سنجيده طبيت جو مالڪ ڊاڪٽر منيرالدين سومرو
سنجيده طبيت جو مالڪ ڊاڪٽر منيرالدين سومرو
اسماء چنه_بي ايس_21
سنڌ جي ٻين ڇوڪرن جيان پنهنجي تعليم جي شروعات پنهنجي اباڻي شھر جي
اسڪول مان ڪندڙ ڊاڪٽر منيرالدين سومري ڪوٽڙي شهر جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺ نانگولين ۾ 21 مارچ 1963 تي جنم ورتو. پاڻ شريف, ايماندار ۽ غريب خاندان سان
تعلق رکن ٿا سندس والد سندن جياپي ۾ انهن جو وڌيڪ ساٿ نڀائي نه سگهيا هئا ته
پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ وڏو صدمو پهتو پر سندن ماء توڙي وڏي ڀاء ڪڏهن به پيء جي
غير موجودگي جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. ڊاڪٽر صاحب جي والده اڻپڙهيل هجڻ جي باوجود سٺي
تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي .
ٻارهين درجي جو امتحان مسلم ڪاليج مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي
رجحان کي وڌايو. پنهنجي ٻالڪپڻ واري مرحلي کان وٺي صرف علم جي اڪ اجهائڻ خاطر
جاکوڙيندڙ ھن شخص پنهنجي ماسٽرس جو امتحان ڪامرس شعبي مان 1986 ۾ پاس ڪيو . ڊاڪٽر
منيرالدين جو بنيادي مقصد ايم بي اي ڪرڻ هو پر سندس ان وقت جو ڊائريڪٽر محمديعقوب
انصاري ڪامرس جي ٽيچر ٿيڻ جو احساس ڏياريندو هو. پنهنجي هوشياري, هونهاري توڙي
باوقار محنت سان ٽي سلور ميڊل پڻ پنهنجي نالي ڪيا.
ڊاڪٽر منيرالدين سومرو کي پنهنجي جواني واري عمر ۾ جيون ساٿي ملي ويو.
پاڻ 21 سال جي عمر ۾ پنهنجي خاندان ۾ ئي شادي ڪئي.ننڍي عمر ۾ جيون ساٿي جو ملڻ
ڊاڪٽر صاحب لاء تمام گهڻو ڪارآمد ثابت ٿيو .سندن شادي کان پوء ٿيندڙ پي ايچ ڊي
واري سفر ۾ پاڻ پنهنجي گهر واري جي ڪيل هر مدد کان تمام گهڻو فائدو ورتو ڊگري جي
دوران راتين جون راتون مون سان گڏ جاڳڻ توڙي هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏئي اهم ڪردار ادا
ڪيو آهي. ڊاڪٽر منيرالدين شادي کان پوء احساس ذميداري واري زندگي بصر ڪندي
يونيورسٽي مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوء سترهين گريڊ جي نوڪري کان
نوازيو ويو. جيئن ته پنهنجو تعلق وچين طبقي جي گهراڻي سان هو ته اها نوڪري نه صرف
پنهنجي گهر وارن بلڪه سموري خاندان لاء فخر جي ڳالھ هئي .
نرم مزاجي سان گڏوگڏ هر هڪ سان خوش اخلاقي ۽ خوش اخلاق طبيعت ۾
ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر منيرالدين هن وقت آئي بي اي ۽ ڪامرس شعبي ۾ ڊين جي حيثيت طور
فرائض سرانجام ڏيڻ ۾ مشغول آهن. پنهنجي شريفاڻي ۽ سادگي واري مزاج عيوض پاڻ هن وقت
ڪامرس شعبي ۾ ئي مورننگ توڙي ايونينگ جا ڪلاس پڻ وٺندا آهن . ڊاڪٽر منيرالدين جو
مقصد علم جي اڪ کي اجهائڻ رهيو آهي . اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڊاڪٽر منير هن وقت تائين
پنهنجن شاگردن کي نهايت محسن ۽ شفيق طريقي سان تعليم ڏانهن گامزن ڪري رهيا آهن ,
پاڻ شاگردن کي پڙهائڻ ۾ ڪڏهن عار ناهي سمجهيو. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر منيرالدين سومرو
سنڌ يونيورسٽي جي پيٽرول پمپس ۽ سي اين جي جو انچارج پڻ آھن .
پنهنجي استادن پاران مليل ورثي کي ورجهائيندي پاڻ اڄ ڏينهن تائين شعبي
۾ ڪلاس وٺڻ ۾ چاه رکن ٿا. ڊاڪٽر منيرالدين صاحب هميشه پنهنجي پهرين ترجيح ڪتاب کي
ڏني آهي اهو ئي سبب آهي جو انهن جي محنت ۾ مشقت دنيا آڏو ظاهر آهي. ڊين هجڻ ناتي
پنهنجي 28 سالن جي تجربي مطابق اهي هر شاگرد جي محنت کي ساراهن ٿا.
ڊاڪٽر منيرالدين سومرو اڄ ڪلھ ترقي يافته دنيا ۾ ڪيتري عرصي تائين سوشل
ميڊيا کان پري رهيا آهن . جڏهن ته هاڻي ڪجھ وقت کان اداري جي بدولت سوشل ميڊيا کي
وقت ڏيئڻو ٿو پوي. تعليم جي جاکوڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ پنهنجي مقرر وقت تي ڪلاس
وٺن ٿا ڇاڪاڻ جو پنهنجي هڪ ڪلاڪ کي نه پر شاگردن جي 100 ڪلاڪن کي وڌيڪ ترجيح ڏين
ٿا.ڊاڪٽر منيرالدين پنهنجي شاگردن کي هميشه نصيحت ڪندا رهندا آھن ته هر ڪنهن کي حق
آهي ته اڳتي وڌي پنهنجي دلين ۾ علم جي محبت پيدا ڪري محنت ڪن , ڇاڪاڻ جو محبت ۽
محنت ۾ صرف هڪ ئي نقطي جو فرق آهي.
#AsmaChanna, #Profile, #DrMuneerSoomro.Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment