بجلي ۽ عوام سان ٿيندڙ ويڌن. گيانچند
Observe proper para
گيانچند M.A (PREVIOUS2K18-10)
آرٽيڪل:- بجلي جا مسئلا ۽ عوام سان ٿيندڙ ويڌن.
بجلي هڪ انساني زندگي ۾ عطا ٿيل هڪ وڏي نعمت آهي جنهن جي استعمال سان انسان پنهنجا ڪيترائي مشڪل ڪم تمام آساني سان ڪري سگهي ٿو بجلي جو ڪردار انسان جي زندگي جي لاءِ اهم ٿي ويو آهي. .جنهن ۾ انسان پنهنجي سهولتن کي مدنظر رکندي ڏٺو وڃي ته هن ۾ ڪيترائي بي مثال فائدا آهن. جيڪڏهن اهي سهولتون اوهان جي زندگي مان گھٽ ڪري ڇڏجن يقيننا اها زندگي آزار بڻجي ويندي ائين ئي تازو سنڌ ۾ وڌندڙ بجلي جو بحران هڪ موذي مرض وانگر جڪڙجي ويو آهي جنهن جي لاءِ پوري سنڌ ۾ ٻڙڌڪ مچيو پيو آهي. مختلف شهرن ۾ بجلي جي بحران جي ڪري شهري توڙي ٻهراڙي وارا تمام گهڻا پريشان آهن جنهن جي ڪري مختلف شهرن ۾ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا هڻڻ پريس ڪلب تي احتجاج ڪرڻ اهو روز جو معمول بڻيل آهي بجلي جي نه هئڻ جي ڪري عوام ڪيترئي پريشان آهي جئين ته انسان جو هر ڪم بجلي سان لاڳاپيل آهي بجلي جي صحيح نه هئڻ جي ڪري مختلف اداره تباهي جا شڪار بڻيل آهن.ڪيترائي ڪارخانا پڻ بند آهن جنهن جو سبب هڪ آزار بڻيل بجلي جو بحران آهي. اڄڪلهه ڏٺو وڃي ٿو ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي جي اچانڪ اچڻ ۽ وڃڻ جي ڪري مختلف اليڪٽرانڪ شين جو نقصان ٿي رهيو آهي جيئن ته اچانڪ بجلي اچڻ سان فرج جو سڙڻ يا ٽيلويزن جو سڙڻ ۽ اهڙين ٻين مختلفن شين جو سڙڻ عام آهي غريب عوام محنت مزدوري ڪري جڏهن گهر داخل ٿيندا آهن ته بجلي جو نه هئڻ جي ڪري ننڊون حرام ٿي وينديون آهن ۽ انهن کي اهڙيون سهولتون نه ملڻ جي ڪري تمام گهڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيئن ته انساني زندگي ۾ جيئاپي جي لاءِ پاڻي جو اهم ڪردار آهي پر افسوس جي ڳالهه هڪ هي آهي ته هن وقت موجوده صورتحال کي نظر رکندي بجلي جي نه هئڻ جي ڪري گهرن ۾ پاڻي جو پڻ بحران ٿي ويو آهي ۽ اسان جون آباد ٿيندڙ زرعي زمينون پاڻي نه هئڻ جي بنجر بڻجي رهيون آهن لڳل ٽيوب ويل بجلي نه هئڻ جي ڪري مهانگي اگهه تي ڊيزل خريد ڪري زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچايو پيو وڃي جڏهن ته غريب ۽ مسڪين عوام کي به بجلي جا ڳرا بل موڪلي غريبن جي زندگي جئيڻ جنجال ڪري ڇڏي آهي.۽ تعليمي ادارن ۾ به بجلي جي نه هئڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ اسڪول ۾ موجود ٿڌي پاڻي جون مشينون ۽ فلٽر ٿيل پاڻي به خراب ٿيڻ لڳو آهي جنهن جي پيئڻ سان ٻارن ۾ مختلف بيماريون ٿيڻ لڳيون آهن جنهن ۾ مدي جو بخار ، آنڊي جي سوڄ ، پيچش ۽ پٿري جو ٿيڻ عام آهي. ۽ اڪثر بجلي جو نه هئڻ ڪري بئنڪن ۾ تمام گهڻي پريشاني نظر ايندي آهي جئين ته بئنڪن ۾ موجود آن لائين ٽرانزيڪشن جو به بجلي جي نه هئڻ جي ڪري مسئلا درپيش ايندا آهن ٻاهر بيٺل عوام سڄو ڏينهن بئنڪن اڳيان قطار ٺاهي بيهندي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها هوندي آهي ته اچانڪ بجلي جي وڃڻ جي ڪري ڪيترائي ٻيا ڪم پڻ رڪاوٽ جو شڪار بڻجي ويندا آهن ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته صحت جا اداره يا اسپتالون پڻ بجلي جي نه هئڻ جي ڪري تمام گهڻا مونجهاري جا شڪار بڻيل هوندا آهن ڇوته بجلي جي هئڻ سان انساني زندگي سان واسطو رکندڙ مختلف اليڪٽرونڪ مشينن کي ڊاڪٽر استعمال ڪري تمام گهڻين مريضن کي موت جي شڪار ٿيڻ کان بچائيندا آهن ۽ موجود ميڊيڪل اسٽورن تي پيل دوائون جيڪي درجه حرارت ۾ رکيون وينديون آهن ان کي به خراب ٿيڻ کان بچايو ويندو آهي. ملڪ جي اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه هئڻ جي برابر هئي پر جئين جئين آبادي وڌندي پئي وڃي تيئن تئين بجلي جو بحران به وڌندو پيو وڃي بجلي جو بحران ته الائي ڪڏهن ختم ٿيندو پر هن وقت عوام تمام گھڻي آزار ۾ اچي وئي آهي.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment