فيچر : قاسم آباد جو پسمنظر



فيچر : قاسم آباد جو پسمنظر
رضوان سومرو / فيچر
2k16/MC/86-B.S- Part-3
دوآبہ مان بدلجي نئون ٺھيل شھر قاسم آباد جنھن جي تاريخ روان دوان آھي. نئون شھر قاسم آباد، آباد ٿيڻ کان پھرين ھتي ڪيترائي ڳوٺ ھئا، جن جو تعداد 50 جي لڳ ڀڳ يا ان کان بہ وڌيڪ ٿيندو. ڪي ڳوٺ  ننڍا ھئا تہ ڪي ڳوٺ وڏا ھئا. باقي وسيع ايراضي زمين تي پوکون ٿينديون ھيون. واھ ۽ شاخون وھنديون ھيون ٻيلا ھوندا ھئا. ٻيلن ۾ ھر ھڪ قسم جي قيمتي ڪاٺ جا وڻ ھوندا ھئا. جانور ۽ ھر قسم جا پکي ھوندا ھئا. قدرتي وسيلن نعمتن ۽ زخيرن سان مالا مال ۽ زرخيز زمين ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھي سرزمين ڳوٺن ، جھنگن، ٻيلن مان بدلجي ھڪ نئون وسيع ۽ ڪشادو شھر بڻجي چڪو آھي. جنھن کي تعلقي جو درجو بہ ملي چڪو آھي. دوآبہ ۾ جيڪي ٻيا قديم ڳوٺ ھئا، انھن مان ڳوٺ بچل چانڊيو بہ ھڪ قديم ڳوٺ ھو اڳي اھو ڳوٺ نمايان ھوندو ھو. ڳوٺ محمد بچل چانڊيو جي پراڻن رھواسين مان جنھن شخصيت وڏي شھريت ماڻي ھئي اھو بزرگ درويش صفت ماڻھو صوفي لال محمد صاحب ھو. ان مرحوم جي ڳوٺ ۾ وڏي اوطاق ھوندي ھئي. صوفيت جي پرچار ماڻھن کي امن ، ميت ، محبت جو درس ڏيندڙ ھي صوفي فقير ھو. مھمانواز ۽ دل درياھ سخي صفت ماڻھو ھو. ھن وٽ عالم،اديب ، شاعر، دويش ، صوفي، ڪچھري ڪرڻ لاءِ وڏي سڪ ۽ محبت سان ايندا  صوفيا نہ راڳ جون مخفلون بہ منعقد ٿينديون ھيون. ھن درويش جي اوطاق تي ماڻھن جو ميلو متو پيو ھوندو ھو. سڄي ڄمار امن محبتن جو درس ڏيندي بلڪل سادگيءَ سان وقت  گذاريائين. صوفي لال محمد چانڊيو انھن صفتن کان علاوه سماج سڌار جو جذبو بہ رکندو ھو. پر تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري ھي  ڳوٺ گھڻ ماڙ عمارتن ، بنگلن جي گھيري ۾ اچي ويو آھي. ھن ڳوٺ کي مکيہ  ٻہ لنگھ ھئا. ھڪ واڌو واھ واري رستي کان ۽ ٻيو علمدار چوڪ واري ميکہ ۽ ڪشادي رستي کان اڳي اھي رستا پيچرا ھوندا ھئا. ھن وقت اھي ٻئي رستا اھم آھن ۽ انھن جي ڀرسان گھڻ ماڙ عمارتن جون قطارون آھن. ھي
ڳوٺ ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ آباد ٿيو ھو.
اڄ کان تقريبن اڌ صديءَ کان بہ وڌيڪ طويل عرصو اڳ شھر مان ڇوٽڪي گھٽي لڳ سيد بوچالو شاھ جي درگاھ آھي. اتي پراڻي ڪچي ٺھيل امام بارگاھ ھوندي ھئي، جنھن ۾ ميرن جي دور جو ٺھيل قديم وڏو وزندار تابوت رکيل ھوندو ھو. اھو تابوت محرم جي ڏھين تاريخ برآمد ڪيو ويندو ھو. اھو تابوت شھر جي ٻين سڀني تابوتن کان وڏو وزندار ھوندو ھو. ٻڌايو ويو تہ اڳي ھن ڳوٺ ۾ کوھ ھوندو ھو جيڪو پون مل نالي پڻيان سڏبو ھو. اھو کوھ ھن ڳوٺ ۽ آس پاس جي رھندڙ ڳوٺن ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ پاڻي جي وڏي سھولت ھوندي ھئي. عورتون ھن کوھ جي مٺي پاڻي سان ڪپڙا ڌوئينديون ھيون ۽ گھرن ۾ بہ ھن کوھہ جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو ھو. ھتي واھ ۽ شاخون بہ وھنديون ھيون تہ ناربہ ھئا. جن جي پاڻي وسيلي پوکون پوکيون وينديون ھيون. ھتي ٻين جنسن جي پوک کان علاوہ مکيہ فصل جوئر ۽ گجر جا ھوندا ھئا. ۽ ھتان جون زميون ڀليون ھئڻ ڪري ھتي جي پوکيل جنس، ڀاڄين گاھ  جي وڏي ھاڪ ھوندي ھئي. چانڊيا ڳوڻ ۽ اردگرد جي ٻين ڳوٺ جي رھواسين جو پراڻو مقام جتي فو تين کي مدفون ڪيو ويندو ھو. اھو پراڻو مقام لگستان سجاد جي حدن اندر اچي ويو آھي جنھن کي چوديواري ٺاھي محدود ڪيو ويو آھي. نہ تہ اھو مقام نمايان ھوندو ھو. ان مقام ۾ ھتي جي رھواسي فوتين جون ڪيتريون ئي پراڻيون قبرون موجود آھن. جيڪي ھن مقام جي پرائي ھئڻ جو پختو ثبوت ڏين  ٿيون.



  Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  


Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Dr Aziz Talpur Profile

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3