ٻارن لاء متعارف ڪرايل مختلف تعليمي ايپس. اسما چنه

ٻارن لاء متعارف ڪرايل مختلف تعليمي ايپس.  اسما چنه_بي ايس _21
Article Asma Channa
ٻاراڻي دور ۾ رياضي جو هر سوال ڏکيو لڳندو هو،ائين محسوس ٿيندو هو ته يار هي سوال ڪڏهن به حل نه ٿي سگهندو.پر ان دور ۾ به هڪ آسان سوال حل ڪرائي سڄي مشق حل ڪرائي ويندي هئي.تڏهن اهو محسوس ٿيندو هو ته رهنمائي ڪنهن به صورت ۾ هجي انسان لاء ڪاميابي جو ڪارڻ ثابت ٿيندي آهي.قديم دور ۾ جتي ٻارن توڙي نوجوانن کي ڪتاب پڙهائي درس ڏنو ويندو هو، اتي ئي اڄ جي جديد دور ۾ تعليمي دنيا ۾ رهنمائي لاء مختلف ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرايون ويون آهن،جيڪي ٽيڪنيڪل آلاتن ۾ جڪڙيل ٻارن لاء لطف اندوزي سان گڏوگڏ تعليمي حوالي سان به ڪارآمد ثابت ٿين ٿيون.
شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڪتاب پڙهڻ ۾ سستي محسوس ڪن ٿا جنهن جو اپاء اهو به آهي ته انهي جي هٿن ۾ موجود موبائيل، آء پيد يا ليپ ٽاپ مان ايپس کولي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي سگهن ٿا.اهو هڪ بهترين طريقو آهي سائنسدانن ۽ اعلي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي ايجاد جو جيڪو راند جيان ٻارن جي زندگي وندر بڻيل آهي. ٻار به دلچسپي سان انهن ايپس  جو حصو بڻيل آهن.
1)ڪلاس دوجو CLASS DOJO
ڪلاس دوجو هڪ مختلف ۽ دلچسپ ايپس مان هڪ آهي جيڪا استادن، شاگردن ۽ والدين جي وچ ۾ هڪ گهرو تعلق قائم ڪري ٿي.شاگرد گهر ويٺي پنهنجي تعليمي معيار کي پورو ڪرڻ لاء استادن جو سهارو وٺي سگهن ٿا.هي ايپس شاگردن کي تعليم سان ڳنڍي رکڻ لاء مفيد ثابت ٿئي ٿي.جنهن سان انهن کي اڳتي وڌڻ ۾ پريشانين کي گهٽ منهن ڏيڻو پوندو.ٻارن جو ذهن تمام نازڪ هوندو آهي جنهن ۾ ڪجهه به ڪهڙي به نموني پورو آڻجي ته آڻي سگهجي ٿو.
2) ڊيولنگو DUOLINGO
بنا ڪنهن معاوضي جي بلڪل مفت ترين ايپس جيان هي ڊيلونگو ايپ جيڪا ٻارن کي تمام آساني سان ٻاهرن ملڪن جون ٻوليون سيکارڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ ٻارن جا پر جوش ذهين مختلف ٻوليون جهڙوڪ جرمني،اٽلي، اسپين، فارسي،انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين کي تمام آساني سان  سمجهي پنهنجي عمل ۾ آڻي سگهن ٿا. سکيا جي بهترين ايپس ۾ ان جو شمارو به ٿئي ٿو.
3)ڪوئيڪ ميٿس  Quick maths
ايپ اسٽور تي موجود هي ڪئيڪ ميٿس واري ايپليڪيشن ٻارن کي ٻئي درجي کان وٺي ڇهين درجي تائين جي رياضي جي حسابن جي بنياد کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.جنهن ۾ نه صرف ٻار پر نوجوان به منجهيل رهندا آهن، انهن کي سمجهڻ بجاء ان ۾ پيا نقص ڪڍندا آهن.
4)ڪراس ورڊ پزل Cross word puzzle
ٻاراڻي سطح تي جيڪڏهن ذهنن جو جائزو ورتو وڃي ته ڪجهه ذهن ذهين ۽ پرجوش جڏهن ته ڪجهه ٻارن جا ذهن غير معمولي هوندا آهن.هن ايپس جو استعمال ڪري هر ٻار پنهنجي پنهنجي صلاحيتن موجب پنهنجي اندر جي صلاحيتن جا ذخيرا کوٽي پنهنجي ايندڙ دور ۾ ڪاميابي جون ڪرڻون ڪنهن نت نئي طريقي سان اجاگر ڪري سگهن ٿا. 
5)اسپيلنگ اسٽيج Spelling stage
تعليمي ڪاروان ۾ هن ايپس جو ڪم اسپيلنگ جي درستگي ڪرڻ آهي، جنهن جي مرض ۾  اڄ ڪلهه جو هر شاگرد  مبتلا آهي.خاص طور تي انگريزي زبان جي اسپيلنگ جي درستگي جي لاء  هن ايپس کي بهتر نموني سان جوڙيو ويو آهي.
6)مائي ماليڪيولريئم My Moleculsrium
هاء اسڪول جي نوجوان شاگرد توڙي شاگردياڻين جي لاء سائنسي توڙي ڪيمسٽري جي ماليڪيولر فارمولا،اسڪيليٽڪل فارمولا ۽ ڪيميڪل فارمولا سيکارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
7)يوٽيوب ڪڊز Youtube kids
قديم دور جا ٻار جسماني طور تي راندين توڙي ٻين سرگرمين ۾ تمام گهڻا چست هوندا هئا، جڏهن ته اڄ جي جديد دور ۾ ٻارڙا يوٽيوب سميت مختلف ويب سائيٽن تي پنهنجا پنهنجا چينل ٺاهي سڄو ڏينهن لطف اندوز ٿين ٿا.يوٽيوب هڪ اهڙو اپيس آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.انهي تان ٻار پنهنجي تعليمي گهرجون آن لائين ليڪچرز ڪڍي توڙي دنيا جي مختلف اسڪالرن جا مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه کي سلهاڙي پنهنجي ذهينن جي خيالاتن جي ڏي وٺ کي مضبوط ڪندا آهن.
تعليمي معيار تي پورو لهڻ لاء ڪتابن کانپوء موبائيل فون سميت ٽيڪنالاجيز به بهترين اپاء آهن.جنهن ۾ مختلف ايپس کي عمل ۾ آڻي ٻارن کي جديد دور ۾ ذهني طور تي سمجهداري ۽ هوشياري سان شامل ڪري سگهجي ٿو.انهن ٻارن کي موبائيل فون کان پري رکڻ بجاء  جديد تعليمي ايپس جو صحيح استعمال سيکارڻ وڌيڪ معني رکي ٿو.

Practical work conducted under supervision of Sir Sohail Sangi 

Comments

Popular posts from this blog

Institute of Arts & Design فائن آرٽس_اقصيٰ نظاماڻي Aqsa Nizamani

BS

Iqra Mallah- Nutrition issue due to poverty