صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر
This topic was approved with different outline and aspect.
Referred back
صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ
Referred back
صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ
معصوم مصطفيٰ ڪُنڀر
2k16/mc/139
زندگي جي هن ڊگهي تاريخ ۾ قومن جي قسمت قومن جون آزاديون ۽
انسانيت جو جئڻ ۽ صوفي ازم جو پرچار ڪرڻ جهڙا اهڃاڻ نظر ايندا آهن. هتي مخدوم شهيد
عبدالرحيم گرهوڙي جي اترئين پاسي آرامي انهي بزرگ هيڪڙائي ۽ حق جي جھنڊي کي بلندي تائين صوفيت
تائين پهچائڻ ۽ پرچار ڪندڙ ۽ من کي ٺار پهچائيندڙ هڪ اهڙي بزرگ هستي ، هڪ ئي وقت
عاشق ۽ هڪ ئي وقت محبوب جو اعزاز رکندڙ شاعر منٺار فقير جي باري ۾ ڪجھه لکي رهيو
آهيان صوفي شهيد شاه عنايت کان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي تائين ڀٽ ڌڻي کان سچل سرمست
تائين مخدوم بلاول کان صوفي صادق فقير تائين بيدل کان بيڪس تائين مخدوم سرور نوح
کان فقير منٺار تائين ئي سڀ هيڪڙائي حق سونهن ۽ سچ محبت الفت جي پرچار جون ڪڙيون
آهن سنڌ جي سر زمين ۾ صوفين هميشه سونهن صداقت ۽ حق جو پيغام ڏنو آهي. اهو پيغام
هيڪڙائي وحدت الوجود ۽ ان الحق جو نارو هجي يا صوفي عزم صوفيت جو حق موجود جو
پيغام، صوفي شاعر منٺار فقير سنڌ جو البيلو ، يگانو وحدانيت هيڪڙائي پيار ۽ امن جي
دامن ۾ رهڻ وارو صوفي بزرگ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو املھه موتي بزرگ ٿي گذريو آهي.
منهنجي من کي ٺار پهچائيندڙ منٺار فقير پنهنجي ڪلام علم تصوف جي باب ۾ وضاحت ڪندي
چيو آهي ته تصوف جي معني آهي عبادت هميشگي ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ ڏانهن هم تن متوج ٿيڻ آهي ۽ دنيا
جي سونهن ۽ سينگار کان منهن موڙڻ مال ۽ مرتبي جي حصول کان پاسيرو رهڻ اهو طريقو
صحابه اڪرام ۽ سلف صالحين ۾ گھڻو رائج هو. خودآگاهي ۽ خودشناسي جو هي انسانيت نواز
اعليٰ پايي جو بزرگ مهراڻ جو وادي ۾ اڀريو هو جنهن جي گونج سنڌ جي واهڻن، وستين گھرن،
جھرن ۽ جهنگن تائين پهچي چڪي آهي منٺار فقير انهن وڏين هستين مان آهي جن شاعري ۽
موسيقي ذريعي حسن ۽ عشق سوز ۽ گداز وسل ۽ فراق ناز ۽ ادا جي ڪيفيتن جي بي بها
خزانن کان علاوه وحدت ڪثرت حقيقت ۽ معرفت جي چادر ۾ انساني عظمت جو فخر جوڳو پيغام
ڏنو آهي، صوفي منٺار جو هي پيغام اسان جو عظيم ثقافتي ورثو آهي. منٺار فقير فرمائي
ٿو ته ”تصوف خلق جو نالو آهي“ جيڪو شخص توکان سهڻي اخلاق ۽ مروت ۾ وڌيڪ آهي اهو
توکان دل جي صفائي ۾ به وڌيڪ آهي. منٺار جي نظريت ۾ تصوف جي معنيٰ هر ڪا نيڪ خصلت
اختيار ڪرڻ ۽ سمورين برائين کان دل کي پاڪ ڪرڻ آهي.
منٺار فقير جي شعري مجموعن ۾ پيار محبت الفت هيڪڙائي ۽ وحدانيت
جي پرچار ملندي پاڻ هتان جي اڻ سڌريل سماج لاءِ هڪ واٽ مس مثل هئا. هئن به جڏهن به
هن ڌرتي تي ڪو ڏکيو وقت آيو آهي تڏهن هنن صوفين پنهنجي رنگ ۾ ڌرتي واسين جي غيبي
يا ظاهري طور نجات جو ذريعو بڻيا آهن تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. شهيد شاھ
عنايت يا مخدوم بلاول جا پيغام هجن يا شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪيل عمل
هتان جي ماڻهن لاءِ ڪنهن کان به ڳجھو نه رهيو آهي. صوفي منٺار فقيرجو فلسفو انسان جو قديم جستجو جو نچوڙ آهي حق جي تلاش
کان پوءِ پاڻ ڄاڻڻ انسان جي عظمت ۽ معرفت جو فلسفو آهي جنهن کي منٺار فقير بنھه
آسان ۽ حقيقت پسنداڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي پاڻ تصوف ۾ وحدت الوجود جي مسلق سان
لاڳاپيل صاحب حال ۽ معرفت هئڻ سان گڏو گڏ هڪ باصيرت عالم ۽ دانشور پڻ آهن. خدا
انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت ڪهڙي آهي. منٺار ڪيترائي ڀيرا پنهنجو پاڻ انهن سوالن ۾
اُلجھايو ۽ پوءِ پاڻ ئي وڏي اطمنان سان انهن سوالن جا جواب ڏنا آهن. منٺار فقير جي
شعري مجموعن ۾ پيار محبت الفت هيڪڙائي ۽ وحدانيت جي پرچار ملندي پاڻ پنهنجي مرشدجو
بيحد احترام ڪندا هئا ايستائين جو پاڻ پنهنجي ڪلام پاڻ محلم ظاهر ڪرڻ پسند نٿو ڪري
پر پنهنجو پورو ڪلام پنهنجي مهربان مرشد جي ذريعي ئي بيان ڪري ٿو. منٺار معرفت جي
انهي منزل تي پهچي پاڻ کي محبوب ۽ مطلوب جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو اڄ انسان چنڊ تي پنهنجا
خيما کوڙي رهيو آهي اسان پنهنجي ڀر پاسي ۽ ٻاهرين دنيا جي معلومات جي سلسلي ۾ ماضي
جي سڀني دورن کي مات ڏيئي چڪا آهيون پر ان باوجود اسان پنهنجي وجود جي دنيا جي علم
کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي زمينن جي هر قسم جي تڪليفن جنگ نفرت
ظلم ۽ خودغرضي جي آمجگاه بڻجي چُڪي آهي. اُهو سڀ ڪجهه ڇو آهي.جڏهن ته دُنيا جاسڀئي
مذهب هڪ ئي خُدا هڪ ئي انساني برادري جا
دعويدار آهن.ته پوءِ هي گهمرائي ڇو؟ دراصل فطرت جو قانون صحيح آهي،غلطي اسان جي
اندر ۾ آهي اڄ جو انسان ڇو گهمراءُ ٿي رهيو آهي؟اُنهي جو سبب منٺار تلاش ڪري رهيو
آهي.مُشڪل اُهو آهي ته انسان محدود ۽ خُدا لامحدود آهي،انسان نظر اچي ٿو پر خُدا نظر نٿو اچي،انسان جي هڪه صورت ۽ شڪل
آهي،پر خُدا شڪل ۽ صورت کان آزاد آهي. مادو نظر ايندو آهي پر روح نظر نه ايندو آهي.
صوفي منٺار فقير انسانيت پرست انسان دوست وحدانيت تصوف
رومانيت ۽ هن سنڌ جي خطي ۾ جيڪا پنهنجي پيغام ذريعي خدمت ڪئي آهي اسان
صوفي ازم جي پوڄارين منٺار جا چاهيندڙ جيڪي آهن اُنهن کي گهرجي ته منٺار جو پيغام پروڙيون ۽ پرکيون ۽ منٺار فقير جي ڪلام تي
تحقيق جي ضرورت آهي.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment