منرل واٽر جي بوتلن مان جان ڇڏايو _ شهر بانو نظاماڻي
منرل واٽر جي بوتلن مان جان ڇڏايو _ شهر بانو نظاماڻي_بي ايس 98
جيئن ته پاڻ سڀني کي خبر آھي ته پاڻي انسان توڙي انھي ھر شئ لاءِ ضروري آھي جنھن جو وجود ساھ جھڙي نعمت سان ڳنڊيل آھي پاڻي کان سواءِ جاندار ائين آھن جيئن روح کان سواءِ جسم. ان ڪري ھر جاندار جي زندگي ۾ پاڻي جي وڏي اھميت آھي پاڻي جو استعمال پيئنڻ کان وٺي ھر انھي شئ ۾ ڪيو وڃي ٿو جنهن جو تعلق انسان ذات سان آھي .جيڪڏھن ٻوٽن ڏانھن به نظر ڪئي وڃي ته انھن جي واڌ ويجھ پاڻي کان بغير اڌوري آھي. پکي توڙي مڇيون به پاڻي جون ئي محتاج آھن. دنيا جيڪا 71 فيصد پاڻي سان ڀريل آھي صرف 29 فيصد زمين جو حصو آھي. جتي انسان زندگي گذارين ٿا ايترو وڏو حصو ھجڻ جي باوجود به انسان پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن.ڇاڪاڻ جو 71 فيصد پاڻي مان صرف 2.5 فيصد تازو پاڻي آھي ۽ باقي جو 67.5 کارو پاڻي آھي. يعني سمنڊ جو پاڻي جيڪو پيئڻ جي قابل نه آھي.
پاڪستان جيڪو آبادي جي لحاظ کان دنيا جوڇهون وڏو ملڪ آھي ان ۾ رھندڙ 22 ڪروڙ عوام پاڻي جھڙي بنيادي ضرورت کان محروم آھي ، جيڪڏھن پاڻي جي موجودگي آھي به صحيح پوءِ به ان جو معياربهتر نه آھي . ھڪ رپورٽ جي مطابق پاڪستان انھئ 10 ملڪن جي فھرست ۾ 9 نمبر تي آھي . جنھن ۾ پاڻي پيئڻ جوڳو نه آھي ، گندي پاڻي ھئڻ سبب ملڪ جو مٿانھون طبقو منرل واٽر جو انتخاب ڪري ٿو ۽ پنھنجي صحت کي بھتر بڻائي ٿو.ھڪ ٻي رپورٽ جي مطابق اھو بزنس 50 ھزار عيوض ھلائي سگھجي ٿو ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ فلٽر پلانٽ 6000 گيلن پاڻي صاف ڪري ٿو. جنھن مطابق روزانو 20000 کان 42000 بچت ٿي سگھي ٿي ، ان وقت 300 کان وڌيڪ منرل واٽر جو ڪمپنيون پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ پنهنجو ڪاروباري نظام ھلائي رھيون آھن، جنھن مان 111 ڪمپنين جي جاچ ڪئي وئي آھي انھي جانچ جي مطابق 89 ڪمپنيون اھڙيون آھن جنهن جو پاڻي انساني زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو .
ملڪ ۾ وھندڙ سنڌو درياءِ ، راوي ، بياس، جھلم ، ستلج ءِ چناب ءِ ٻين به ڪيترين ئي دريائن جي ھجڻ جي باوجود اڄ به ملڪ جي 2 ڪروڙ 20 لک عوام گندي پاڻي پيئڻ تي مجبور آھي .ڇا غريب عوام جي لاءِ زندگي انمول تحفو نه آھي؟ انھن جي صحت جو زميدار ڪير ٿيندو؟ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا آخر ڪيس تائين ملڪ جو ھيٺيون طبقو غربت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رھندو ۽ ڪڏھن انھن کي پاڻي جھڙي بنيادي سھولت ميسر ڪئي ويندي.پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جو بنياد 1964 ۾ رکيو ويو جنھن جو مقصد ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي جانچ پڙتال ڪرڻ آھي. قديمي اداري ھجڻ جي باوجود به پاڻي جو مسئلو وڌنڌو پيو وڃي ۽ عوام کي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي.
انڪري حڪومت کي گھرجي ته اداري تي ڪڙي نظر رکي ڇاڪاڻ جو اھو پنھنجو فرض صحيح انجام ڏين ۽ ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي پاڻي جهڙي نعمت سان نوازيو وڃي.
Shaher Bano Nizamani
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment