سنڌ جي پهرين جمناسٽڪ باهمت مريم ڪيريو _اقصي نظاماڻي
This is a biographical note, not profile. further its too short, 600 words are required.
Personality profile in a way is a feature on personality. Therefore all rules of feature also apply on profile. It is to describe a personality.
Feature carries 5Ws+1H. It main purpose is to entertain. Hence written in interesting manner. Feature is always reporting based i.e. Observation, primary data, talk with related people, can use secondary data, but first three things are most important.
Referred back
Personality profile in a way is a feature on personality. Therefore all rules of feature also apply on profile. It is to describe a personality.
Feature carries 5Ws+1H. It main purpose is to entertain. Hence written in interesting manner. Feature is always reporting based i.e. Observation, primary data, talk with related people, can use secondary data, but first three things are most important.
Referred back
Mariam Keerio Profile by Aqsa Nizamani
سنڌ جي پهرين جمناسٽڪ باهمت مريم ڪيريو
اقصي نظاماڻي_بي ايس 13
سنڌ جي با ھِمت عورت مريم ڪيريو 1982ع ۾ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ خيرپور مان حاصل ڪئي، ۽ اعليٰ تعليم ڊگري ڪاليج خيرپور ميرس مان حاصل ڪئي، پاڻ ننڊپڻ ۾ تمام شرارتي ھوندي ھئي، کين گھر کان ٻاھر نڪرڻ تي پابندي ھئي، پر پوءِ به ھو اڪثر سکين سان گڏ راند کيڏڻ جي لاءِ ھلي ويندي ھئي، جنھن سبب کين ڀائرن جا دڙڪا به کاڌا ، ان باوجود مريم سنڌ جي پھرين عالمي يافته جِم ناسٽڪ ٿي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. مريم ڪيريو ننڊپڻ کان وٺي جمناسٽڪ ٿيڻ تائين تمام گهڻيون مشڪلات برداشت ڪيون،
مريم جو چوڻ آھي ته جِم ناسٽ ٿيڻ سندس نه پر سندس والد جو خواب ھو، جنھن سبب مريم جو پنھنجو به شوق بڻجي ويو. سندس والِد اڻپڙھيل ھجڻ باوجود وسيع سوچ جو مالڪ آھي.
چار سالن جي عمر ۾ ئي مريم والد سان گڏ ميلن جي سرڪس ۾ ويندي ھئي، جنھن ۾ ننڊڙا ٻار ڪرتب ڏيکاريندا ھئا. مريم جي والد جو خواب اتان کان تشڪيل ۾ آيو ۽ جڏھن ھن ريڊيو تي رومانيه جي ناديه ڪومانچي جي ڪرتبن جي ڪومينٽري ٻڌي ته فيصلو ڪيو ته سندس ڌيءَ کي جِم ناسٽ بڻائي پنھنجن خوابن کي تڪميل تي پھچائيندو.
شروعات ۾ مريم جو پيء ان کي گھر ۾ ئي تربيت ڏيندو ھو جيڪا جِم ناسٽ جي قوانين جي مطابق نه ھوندي ھئي . 1993ع ۾ جڏھن پاڪستان جي سابقه وزيرِ اعظم بي نظير ڀٽو چين جي دوري تي وئي ته سندس استقبال جِم ناسٽس ڪئي، بي نظير کي اھا ڳالهه تمام گهڻي پسند آئي ۽ چيو ته اِھا راند اسان وٽ به ھئڻ گھرجي، جنھن سبب سندس دوري اقتدار ۾ مختلف تربيتي سرگرميون منعقد پڻ ڪيون ويون.
۽ پوءِ پاڪستان ۾ جمناسٽڪ راند جي شروعات لاءِ 1996ع ۾ بوسنيه کان تربيتي استاد آيا، جنھن ٻن مھينن لاءِ نيشنل ڪيمپ ھيٺ سڄي پاڪستان مان ايندڙ عورتن کي جِم نيزيم جي تربيت ڏني وئي. جنھن ۾ سنڌ جون ٻارھن ، پنجاب جون چار ڇوڪريون شامل ھيون، جڏھن ته خيبر پختنخواھ مان ھڪ به ڇوڪري نه آئي. جنھن مان پنج ڇوڪريون سيڪنڊ ورلڊ اسلامڪ گيمز لاءِ چونڊيون ويون جنھن ۾ مريم به شامل ھئي . ان کان پوءِ ته ھڪ سِلسلو جڙي ويو، قومي ء عالمي معيار تي مريم ڪيترائي ٽورنامينٽس کيڏيا ڪيترا ئي گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ان عرصي دوران ٻه چڪر سياسي ۽ سماجي اختلافن جي ڪري جِم نيزيم تي پابندي عائد ڪئي وئي، جنھن سبب ھن راند کي نقصان پھتو.
1999 کان وٺي 2002 تائين سنڌ نيشنل گيمز ۽ ڪيترن ئي مختلف ٽورنامينٽس ۾ نه صرف مريم حصو ورتو پر 11 گولڊ ميڊل کٽي پنھنجي پيءّ جي خوابن کي منزل تي پھچايو.
اسان جي سماجي پهلو ۾ ايترين ڪاميابين جي ٻي پاسي مريم جا رشته پنھنجن مامن ۽ چاچن سان ڪٽجي ويا ، جيڪي ھن پيشي سان خوش نه ھئا.
ڇو جو هو هن راند کي اخلاقيات جي دائري کان ٻاهر سمجهندا هئا،
انهي سڀني ڪاميابين پويان مريم جو جوش ۽ جذبو شامل هو جنهن هن کي ڪامياب زندگي ڏانهن گامزن ڪيو، هن وقت مريم سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي جِم ناسٽ جي تربيت ڏيئي رھي آھي، جيڪا ھن 2007 ۾ شروع ڪئي. سندس ٻه پۡٽ آھن جنھن کي مريم انھي ئي شعبي جي حوالي سان تربيت ڏيئي رھي آھي.
مريم ڪيريو سنڌ جي عورتن جي لاءِ ھڪ مشعلِ راه آھي جيڪا چوي ٿي ته ڪڏھن به ھار نه مڃو، پاڻ کي ڪمزور نه سمجھو، توھان مضبوط آھيو، ھميشه ڪامل يقين رکو ته ڪجھ به نا ممڪن ناھي ھوندو. اسان جي معاشري ۾ عورتن کي برابري جا حق ڏنا وڃن ٿا هو پنهنجي قوم توڙي ملڪ جو وڏو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون.
اقصيٰ نظاماڻي
2k16/MC/13
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment