ڪاڇي جون بنجر بڻيل زمينون
Referred back. add atleast 150 words. Quotes reports give specific figures and info. File again till August 20
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
وحيد مصطفيٰ (M.A Previous 39/ 2k18)
آرٽيڪل:-
دادو جي علائقي ڪاڇي جون بنجر بڻيل زمينون
هوئين ته سنڌ ڪيترن ئي
مسئلن جي ور چڙهيل آهي، پر سڀني مسئلن کان وڌيڪ اهم ۽ وڏو مسئلو بڻيل پاڻي جي کوٽ
آهي، پاڻي کانسواءِ زندگي جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي. ڌرتي تي سڀني ساهواري جيوت لاءِ
پاڻي ضروري آهي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ زراعت جو وڏو حصو آهي وقت سان
جيئن جئين پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي تئين ئي زراعت وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. صدين جيڏو
سچ ته اهو به آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻي کان سواءِ انسان جو جياپو ممڪن ئي ناهي.
زراعت جو بنياد آهي. ڪاڇي جي ذراعت سنڌ جي اندرمشھور رهي آھي. جنهن سبب دادو جا ماڻهو
خوشحال ۽ آسودا تصور ڪيا ويندا آهن. پر جڏهن کان سنڌ اندر پاڻي جي گهٽجڻ سبب ڪاڇي
جي زمينون تباهي جي ڪناري تي اچي ويون آهن ۽ ڪاڇو جيڪو پنهنجي ساوڪ جي سونهن سان
هريالو هو اهو هئينر پاڻي جي کوٽ سبب سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪاڇي ۾ مختلف
ڀاڄيون جيئن بصر، ٽماٽر، ڀينڊي، واڱڻ ، مرچ، گوبي ۽ فصلن ۾ چانور ، ڪڻڪ، جاوار،
مڱ، دال، چڻا، تمام گهڻو مشهور فصل ڪوٺيو ويندا آهن چانور جيڪي ملڪ جي مختلف جاين
تي پڻ هتان کان ويندا آهن. جيئن ته هاڻي پاڻي جي نه هجڻ ڪري فصل ۽ ڀاڄيون ختم ٿيڻ
لڳيون ۽ ڪمائڻ جا ذريعا پڻ ختم ٿيڻ لڳا آهن ڇاڪاڻ ته جڏهن زمينن تائين پاڻي ئي نه
پهچندو ته فصلن کي نقصان رسندو جنهن جي ڪري هاري تمام سخت پريشاني جو شڪار آهن ۽ جيئن ته مڪمل پاڻي جو پڻ حق حاصل نه آهي. ٻئي
پاسي برساتن جو نه پوڻ پڻ ڪاڇو هڪ ريگستان ٿيڻ لڳو آهي، ان سان گڏوگڏ فصلن جي آبادي جو دارومدار به پاڻي
تي ئي هوندو آهي، پر پاڻي جي نه هجڻ سان زمينون بنجر بڻجي ويون آهن تنهن جي ڪري
زمينون تي پاڻي نه پهچڻ تي ڪاڇي جي هارين جون مرڪون غائب ٿي ويون آهن۽ گهرن جا
چلها پڻ وسامي ويا آهن. بيروزگاري سبب پنهنجو اباڻو ڪم چڏي شهرن ڏانهن مزدوري ڪرڻ
لڳا آهن. ڪيئن اسان جي ماروئڙن جيءُ ۾اهي ڏينهن وري موٽندا ته
هو خوشحالي واري ندگي جيئندا.پر زمينون غير آباد ٿيڻ لڳيون ته معيشت کي به تمام گهڻو نقصان
رسندو. پاڻي تي جلد تمام گهڻا اهم اپاءُ ورتا وڃنن آهي جيڪڏهن پاڻي تي جلد سر اهم
اپاءُ نه ورتا ويا ته ائين ئي زمينون بنجر بڻجي وينديون پوءِ ان سان گڏوگڏ اتان جي
عوام جي جئيڻ به مشڪل ٿي ويندو. پوءِ هاري به پنهنجي علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ شروع
ڪندا جيڪڏهن پاڻي جو مڪمل حصو ڏنو ويندو ته زمينون آباد ٿي ڪري وري ڪاڇو هڪ خوشحال
ٿي ويندو ۽ فصل آباد ٿيندا ته هارين جو روزگار پڻ بهتر ٿي سگهندو.
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment