معاشري ۾ پيش ايندڙ مسئلا ۽ انھن جو حل _رضوان علي سومرو

Is this article?
This is an essay, not article. See what outline of the topic was approved.
Re-write accordingly. referred back.
Its also short, 600 plus words are required.
Observe proper praragraphing
 معاشري ۾ پيش ايندڙ مسئلا ۽ انھن جو حل
 _رضوان علي سومرو_بي ايس 86
Rizwan Ali Soomro
انساني سماج جي آسودگي فطري وسيلن جي برابر ورھاست سان لاڳاپيل آھي ۽ فطري وسيلن کي انساني وسيلن سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿو انسان فطرت طرفان مليل لاڀ کي پرائي ان جو برابر استعمال ڪري سماج جي اوسر ڪري سگھي ٿو پر ھتي اھو سمجھڻ ضروري آھي تہ سماجي اوسر فطري وسيلن سان گڏ انساني وسيلن جي توازن جي بہ محتاج آھي ھوا پاڻي روشني زمين گل ٻوٽا ميوات معدنيات ۽ فطري طرفان مليل انيڪ شيون ھر انسان لاء برابر ميسر ٿيل آھن پر ڪيڏي نہ عجيب ڳالھ آھي تہ انسان جو انھي ھوندي کي برابري جي بنيادي تي حاصل ۽ استعمال
ڪرڻ جو خواب اڃا تائين اڌورو آھي انسان جون صلاحيتون بہ فطرت طرفان مليل استعداد ۽ ماحول منجھان ئي نڪري نروار ٿينديون آھن انسان جي مزاج تي زرخيز وارياسي پھاڙي ۽ ميداني زمين الڳ الڳ اثر انداز ٿئي ٿي ۽ دنيا جون سرد توڙي گرم موسمون پڻ ماڻھن جي سڀاء ٿي مختلف تاثر وھارين ٿيون ماحولياتي اثر ماڻھن جي سوچ دسمجھہ ۽ جسماني صلاحيتن کي ھڪ ٻئي کان علحدہ ڪريو بيھارين ايئن چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ فطرت ھر ماڻھوء جو جينياتي نقشو سندن جاگرافيائي حالتن ۽ ماحول کي نظر ۾ رکندي جوڙي ٿي ۽ کين رنگ نسل قد بت سوچ سمجھہ ۽ عقل جي امتيازي صلاحيت ۾ ورھائي ٿي اھو ئي سبب آھي جو ھر انسان ٻئي انسان کان ھر طرح جي صلاحيت سوچ طبيعت ۽ مزاج ۾ مختلف ھجي ٿو جنھن ڪري انسان فطرت طرفان مليل آسائش برابري سان حاصل ڪرڻ کان قاصر ھوندي آھي ڪنھن طاقتور ۽ عقلمند فرد جي مقابلي ۾ ننڍو ٻار پوڙھو ماڻھو ۽ ڪمزور عورت يا گھٽ سمجھہ رکندڙ فرد برابر ميسر ٿيل فطرت جي موڙي ء کي پاڻ تائين سانڍڻ يا استعمال ڪرڻ کان لاچار ھوندا آھن جنھن ڪري ڪمزور ۽ بي صلاحيت ماڻھو ھميشہ طاقتور باصلاحيت يا سوجھہ ٻوجھہ رکندڙ ماڻھوء جو محتاج رھندو آھي انفرادي فرد پاڻ ۾ ملي ھڪ سماج جوڙيندا آھن ان سماج جا انفراديت کان اجتماعيت ڏانھن ويندڙ رويہ برابري واري معاشري جو بنياد وجھندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ سندن سرحدون وسيع عريض ۽ سماجي اڻبرابري جون لڪيريون مڌم  ٿينديون وينديون آھن ننڍي ۽ محدود سوچ اڻبرابري کي جنم ڏيندي آھي جنھن سان انفراديت جنم وٺندي آھي اھڙين حالتن ۾ سماج انارڪي جو شڪار ٿي پنھنجا وسيلا پاڻ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي ۽ سماج جو ھر
ھڪ فرد بي يقيني ۽ بي اعتباري جو نمونو بنجي ويندو آھي اھو سماج بہ جيڪو انساني وسيلن جي برابر اوسر ڪرڻ ۾ ناانصافي ڪري ٿو يا جيڪو سماج قوميت جنس رنگ نسل ۽ مذھب کي جواز ڄاڻائي وسيلن جي ورھاست ۾
اڻبرابريء جو ٻج ڇٽي ٿو يقين ڄاڻو تہ اھو سماج ڪڏھن بہ استحڪام نہ ٿو ماڻي سگھي فظري صلاحيت ۽ موافق ماحول سان جڙيل فرد کي اڳيان نڪري جا وڌيڪ موقعا ميسر ٿين ٿا جڏھن تہ گندا ذھن ۽ سازگار حالت نہ ملندڙ شخص جي مستقبل ٺھڻ جا امڪان ٿورا ٿين ٿا استحصالي قوتون بہ پنھنجا نوازي ۾ با صلاحيت فردن کي پٺيان رکي نا اھلن کي اڳيان آڻي بيھارين ٿيون اھي قوتون پنھنجن کي وڌيڪ موقعا فراھم ڪن ٿيو ۽ کين اڳيان اچڻ لاء سندن صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿيون ان عمل سان سماج ۾ عدم توازن ۽ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو جنھن سبب عدم استحڪام بي اعتباري ۽ غير يقيني صورتحال جنم وٺي ٿي ان جي نتيجي ۾ ھر ڪو اڳيان جي ڊوڙ ۾ جٽيو وڃي ۽ پوء جائز ناجائز سڀ ڪجھ ھڪ ٿيو وڃي  سماج اندر انساني ۽ فطري وسيلن جي برابري سان ورچ جو سدائين کان مسئلو رھيو آھي ڇاڪاڻ تہ انسان جي سماجي اوسر جو سفر بي يقيني کان شروع ٿي اعتبار تي مڪمل ٿئي ٿو ھتي اھو سمجھڻو پوندو تہ پئسو پاڻ ضرورت نہ آھي پر ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ٽول آھي اھي رياستون جتي پئسو ضرورتن کان علاوہ عزت ۽ وقار حاصل ڪرڻ جو بہ ذريعو بنجي ويندو آھي اتي انصاف جو حصول بہ رقم سان منسلڪ ٿي ويندو آھي پر جتي انصاف جو محور مضبوط ھوندو آھي اتي پئسي جي اھميت ۽ حيثيت ازخود پنھنجو وجود وڃائي ويھندي آھي سماجي برابري ۽انصاف سان ھر ڪو يقيني صورتحال ۽ حال توڙي ايندڙ وقت ۾ پنھنجو پاڻ کي محفوظ سمجھندو آھي برابري جي اصولن سان جڙيل معاشرو ناڻي جي اھميت کان بالاتر ٿي سو چيندو ۽ پنھنجي زندگي گذاريندو آھي سراسري جا موقعا فراھم ڪرڻ عزت نفس جي ھمت افزائي ذھين ۽ طاقتور کي سماج ۾ پنھنجو مقام ٺاھڻ جا موقعا غلط عمل ڪندڙ جي مناسب سرزنش اھڙا عمل آھن جيڪي دولت جي برابر ورھاست واري اھميت کي زائل ڪن ٿا اسان کي اھو سمجھڻو پوندو تہ سوچ ۽ صلاحيتن جي اڻبرابري جو پورائو دولت جي برابر ورڇ سان مڪمل ڪرڻ ناممڪن آھي موقعن ۽ وسيلن جي برابر ورڇ ۽ فراھمي ئي انساني معاشري جي اوسر جو بنياد آھي وڏيرائي سوچ ۽ جنسي توڙي نسلي متڀيد جو تصور پئسي جي برابر ورڇ سان نہ پر سماجي انصاف سان ختم ڪري سگھجي ٿو استحصال غلامي عقيد تمندي ۽ تابعداري جھڙا وريا پئسي جي حصول ۽ آرائشون ڏيڻ سان نہ پر عدل ونياء سان اختتام پذير ٿي سگھن ٿا جنھن ڪري چئي سگھجي ٿو تہ سوسائٽي جو صحتمند بنياد ڪنھن بہ ازم جو گھر جائو نہ پر برابري واري سوچ ۽ انصاف جو حاجتمند آھي  
Rizwan Ali Soomro  
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

Saman- Makeup negative aspects Feature-Urdu-BS#3

Dr Aziz Talpur Profile