فيچر: ساوڻي جي مُند ۽ ڄامشورو_بلاول پنهور
فيچر: ساوڻي جي مُند ۽ ڄامشورو_بلاول پنهور_بي ايس 25
ساوڻي جنهن جي معنيٰ ئي ”مينهن
جي مُند“ ڏانهن متوجه ڪري ٿي، جنهن جو ٻڌندي ئي خوشگوار موڊ ٿي ويندو آهي. جون جي
مهيني ۾ جڏهن سج جي تپش ٿيندي آهي، ۽ گرم هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي، ته شديد گرمي ٿي
ويندي آهي زمين مان تپش نڪرندي آهي، ۽ سمنڊ، دريائن ۽ ندين جي سطح تان پاڻي بخار
بڻجي آسمان جي طرف اُٿندا آهن، ۽ اهي بادل بڻجي ويندا آهن، ان ئي مُند کي ساوڻي جي
مُند چيو ويندو آهي. مينهن هڪ قدرتي نعمتن مان پڻ هڪ نعمت آهي ۽ پاڻي انسانن
جانورن ۽ ٻوٽن جي زندگي آهي.
ڄامشورو شهر جيڪو ٿڌڙين هوائن جي نالي سان مشهور
شهر آهي، اهڙين حير جهڙين ٿڌڙين هوائن جي شهر ۾ جڏهن ساوڻي جي خوبصورت مُند شروع ٿيندي آهي، ته هي شهر وڌيڪ ٻهڪي
پوندو آهي، جنهن ۾ هر طرف ٿڌڙين هوائن سان گڏ مٽيءَ جي خوشبوءَ سان گهلندڙ هوا کان
پوءِ جڏهن ڪڪرن سان ڀريل مينهن زمين تي پوڻ شروع ٿيندو آهي ته هڪ بهترين ۽ خوبصورت
منظر جو ڏيک ڏيندو آهي. ڪڏهن سج جو بادلن ۾ لڪي وڃڻ ته ڪڏهن مينهن جي ڦڙن جو مٽيءَ
تي پوڻ ۽ ڪڏهن وري مينهن جو لڳاتار سڄي رات وسڻ ۽ کوڻ جو چمڪڻ بادلن جو زوردار آواز اچڻ.
ڄامشوري شهر ۾ جڏهن مينهن وسڻ شروع ٿيندو آهي،
ته موسم تمام گهڻو حسين ۽ خوشگوار ٿي ويندو آهي، ۽ هر شي رنگين محسوس ٿيڻ لڳندي
آهي، هر پن ٻوٽا ۽ گل خوشيءَ ۾ جمهريون پائيندا آهن. هن موسم ۾ دل بنا ڪنهن وجه جي
خوشيءَ سان جهمڻ لڳندو آهن. مينهن جي ڦڙن جو ٽپ ٽپ آواز موسيقي کان به خوبصورت
لڳندو آهي، ۽ دل چاهيندو آهي ته تمام پريشانين خان آزاد ٿي کليل آسمان هيٺان بهي
مينهن جي هر ڦڙي کي محسوس ڪجي، ۽ دل جي اها خواهش هوندي آهي، ته اها خوبصورتي
سدائين قائم رهي.
ڄامشوري شهر ۾ جڏهن ساوڻي جي مُند ٿيندي آهي، ته
يونيورسٽين جا شاگرد پنهنجي دوستن سان هاسٽلن مان نڪري باغيچن ۾ مينهن جي موسم جو
مزو وٺندا آهن. هن شهر جا رهواسي توڙي آس پاس جا ماڻهو پنهنجي گهرڀاتين سان
المنظرتي گهمندا آهن، اُتي وڃي ٻيڙين تي سير توڙي هوٽلن تي ويهي اُتان جو مشهور
پلو کائيندا آهن، ان کان علاوه ٻين ڪيترين
ئي جڳهين تي گهمڻ لاءِ ويندا آهن.هر پاسي هر شيءِ ڄڻ ٻهڪي پوندي آهي، ان ئي مُند ۾
ڄامشوري جي جابلو علائقن ۾ وري عجيب ئي نظارا هوندا آهن، هر طرف جابلو پٿريلي زمين
مينهن پوڻ جي ڪري ٻهڪي پوندي آهي، ۽
مختلف قسمن جا ٻوٽا ڦٽي پوندا
آهن، جڏهن ته کنبي، لوڻڪ، مريئڙو سميت ٻيا ٻوٽا پڻ ڦٽي پوندا آهن. هن مُند ۾ هوا
صاف ٿي ويندي آهي. جنهن جي ڪري ٿڌڙيون هوائون اڃا وڌي وينديون آهن. جابلو علائقن
مان وڌيڪ مينهن پوڻ جي ڪري نيئون وهي اينديون آهن، جڏهن آسمان صاف ٿيڻ لڳندو آهي ۽ مينهن بند ٿيڻ
بعد ماڻهو گهرن ۾ مختلف قسمن جا طعام تيار ڪندا آهن، جنهن ۾ چٽپٽين شيون جيئن ته پڪوڙا، سموسا، چاٽ، برياني، سميت ٻيون ڪيتريون
ئي شيون تيار ڪري کائيندا آهن، ان کان علاوه ماڻهون ٻاهر دڪانن تان پڻ کادي جون
چٽپٽيون شيون خريد ڪرڻ لاءِ نڪري پوندا آهن.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment