Abdul Majeed Panhwar Profile by Bilawal Panhawr BS Roll 25
His early life and struggle are very important.
Observe proper paragraphing
پروفائيل:عبدالمجيد پنهور
بلاول پنهور
2k16/MC/25 B.s Part:3
يونيورسٽين ۾ بنيادي طور ٽي حصا انتهائي اهم آهن، جن ۾ تدريس، تحقيق، ايڊميشن ۽ امتحان شامل آهن. سنڌيونيورسٽي کي پاڪستان جي انتهائي قديم يونيورسٽي طور ڄاتو وڃي ٿو، 3 اپريل 1947ع تي قائم ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن وقت ٽيھ هزار کان وڌيڪ شاگرد انڊر گريجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن ۾ زير تعليم آهن. ايڊميشن جو شعبو گذريل چئن پنجن سالن کان بهتر نتيجا ڏئي رهيو آهي، ان اعتبار کان سنڌيونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن عبدالمجيد پنهور جي قدمن ۽ محنت جي مڃتا ۾ سنڌ يونيورسٽي اڪيڊمڪ ڪنوڪيشن ۾ کيس گولڊ ميڊل به عطا ڪيو آهي. عبدالمجيد پنهور ايڊميشن واري شعبي ۾ڪافي بهتري آندي آهي، پر سندس ان بهتري واري منزل اڃان اڳيان آهي. 2015ع کان ايڊميشن جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ عبدالمجيد پنهور داخلا في چالان ڪمپيوٽرائز ڪرائي شاگردن توڙي اسٽاف لاءِ گهڻيون سهولتون پيدا ڪيون آهن. 2016ع ۾ ٿيندڙ داخلا لاءِ آن لائن مينيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرايو، جنهن سان داخلا لاءِ دلچسپي رکندڙ اميدوارن پنهنجي ڪوائف آن لائن جمع ڪرايا، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ملڪ جي ٻين وڏين سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌ يونيورسٽي پهرين يونيورسٽي آهي، جنهن جي داخلا آن لائن سسٽم متعارف ڪرايو. ساڳئي سال جي داخلا جي سلسلي ۾ داخلا في چالان جي مينوئل انٽري جي بجاءِ ڪيو آر ( QR)ڪوڊ سسٽم تحت داخلا في جي انٽري شروع ڪئي وئي. اهڙي طرح 2017ع ۾ فارين اسٽوڊنٽس لاءِ مختص ڪيل سيٽن تي لوڪل اسٽوڊنٽس کي داخلا ڏني وئي، جيڪي سيٽون سالن کان هميشه خالي رهنديون اينديون هيون. اهڙي طرح ان مان 2018ع ۾ پڻ 2017ع جي ڀيٽ ۾ هڪ ته يونيورسٽيءَ کي آمدني وڌيڪ ٿي ته ٻئي طرف وڌيڪ اميدوارن کي داخلا جي سهولت ميسر ٿي. 2019ع ۾ آن لائن سسٽم تحت داخلا فارم جمع ڪرائڻ سان گڏ هاڻي اميدوارن کي پنهنجا ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻ بجاءِ آن لائن اپ لوڊ ڪرائڻا پوندا، جنهن سان اميدوارن کي ڪافي آساني ٿيندي. پهرين هر اميدوار کي داخلا فارم سان گڏ ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻا پوندا هئا،جڏهن ته هاڻي پري انٽري ٽيسٽ ٿيڻ ۽ داخلا لسٽ ۾ اميدوار جو نالو اچڻ کان پوءِ ڪامياب اميدوار کان گهربل ڊاڪيومينٽس ورتا ويندا. 2015 ع کان 2019ع تائين مٿي ڄاڻايل بهترين سان گڏ اميدوارن کي پنهنجن شعبن ۾ في چالان ۽ اسٽوڊنٽس ڪارڊ ملڻ پڻ شامل آهن. اهڙيءَ طرح 2019ع کان ڊگري پاس ڪرڻ واري اميدوارن کي صرف ”اي سي ٽو“ مان ايڊميشن آفيس مان نو ڊيوز ”No Dues“ وٿڻو پوندو، جڏهن ته پهرين شاگرد ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي شعبي، هاسٽل ۽ لائبرري مان ڪلئرنس سرٽيفڪيٽوٺڻو پوندو هو، هڪ هنڌ نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ وٺڻ سبب شاگردن جو ڪافي وقت بچي پوندو.ان همٿ افزا ڪاوشن جي پٺيان سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن عبدالمجيد پنهور ۽ سندس سموري اسٽاف جي اڻٿڪ جستجو شامل آهي، ۽ سندس محنتن جي مڃتا ۾ سنڌ يونيورسٽي کيس گولڊ ميڊل عطا ڪري چڪي آهي.
عبدالمجيد پنهور جو تعلق سنڌ جي ذرخيز ۽ خوشحال علائقي دادو سان آهي. جتي علامه آءِ آءِ قاضي کان ڊاڪٽر خان محمد پنهور تائين جهڙين عظيم شخصيتن جنم ورتو، جنهن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۽ هن وقت ضلع ڄامشورو ۾ شامل ڳوٺ آراضي ۾ 8 سيپٽمبر 1964ع تي هڪ غريب ۽ محنت ڪش گهر ۾ جنم وٺندڙ عبدالمجيد پنهور جي تربيت سندس ڀاء ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڪئي. جنهن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبو قائم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. عبدالمجيد پنهور جي بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول مان ٿي. انٽرميڊيٽ دادو ڊگري ڪاليج مان ڪئي. ۽ گريجوئيشن ڪامرس ۽ ماسٽرس ماس ڪميونيڪيشن ۽ اقتصاديات سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ صحافت جي شعبي سان وابسته رهيو آهي. اٽڪل 12 سالن کان وڌيڪ عرصو صحافت سان سلهاڙيل هجڻ کان پوءِ 1995ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾PRO”“ پبلڪ رليشن آفيسر رهيو جتي هن 12 سالن کان وڌيڪ عرصو پي آر او“PRO” طور ڪم ڪيو، پي آر او دوران ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان وقت جي وائس چانسلر مظهرالحق صديقي جي ماتحتي ۾ ڪم ڪرڻ کي هو پنهنجي خوشبختي سمجهي ٿو. بقول سندس هن کي مظهر الحق صديقي صاحب سان ڪم ڪرڻ جي وڏي خواهش هئي. اهڙي طرح
هن ان کان پوءِ اسسٽنٽ رجسٽرار، ڊپٽي رجسٽرار،اڪيڊمڪ ٽيچنگ سيڪشن، اڪيڊمڪ سيڪشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊميشن طور ڪم ڪيو آهي. عبدالمجيد پنهور تمام سادو پر سندس چهري تي سدائين سنجيدگي نظر ايندي آهي. هو پنهنجي ڪم کان مطمئن نظر ايندو پر ان کان وڌيڪ بهتري لاءِ هميشه بي قرار پڻ ۽ انتهائي سادو ۽ کرو ڳالهائيندر ۽ سٺا ڪپڙا پهريندڙ ، سٺا ڪتاب پڙهڻ ۽ روزاني اخبارون پڙهڻ ۽ خبرون ٻڌڻ سندس خصلتون آهن. هو پين رکڻ ۽ وٺڻ جو شوقين آهي. پنهنجي محسنن ۽ دوستن کي هميشه ياد رکڻ سندس خوبي آهي. پنهنجي سينئرس ۽ بزرگن جو احترام ڪرڻ سندس اهم گڻ آهن. هن جي موجب سکڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان ۾ سکڻ جي به سکيا ۽ تڙپ هجي. سنڌ يونيورسٽي ۾ رهائش ۽ نوڪري ڪرڻ کي هو اعزاز سمجهي ٿو. هن جي نظر ۾ هر انسان کي پنهنجي حصي جو ڪم پوري ايمانداري سان ڪرڻ گهرجي. هر انسان کي تعليم جو حق هئڻ گهرجي.عبدالمجيد پنهور جي نزديڪ ايمانداري ۽ محنت سان ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي.کيس ٻه پٽ راول ۽ خان محمد ۽ سندس وني ثمينه ميمڻ پڻ سنڌ ادبي بورڊ مان جاري ٿيندڙ تاريخي، تحقيقي ٽه ماهي”مهراڻ“رسالي جي ايڊيٽر آهي. رشتن کي سنڀالڻ ۽ انهن کي نڀائڻ تي هن کي يقين آهي. نوڪري واري وقت کان پوءِ باقي وقت گهر کي ڏيڻ پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿو. هو ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندو آهي، ٻين جون تڪليفون ۽ ڏک دور ڪرڻ کي ترجيع ڏئي ٿو. هو روزاني واڪ ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ، هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائڻ خاص طور پينٽ شرٽ پائڻ ۽ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ هن کي پسند آهن. هو پنهنجي ٻارن جي هر جائز فرمائش کي اوليت ڏيندو آهي. پنهنجي عزيزن رشتيدارن ۽ دوستن وٽ وڃڻ انهن سان ملي خوشي محسوس ڪندو آهي.هن کي اتساهه آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ هر شعبو ايئن ڪم ڪري جو ٻيا ڏسڻ اچن.ته هتي ڪهڙي نموني ماڻهو خدمتون سر انجام ڏين ٿا. ايڊميشن شعبي ۾ آيل بهترين ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿيندڙ ساٿين کي داد ڏئي ٿو. بقول هن جي ته هڪ ماڻهو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي. پر ساڻس ڪم ڪندڙ ساٿي ورڪر، آفيسر هجن يا ڪمپيوٽر پروگرامر هجن يا ننڍو اسٽاف هجي، انهن جي به ان بهتري ۾ محنت شامل هجي ٿي. هو پنهنجو انتظاميا تي نه صرف خوش آهي، پر پنهنجي هر وائيس چانسلر، ٽيڪنيڪل ڪميٽين ۽ ايڊميشن ڪميٽين جو به ٿورائتو آهي جن جي منظوري ۽ مدد کان سواءِ آيل بهتريون ناممڪن هيون. بقول هن جي ته هن کي مظهرالحق صديقي، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي، محمد صالح راڄڙ ۽ محمد عثمان منگي جي ڪم هن کي متاثر ڪيو.
#Majeed Panhwar#
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh .
Comments
Post a Comment