مريم ڪيريو
Referred back, add 100 words more, write in profile style. For profile separate foto is needed, this is not interview. Do not use English words. file again till August 20
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
اقصيٰ نظاماڻي
2k16/MC/13
مريم ڪيريو
سنڌ جي با ھِمت عورت مريم ڪيريو 1982ع ۾ خيرپور
ميرس ۾ جنم ورتو. ننڊپڻ ۾ تمام شرارتي ھوندي ھئي، کين گھر کان ٻاھر نڪرڻ تي پابندي
ھئي، پر پوءِ به ھو اڪثر سکين سان گڏ راند کيڏڻ جي لاءِ ھلي ويندي ھئي، جنھن سبب
کين ڀائرن جا دڙڪا ب کاڌا ، ان باوجود مريم سنڌ جي پھرين عالمي يافتا جِم ناسٽ ٿي
پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.
مريم جو چوڻ آھي ته جِم ناسٽ ٿيڻ سندس نه پر
سندس والد جو خواب ھو، جنھن سبب مريم جو پنھنجو به شوق بڻجي ويو. سندس والِد
اڻپڙھيل ھوجڻ باوجود وسيع سوچ جو مالڪ آھي.
چار سالن جي عمر ۾ ئي مريم والد سان گڏ ميلن جي
سرڪس ۾ ويندي ھئي، جنھن ۾ ننڊڙا ٻار ڪرتب ڏيکاريندا ھئا. مريم جي والد جو خواب
اتان کان تشڪيل ۾ آيو ء جڏھن ھن ريڊيو تي رومانيه جي ناديه ڪومانچي جي ڪرتبن جي
ڪومينٽري ٻڌي ته فيصلو ڪيو ته سندس ڌيءَ کي جِم ناسٽ بڻائي پنھنجن خوابن کي تڪميل
تي پھچائيندو.
شروعات ۾ مريم جو پيء
ان کي گھر ۾ ئي تربيت ڏيندو ھو جيڪا جِم ناسٽ جي قوانين جي مطابق نه ھوندي ھئي .
1993ع ۾ جڏھن پاڪستان جي سابقه وزيرِ اعظم بي نظير ڀٽو چين جي دوري تي وئي ته سندس
استقبال جِم ناسٽس ڪئي، بي نظير کي اھا تمام پسند آئي ء چيو ته اِھا راند اسان وٽ
به ھئڻ گھرجي، جنھن سبب سندس دوري اقتدار ۾ مختلف تربيتي سرگرميون منعقد ڪيون
ويون.
1996ع ۾ بوسنيه کان تربيتي استاد آيا، جنھن ٻن
مھينن لاءِ نيشنل ڪيمپ ھيٺ سڄي پاڪستان مان ايندڙ عورتن کي جِم نيزيم جي تربيت ڏني
وئي. جنھن ۾ سنڌ جون ٻارھن ، پنجاب جون چار ڇوڪريون شامل ھيون، جڏھن ت خيبر
پختنخواھ مان ھڪ به ڇوڪري نه آئي. جنھن مان پنج ڇوڪريون ( second world Islamic games) لاءِ چونڊيون ويون جنھن ۾ مريم به شامل ھئي .
ان کان پوءِ ته ھڪ سِلسلو جڙي ويو، قومي ء عالمي معيار تي مريم ڪيترائي ٽورنامينٽس
کيڏيا ء ڪيترا ئي گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ان عرصي دوران ٻه چڪر سياسي ء سماجي اختلافن
جي ڪري جِم نيزيم تي پابندي عائد ڪئي وئي، جنھن سبب ھن راند کي نقصان پھتو.
1999ع ۾ ((National games، 2002 ۾
(Sindh games) ساڳي سال ۾ (Inter colleges) (national province level)،
(Inter-University) (Inter-Department) جھڙن ٽورنامينٽس ۾ نه صرف مريم حصو ورتو پر 11 گولڊ
ميڊل کٽي پنھنجي پيءّ جي خوابن کي منزل تي پھچايو.
ايترين ڪاميابين جي ٻي
پاسي مريم جا رشته پنھنجن مامن ء چاچن سان ڪٽجي ويا ، جيڪي ھن پيشي سان خوش نه
ھئا.
ھن وقت مريم سنڌ
يونيورسٽي ۾ شاگردن کي جِم ناسٽ جي تربيت ڏيئي رھي آھي، جيڪا ھن 2007 ۾ شروع ڪئي.
سندس ٻه پۡٽ آھن جنھن کي مريم انھي ئي شعبي جي حوالي سان تربيت ڏيئي رھي آھي.
مريم ڪيريو سنڌ جي
عورتن جي لاءِ ھڪ مشعلِ راه آھي جيڪا چوي ٿي ته ڪڏھن به ھار نه مڃو، پاڻ کي ڪمزور
نه سمجھو، توھان مضبوط آھيو، ھميشه ڪامل يقين رکو ته ڪجھ به نا ممڪن ناھي ھوندو.
اقصيٰ نظاماڻي
Profile: BS Part 3 Aqsa Nizamani 2K16/MC/13 Topic: Mariyum Keeri
2k16/MC/13
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment