ۽ قلم سان گذري ٿو. تاج محمد تاج نون ماڻهن جا
خيال توڙي نون لفظن جي مالا جي کوجنا ڪري ان کي پنهنجي قلم ذريعي ڪاپي تي لاهڻ ۾
مشغول پڻ رهندا آهن
. سائين پنهنجي روزمره جي ڪارواين کي ڊائري جي پنن ته لاهڻ وارو
سلسلو 1983 کان شروع ڪيو هو جنهن جي بدولت 36 ڊائرين کي پنهنجي لفظن جي مالا
پارائي چڪا آهن جڏهن ته 37 ڊائري جا ڪجه پنا اڃا ڪورا رهيل آهن.جنهن ۾ پاڻ تاريخ
کي وڏي پيماني ۾ سهيڙي چڪا آهن.
پاڻ هميشه پنهنجي زندگي ۾ وڏيرن, ڀوتارن,سرمايه دارن, لٽيرن جي غلط
فيصلن کي انڪار واري انداز ۾ اپنايو آهي.تاج محمد تاج هاليپوٽو پنهنجي سنجيده ۽
نفيس مزاج جي ڪري ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهيا آهن.
پنهنجي جياپي ۾ لوڪ ادب,سگهڙائپ توڙي محبت جا پيغام پکيڙيندڙ هن شخص
ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام پنهنجي نالي ڪيا آهن. ايوارڊن مطابق هڪ سوال جي جواب ۾ تاج
محمد تاج وراڻيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ايوارڊ جو آسرو ناهي رکيو.مون جهڙي
غريب شخص کي عزت جو حقدار سمجهي ٻه ماڻهو هلي اچن ٿا اهو منهنجي لاء ڪنهن ايوارڊ
کان گهٽ ناهي هوندو يا کڻي سگهڙائپ جو رکوالو ڊاڪٽي نبي بخش بلوچ منهنجي تڏي اچي
مون کي سگهڙائپ جي پڳ ٻڌرائي ٿو ان کان وڏو اعزاز منهنجي لاء نه هوندو.
پنهنجي جنم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين علم جي اڪ اجهائڻ لاء جاکوڙيندڙ هن
شخص پنهنجو پاڻ کي گهٽ سمجهڻ ۽ خلق جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو اهم مقصد
سمجهيو آهي.اسان مان هر کي ان شخص جي زندگي مان سبق حاصل ڪرڻ کپي ته جيئن زندگي جي
جياپي واري باب جي بند ٿيڻ کانپوء شخص نه بلڪه شخصيت جي سڃاڻپ رکي سگهون.
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment