شاهراهه سنڌ


شاهراهه سنڌ (Indus Highway)
بلاول پنهور-آرٽيڪل-سنڌي-بي ايس پارٽ 3- رول نمبر 2K16-MC-25
شاهراهه يا روڊ رستا شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻ وسندين کي ملائڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن جنهن ذريعي آمدرفت ذريعي انهن شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ترقي ٿيندي آهي ۽ انهن ۾ سڌارا ايندا آهن، نه صرف ڊولپمينٽ ٿيندي آهي پر انهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ واپار کي به هٿي ملندي آهي. ان کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي اتر ۽ ڏکڻ کي ملائڻ لاءِ حڪومت ڪراچي کي پشاور سان ملائڻ لاءِ انڊس هاءِ وي جنهن کي شاهراهه سنڌ، قومي شاهراهه جي نالن سان به سڃاتو ويندو آهي، ان کي ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو.
انڊس هاءِ وي جنهن جي لفظي معنيٰ انڊس جنهن جو مطلب سنڌو ۽ هاءِ وي يعني رستو آهي. انڊس هاءِ وي جيڪو 1264 ڪلوميٽر جو ڊگهو قومي شاهراهه جيڪو ملڪ جي ڏکڻ ڪراچي کان شروع ٿيندو اتر ڊيرا غازي کان ٿيندو پشاور تائين پهچي ٿو. جيڪو پاڪستان جو ٻيو وڏو قومي شاهراهه آهي. هن شاهراهه جو اهو نالو ان ڪري به رکيو ويو ته اهو رستو سنڌو درياءَ ساڄي پاسي سان گڏوگڏ ٺاهيو ويو آهي. هي شاهراهه جيڪو پاڪستان جي ٻن صوبن جي مختلف شهرن، ڳوٺن، واهڻ وسندين مان گذري ٿو. جيڪو نه صرف هڪ رستي طور پر اتي واپار ڪرڻ ۾ سهولت، روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن، ان سان گڏوگڏ ٻيون ڪافي شين جي به ان رستي ذريعي مٽاسٽا ٿئي ٿي جنهن ۾ ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي شامل آهي. هي شاهراهه جيڪو ٻن صوبن کي ملائيندڙ گهٽ مفاصلو طيء ڪندڙ شاهراهه جنهن تي هيوي ٽريفڪ لاءِ ٺاهيو ويو، جنهن سان سنڌ جي اولهه واري پاسي کي ترقي وٺرائڻ پڻ هو. هن شاهراهه ٺاهڻ جو اهو به مقصد هو ته قومي شاهراهه تي ٿيندڙ ٽريفڪ کي گهٽ ڪيو وڃي.
انڊس هاءِ وي جيڪو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران 1980ع ۾ تيار ڪرڻ لاءِ پرپوزل تيار ڪيو ويو،  جنهن جو ڪم 1981ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن کي اين_55 نالو رکيو ويو. هي شاهراهه ڪراچي کان شروع ٿيندو ملير، ڪوهستان، ڪوٽڙي، ڄامشورو، مانجهند، سن، آمري سيوهڻ، ميهڙ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور جيڪو سنڌ جي پاسي جڏهن ته راجنپور، ڊيرا غازي خان، تونساشريف، ڊيرا اسماعيل خان، لڪي مروت، ڪرڪ ۽ ڊيرا آدم خيل کان ٿيندو پشاور تائين پهچي ٿو جيڪو خيبرپختونخواهه واري پاسي اچي وڃن ٿا.
هن قومي شاهراهه ذريعي مختلف علائقا ڳنڍيل آهن جنهن ذريعي مختلف شين جو واپار ٿئي ٿو جنهن ۾ ڪڻڪ، ڪمند، چانور، ڪپهه، چڻن سميت مختلف شيون شامل آهن، جنهن سان سموري شاهراهه تي آباد ماڻهن جو گذرسفر ان ئي شاهراهه تي آهي. هن شاهراهه ذريعي تي وڏيون پلون به تعمير ڪيون ويون آهن جنهن  جو آمري کان قاضي احمد کي ملائيندڙ پل سميت دادو کان مورو، لاڙڪاڻو_خيرپور  واريون پلون شامل آهن.
هن شاهراهه تي بئراج پڻ ملن ٿا جنهن ۾ غلام محمد بئراج جنهن کي ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج جا نالا پڻ شامل آهن.
هن وقت هن شاهراهه کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي مونصوبي جنهن کي چائنا_پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، اڳ هن شاهراهه ذريعي ملڪ اندر شهرن، ڳوٺن کي ملائي اتان جي واپار، روزگار ۽ ٻين شين کي اڳتي آندو ويو هو پر هاڻي ان منصوبي ذريعي چائنا سميت دنيا جا ٻيا ملڪ پڻ هتي ڪاروبار، واپار ۽ صنعت کي اڳڀرائي ملندي جنهن سان ملڪ سميت جتان جتان هي رستو گزرندو اتي اتي ترقي ملندي، جنهن سان ماڻهو اڳتي ايندا ۽ ڪافي سارا سڌارا پڻ ايندا. ان ڪري سمورن ماڻهن کي گهرجي ته ان روڊ ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.  
  Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh  

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Dr Aziz Talpur Profile

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3