پير پٿوري جي ماڙي. يوسف سومرو Pir Pithoro


پير پٿوري جي ماڙي.


يوسف سومرو_بي ايس _70
ٻاراڻي زندگي ۾ شوق به ٻاراڻا ئي هوندا آهن.پرائمري تعليم دوران هر ٻار جيان اسان جا به شوق ساڳيا هوندا هئا.ڪڏهن بابي جي آنڱر جهلي ميلي تي وڃڻ جو سوچيندا هئاسين ته وري ڪڏهن مامي سان گهمڻ جو سنڌرو ٻڌندا هئاسين.خير انهي دوران بابا کان لڪي مامي سان ميلي جو چڪر به لڳو جنهن تي خاصي مار به ملي.هاڻي جڏهن شعوري ۽ لاشعوري واري دور کان نڪتس ته سوچيم پنهنجي قلم جي قرطاس سان پير پٿوري ماڙي جي تاريخ ۽ انجي پس منظر کي لفظن جي مالا سان جوڙي پڙهندڙن تائين پهچايان.
پير پٿورو پنهنجي دور جو عظيم انسان هو.سنڌ ساڌوئن،سنتن پيرن ۽ فقيرن ۾ پٿوري جو نالو احترام سان وورتو ويندو آهي.پير پٿورو جو جنم ڀومي لوڪ ڪٿائن،قصن ۽ ڪهاڻين مان سن 1933 معلوم ٿئي ٿو.جنهن وقت سنڌ تي سمن جا حاڪم حڪمراني جون واڳون سنڀالي ويٺل هئا.هڪ هنڌ اهو به معلوم ٿيو ته پٿوري جي شروعاتي زندگي ۾ عمرڪوٽ تي سومرن جي حڪمران همير سومري جي هڪومت هئي.خير مختلف ماڻهن پير پٿوري جي  تاريخ،ڪردار ۽ عملن کي سنڌ توڙي هنڌ ۾ اجاڳر ڪيو آهي،جيڪو اڄ ڏينهن تائين ٻڌندا پيا اچون.
ماڙي تي منهنجي به حاضري ٿي،اتي ويٺل نائب گاڌي نشين طوطارام ميگهواڙ ٻڌايو ته شيري پير پٿورو جو جنم ڌارڻ يقينن جيون ڦولن جو واس آهي،پير سائين تمام سنڌر هئا.وڏو قد، بدن ڀريل،سانورو رنگ ۽ منهن ۾ مڻيا پيا ٻهڪندا هئا.اکيون وڏيون چمڪندڙ ۽ تجليدار هيون.پيشاني وڏي ۽ ويڪري هئي.آواز ۽ لهجي ۾ ڌيمائپ هئي جنهن ڪري هر ڪو ماڻهو خاموشي سان پيو ٻڌندو هو.
هي ته ٿيو پير پٿورو جو ذاتي احوال هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ان جي قبر تي ٺهيل ماڙي جو ته اها ماڙي ڏامي ميگهواڙ پٿوري جي سڀنين مريدن کان چندو ڪري خوبصورت نقشي ٺهرائي هئي.سن 1984 ۾ تعميراتي ڪم  مڪمل ٿيو ۽ 2006 تائين بهترين حالت ۾ پنهنجي خوبصورتي سان ماڻهن جي نگاهن  جو مرڪز بڻيل رهي.ان کانپوء ماڙي جي صورت بد تر ٿيندي وئي.122 سالن کانپوء 2006 ۾ هاڻوڪي ٺهندڙ ماڙي جو نئون اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو.جنهن جو افتتاح ان وقت جي گاڌي نشين لڌو سنگهه جي وڏي فرزند ڪئي هئي.اڳين ماڙي جيان هن  ماڙي جو خرچ به مريد ڪري رهيا آهن.
نئي ٺهندڙ ماڙي يا درگاهه تمام بهترين جديد طرز واري نقشي ۾ اعلي ڪوالٽي واري مٽيريل سان جڙي رهي آهي.ماڙي جي نئي ۽ سڌاري واري ڪم جي رهنمائي هن وقت درگاهه جو سورهون گادي نشين پير ڪانجي سنگهه ڪري رهيو آهي.نئين ٺهندڙ ماڙي زمين جي مٿين تهه کان بنياد ڪافي مٿي ڪري هڪ نرالي ۽ خوبصورت ڊيزائن سان تعمير ڪرائي پئي وڃي.ماڙي کان اولهه طرف ياترين ۽ پيرن لاء بيٺڪ ٺاهي پئي وڃي.اڳيان لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪلوميٽرن تائين اولهه طرف ياترين جي ويهڻ لاء ڪمرا ۽ هال تعمير ڪرايا پيا وڃن.مئن گيٽ جي ڏکڻ ۾ مرشد جي ستگرو سوامي وير ناٿجي صاحب جو هڪ نهايت بهترين ۽ خوبصورت ننڍڙو هجرو ٺهيل آهي جتي ڪڏهن ڪڏهن پٿورو ويهندا هئا.
پير پٿورو صاحب جو ميلو پٿورو اسٽيشن جي ڀرسان اتر طرف ماڙي واري پڊ تي هر سال ٽيهه دفعا لڳندو آهي..هونئن ته هر ساهي سومر يا وري هر روز جارتو گهڻي انگ ۾ ايندا ۽ ويندا پيا آهن پر گهڻي ۾ گهڻي رش ٽنهي ميلن ۾ نظر ايندي آهي.وڏي ۾ وڏو ميلو بڊي جي چنڊ جو هوندو آهي.درگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندڙ جارتن لاء ميلي ۾ سرڪس، ناٽڪ، جوبلي، سرڪش شو، موت جو کوهه ۽ چڙيا گهر کي سهڻي نموني سان سينگاريو ويندو آهي.ان کان علاوه سينگاريل بازارون، اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ، پهلوانن جا ملهه به ايندڙ ماڻهن جي لاء تفريح جو اهم ڪارڻ بڻجندا آهن.ميلي ۾ مڻهياري سميت مختلف ڪاروباري ماڻهو اچي چار چنڊ لڳائيندا آهن.درگاهه شري پير پٿوري جو اهو ميلو پير جي کاتي واري زمين جي حد اندر لڳندو آهي.  

Feature, Pir Pithoro, Yousuf Soomro
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

Comments

Popular posts from this blog

حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن علايقن جا مسئلا_محمس عظيم سولنگي

ماحولياتي آلودگي_ماه نور چنا Mahnoor Channa