فگار جو تخلص ماڻيندڙ شخصيت.ماه نور چنه_Anwar Figar
Anwar Figar Hakro
Mahnoor Channa
Not profile style
فگار جو تخلص ماڻيندڙ شخصيت.
فگار جو تخلص ماڻيندڙ شخصيت.
ماه نور
چنه_بي ايس
سنڌي ادب
توڙي مقالن ۾ هن شخصيت جو ڪردار سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز سان ٻٽي شناخت سان ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو.سندس جياپي جو ڪرادر اسان جي تاريخدانن، شاعري ۽ محققن جي شناسي ڪرڻ
۾ بهترين ثابت ٿيو آهي.تنهن ڪري مون به اهو بهتر سمجهيو ته انهي شخص جي جياپي جي
پرک ڪري قلم جو سهارو وٺندي هن کي سهيڙي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيان.
فگار جو تخلص
ماڻيندڙ انور هڪڙي شڪارپور شهر ۾ 1961 ۾ اک کولي.تعليمي حوالي سان جاکوڙي رهيا
آهن.ابتدائي تعليم سنڌ جي ٻين شخصيتن جيان پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ڪيو.پنهنجي معياري
۽ تعليمي جاگرتائن کي جاري رکندي پنهنجيون سموريون ڊگريون مڪمل ڪيائين.1978 ۾ پاڻ
۾ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري استاد جي عهدي تي مقرر ٿيو.نوڪري دوران
تعليمي سفر کي جاري رکيو ۽ تنوير عباس جي سرپرستي ۾ 1996 ۾ خيرپور يونيورسٽي مان پي
ايڇ ڊي جي ڊگري مڪمل ڪيائين.
ڊگري جي مڪمل
ٿيڻ کانپوء پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ ترجيحون سنڌي ٻولي ڏانهن گامزن ڪيون.جنهن
جو اهم ڪارڻ اهو به هو ته پاڻ ادبيات ۽ شاعري جو تمام گهڻو شوقين رهيا آهن.سائين
پنهنجي ادب ڏانهن وڌندڙ لاڙي متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ادب هڪ اهڙي شيء
آهي جنهن ڏانهن رجحان هڪ ته قدرتي هوندو آهي ٻيو وري سندن تخليقي صلاحيتون ئي انهي
ڏانهن روان ڪنديون آهن. پر گهڻو حد ان ڏانهن رجحان فڪري ۽ لڳاء رکندڙن ماڻهن
جو ٿئي ٿو. منهنجو ته تاريخ ۽ ادب سان ساه
جو سلهڙو سلهاڙيل هو.انهي ادبي ڪاروانن کي اڳتي وڌائيندي هن شاعري، تاريخ، توڙي
مقالن تي محنت ڪئي.هن وقت تائين 152 مقالن کي پنهنجي قلم جي چنب سان سهيڙيو آهي. جنهن
۾ سمنڊ سمايو بوند ۾، وساريو نه وسرن، جي تند برابر توريان، مقالات سرفراز،سنڌي
ٻولي بابت مقالا ۽ ٻيا ڪيترائي مقالا شامل آهن.
انور فگار
هڪڙو جي حياتي جو سفر سنڌ ۾ پهنجي شاعري جي ڌار سڃاڻپ رڪندڙ شاعر شيخ اياز سان
رهيو آهي.شيخ اياز سان گهاريل ڪجهه انمول پلن بابت انور هڪڙي ٻڌايو ته منهنجي سنگت
مان سريلو ساٿ شيخ اياز جو ئي رهيو آهي.شيخ سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هميشه
چوندو هئيس ته ڪجهه شاعري ٻڌاء يا ڪجهه منهنجي باري ۾ لک، اياز صاحب هميشه مسڪرائي
هڪ ئي جواب ڏيندو هو ته انور مون کي منهنجي شاعري جا سمورا ڪتاب ياد آهن پر جڏهن
پنهنجي ڪچهري ٿئي ٿي ته سب ڪجهه وساريو ويهي ٿو رهان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پنهنجي
لکيل مقالن منجهان شيخ اياز تي به ڪيترائي انيڪ مقالا لکي ڇپرايا آهن.جنهن ۾ جنم
جنم جي جيت، شيخ اياز (شخصيت اور فن) ۽ انهن کان علاوه ٻين گهڻن جو شمارو ٿئي
ٿو.پنهنجا لکيل مقالا 73 مختلف ڪانفرنسن ۾ به پڙهي چڪو آهي.
تاريخ،
تحقيق، شاعري توڙي مضمونن سميت انور هڪڙي 06 پي ايڇ ڊي ۽ 02 ايم فل اسڪالرن جي
نگراني به بخوبي ڪئي آهي.سماجي حوالي سان پنهنجو ڪو خاصو ڌيان ناهي رهيو.پاڻ هڪ بي
خوف ۽ انوکو مزاج رکندڙن منجهان آهن.ادب،تعليم سميت حياتي جي سمورين صلاحيتن جي
موٽ ۾ ملندڙ مڃتا ايوارڊ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ پاڻ ٻڌايو ته مونکي ڪڏهن
به ڪنهنجي هٿان پٺي ٿپائڻ جي عادت ناهي پئي، هميشه زندگي ۾ عزت ۽ ڪاميابي جون
راهون ڳوليندو آهيان.
Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media &Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment